حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
هندن جي اجتماعي شادين جي سالياني تقريب
ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي

مونکي فخر آهي ته هر سال وانگر پاڪستان هندو ڪائونسل جي نگراني هيٺ سالياني اجتماعي شادين واري سلسلي جي يارهين رنگ برنگي تقريب ڪراچي شهر ۾ ڇهه جنوري تي ڪاميابيءَ سان منعقد ڪئي وئي. آئون شڪرگذار آهيان پنهنجي ڪميونٽيءَ وارن جو، انهن جو ڀرپور اعتماد ئي منهنجو اصل سرمايو آهي. تقريب جي انتظامن لاءِ پاڪستان هندو ڪائونسل جي مينيجنگ ڪميٽي جي سڀني ميمبرن، ايڊوائزرن، آبزرورز، يوٿ ٽيم ۽ سيڪريٽري اسٽاف ڏينهن رات محنت ڪئي. غريب نادار هندو جوڙن جي اجتماعي شادين جي تقريب کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ پاڪستان بيت المال، جي ايس بينڪ، سهيل ياسين سميت مختلف فلاحي ادارن ۽ سرنديءَ وارن به پنهنجو ڪردار بخوبي ادا ڪيو. ان حوالي سان پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي به خراجِ تحسين پيش ڪرڻ چاهيندس، جن ڀرپور ڪوريج سان عالمي برادريءَ جي سامهون پاڪستان جو مثبت چهرو آڏو آندو. اڄ پاڪستان هندو ڪائونسل جي مهرباني سان دنيا کي هي واضح پيغام به موڪليو ويو ته محب وطن پاڪستاني هندو ڪميونٽي پاڪستان کي پنهنجي ڌرتي ماتا سمجهي ٿي ۽ پاڪستان جي ترقي ۽ سربلندي جي لاءِ هر قسم جون قربانيون ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هندو اجتماعي شادي تقريب ۾ زندگيءَ جي شعبي جي نمايان شخصيتن شرڪت ثابت ڪري ڇڏيو ته ڪجهه سيڪڙو شدت پسند عنصرن کان علاوه پوري پاڪستاني عوام جي اڪثريت برداشت، تحمل ۽ رواداريءَ تي لاڳاپيل هڪ اهڙو پاڪستاني معاشرو ڏسڻ جي خواهشمند آهي، جنهن جو خواب قائداعظم ۽ تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻن ڏٺو هو. اِهو ئي سبب آهي ته اجتماعي شادين جي مبارڪ موقعي تي پاڪستان جي سلامتي ۽ خوشحالي، علائقائي امن، استحڪام ۽ پوري ملڪ ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خصوصي دعائون به گهريون ويون. منهنجي نظر ۾ اسان جو حب الوطني تي لاڳاپيل عزم پاڪستان جي ٻين اڪثريتي ۽ اقليتي برادرين جي لاءِ به هڪ روشن مثال آهي. آئون سمجهان ٿو ته نئين سال جو آغاز خدا کي خوش ڪرڻ سان ڪيو وڃي ۽ خدا جي ويجهو سڀني کان بهترين ڪم ڪنهن جو گهر آباد ڪرڻ آهي. مونکي نهايت روحاني خوشي محسوس ٿي رهي آهي ته آئون خدا جي فضل و ڪرم سان گذريل ڏهاڪي کان هڪ نه، ٻه نه پر گڏيل طور تي 11 سئو گهر آباد ڪرڻ جي قابل ٿيو آهيان. هر سال پرڻو ڪندڙ ڪنوارن کي زندگيءَ جو نئون سفر شروع ڪرڻ جي لاءِ ڏاج به ڏنو وڃي ٿو، جنهن ۾ فرج، واشنگ مشين، بيڊ روم سيٽ، ٽي وي، جوسر، ڪراڪري، پنکو، استري، نقد پئسا ۽ ٻيو سامان شامل آهي. نوجوان جوڙي کي محنت ۾ عظمت جو درس ڏيندي موٽرسائيڪل رڪشا فراهم ڪيا ويندا آهن. حقيقت ۾ هي 22 سئو ماڻهن سان لاڳاپيل اُهي ڪئين خاندان آهن، جيڪي بيروزگاري سبب پنهنجي بالغ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جون شاديون ڪرڻ جا وسيلا نٿا رکن، اڄ انهن جي خوشين سان ڀرپور چمڪندڙ چهرا  ڏسي مونکي يقين آهي ته خدا هن عظيم نيڪيءَ جي بدلي پاڪ سرزمين تي پنهنجي رحمتن جو نزول جاري رکندو.

منهنجي نظر ۾ هڪ مثالي معاشرو ڪنهن هڪ فرد تي مشتمل ناهي هوندو پر گهراڻن ۽ خاندانن جو مجموعو هوندو آهي. ازل کان جاري هي سلسلو بالغ مرد ۽ عورت جي شادي جي ذريعي وجود ۾ ايندو رهي ٿو ۽ انساني نسل وڌائڻ جو سبب بڻجي ٿو. هر انسان جي شخصيت سازي ۾ بنيادي ڪردار سڀ کان پهريان سندس گهراڻو ادا ڪري ٿو، شادي هڪ اهڙو مذهبي ۽ سماجي فريضو آهي، جيڪو دنيا جي هر مذهب، هر علائقي ۽ هر قوم ۾ پنهنجي پنهنجي طور طريقن مطابق ادا ڪيو ويندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته دنيا جي هر مذهب گهر وسائڻ جي تمام گهڻي هدايت ڪئي آهي. ڇو ته سٺي خانداني ماحول ۾ تربيت حاصل ڪرڻ وارو فرد معاشري جي بهتريءَ ۾ سٺو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. هندو مت ۾ طلاق جو تصور ڪانهي ۽ شاديءَ کي پوري زندگي جو لاڳاپو قرار ڏنو ويو آهي. هندو شادي جي ٽن اهم ترين مقصدن ۾ ڌرم (فريضو)، پرجا (اولاد) ۽ رتي (لطف) شامل آهي، جن ۾ فريضي جي ادائيگي کي اوليت ڏني وئي آهي. برهما ويواهه جي مطابق هڪ پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي سُٺي ڪردار ۽ پڙهيل لکيل ڇوڪري سان شادي ڪرائي ڇڏيندو آهي. هندن جي مذهبي تعليم مطابق ڪنهن به فرد جي پهرين ذميواري گهر آباد ڪرڻ ۽ ٻارن کي بهترين تربيت ڏيڻ آهي، اهو ئي سبب آهي ته هڪ هندو مذهب سان لاڳاپو رکندڙ پنهنجين سڀني پيشيوراڻين مصروفياتن باوجود خاندان سان گڏ وقت گذاري ٿو. هو چڱي طرح سمجهي ٿو ته خانداني نظام کي مضبوط رکڻ ۾ ئي سڀني جي بقا آهي. اهڙي طرح سڀني مذهبن جو هن امر سان اتفاق آهي ته شادي ڪرڻ سان انسان مختلف برائين ۽ بداعمالن کان محفوظ رهي ٿو. گهرن ۾ خوشين ۽ برڪتن جو نزول ٿئي ٿو ۽ معاشي تنگيءَ کان به ڇوٽڪارو آڻي سگهجي ٿو.

مون گُذريل سال پنهنجي ڪالم ۾ لکيو هو ته برصغير پاڪ و هند جي هڪ اهم سڃاڻپ مضبوط خانداني نظام رهي آهي. بالغ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جي شادي ڪرائڻ هميشه کان سمجهدار وڏا پنهنجي ذميواري سمجهندا پيا اچن پر دورِ حاضر ۾ جتي اسان جو معاشرو ٻين شعبن ۾ پستيءَ جو شڪار ٿيو، اُتي شادي ۽ خانداني نظام به تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، مختلف ريسرچ رپورٽن مطابق شاديءَ جو وقت سر نه ٿيڻ معاشري ۾ فرسٽريشن جو اهم سبب آهي، اڪثر ڪري جوان نياڻين جا والدين ڏاج يا شادي جا ڳرا خرچ ڀري نه سگهڻ جي ڪري رخصتي کان قاصر آهن. هڪ اندازي مطابق شادي جي هڪ تقريب تي هڪ طرف گهٽ ۾ گهٽ پنج لک رپيا خرچ اچي ٿو، جيڪا اڄڪلهه جي معاشي حالتن ۾ اڇو اجرو لباس پهريندڙ شهرين جي لاءِ نهايت ئي پريشان ڪندڙ صورتحال آهي. ٻئي طرف نوجوان نسل گناهه ۽ غير اخلاقي سرگرمين ۾ ملوث ٿي رهيو آهي، جنهن جي روڪ کي يقيني بڻائڻ معاشري جي باشعور طبقن جي ذميواري آهي پر هي سڀ اُن صورت ۾ ممڪن آهي، جڏهن خانداني نظام جي استحڪام ۽ شادين جي رجحان کي فروغ ۽ مذهبي فريضو سمجهي ڪري جدوجهد ڪئي وڃي.

پاڪستان قائم ٿيڻ کان وٺي هندو ڪميونٽي کي پيش ايندڙ مسئلن مان هڪ اهم ترين مسئلو شادين جي حوالي سان به رهيو آهي. هڪ ڊگهي عرصي تائين هندو شادي ايڪٽ نه هُئڻ جي ڪري هندو شهري پنهنجي شادين جي قانوني حيثيت کان محروم رکيا ويندا رهيا آهن. پنهنجي ڪميونٽيءَ جي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکندي مون يارنهن سال پهرين پاڪستان هندو ڪائونسل جي پليٽ فارم تان هندو شادين کي قانوني تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ هندو ميرج سرٽيفڪيٽس جو جاري ٿيڻ ۽ هر سال اجتماعي شادين جي تقريبن جو سلسلو شروع ڪرڻ جو ارادو ڪيو. خدا جي فضل و ڪرم سان هر سال جي تقريب گذريل تقريب کان بهترين ۽ يادگار ثابت ٿي، منهنجي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي ته اجتماعي شادين جي خواهشمند جوڙن جا والدين مون تي ڀروسو ڪن ٿا ته آئون سندن ڇوڪرين کي عزت سان گڏ رخصت ڪندس. هي هڪ بيان نه ڪرڻ واري ڪيفيت آهي ته آئون هڪ ئي وقت هڪ حقيقي پيءُ وانگر سڀني ڪنوارن کي نيڪ خواهشن سان گڏ رخصت ڪريان ٿو ۽ دهل شرنائين جي گونج ۾ پنهنجي گهر مان ڌيءَ جي ڄڃ جي روانگي جهڙي پُرمسرت احساس سان سرشار ٿيندو آهيان.

پاڪستان هندو ڪائونسل جي نگراني هيٺ گذريل سال 79 هندو جوڙن کي شادي جي مضبوط ٻنڌڻن ۾ ٻڌو ويو آهي. جيڪڏهن معاشري جي سرنديءَ وارن طبقن اهڙي طرح تعاون جو سلسلو جاري رکيو ته آئون سمجهان ٿو ته عنقريب پاڪستان هندو ڪائونسل اجتماعي شادين جو دائرو پوري ملڪ ۾ وسيع ڪرڻ جي قابل ٿي ويندي. هندو مذهب ۾ هڪ ڌيءَ جو ڪنيادان به وڏي ڳالهه سمجهيو ويندو آهي ۽ منهنجي لاءِ هي اعزاز آهي ته آئون هر سال سئو ڌيئرن جو ڪنيادان سڳي پيءَ جيان ڪريان ٿو. منهنجي سڀني جوڙن لاءِ دعا آهي ته هو پاڪستاني معاشري جي بهتريءَ لاءِ نيڪ، صالح ۽ فعال ڪردار ادا ڪن. آئون توهان سڀني جي دعائن جو به طلبگار آهيان ته خدا مونکي پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ڪري.