حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
پاڪ- آمريڪا ناتا ۽ افغانستان جو مستقبل!
وجاهت حسين

اِهو هڪ فطري عمل آهي ته دُنيا جي مختلف مُلڪن وچ ۾ ناتا جُڙندا ۽ ڦٽندا رهندا آهن. خاص ڪري اُهي مُلڪ جيڪي سگهارا به هُجن ته وري پنهنجي مفادن کي ترجيح به ڏيندا هُجن، اُنهن جو ٻين مُلڪن سان رويو مُند ۽ موسم جيان هوندو آهي، جيڪو ڪنهن به وقت تبديل ٿي سگهي ٿو. ان حوالي سان جيڪڏهن پاڪستان ۽ آمريڪا جي ناتن جو جائزو وٺجي ته ڳالهه چٽي ٿي سامهون اچي ويندي. آمريڪا جيڪو پنهنجي مفاد وقت پاڪستان کي ايترو ويجهو ڪري ڇڏيندو آهي جو هتي جا حڪمران خوشيءَ ۾ ناهن ماپندا، وري جڏهن سندس مفاد پورا ٿيندا آهن ته اِئين هٿ ڪڍي وٺندو آهي، جهڙوڪ ڪڏهن سڃاڻندو به نه هُجي. اِها ساڳي مشق گذريل وڏي وقت کان جاري آهي. هاڻوڪن ڏينهن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڇوٽين کان پوءِ ٻئي مُلڪ ويجهڙائيءَ ڏانهن وڃي رهيا آهن، جنهن جو پاڻ هتي مختصر جائزو پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا.

پاڪستان جي سياسي ڌماچوڪڙين ۽ تڇ برابر ڳالهين تي وڄندڙ ميڊيائي جهنجهڻن جي آوازن ۾ ڪنهن کي ياد به نه رهيو هوندو ته پاڪستان جي لاءِ 2018ع جي سال جو آغاز صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تلخ ٽوئيٽ سان گڏ ٿيو هو، جنهن کان پوءِ پاڪستان کي مختلف مرحلن دوران ملندڙ امدادي رقم به روڪي وئي هئي. گذريل سال جي تلخ شروعات جي باوجود پاڪستاني ۽ آمريڪي قيادت وچ ۾ رابطن جون جيڪي خبرون منظرعام تي اچي رهيون آهن، اُنهن جي روشني ۾ اهو چئي سگهجي ٿو ته پاڪستان- آمريڪا تعلقات ۾ جلد ئي هڪ نئون موڙ سامهون اچڻ وارو آهي. جيتوڻيڪ آمريڪي ۽ پاڪستاني اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ هلندڙ خبرون رسمي جملن تائين محدود آهن پر توقع ڪري سگهجي ٿي ته افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ ۽ دهشتگردي جي روڪ ٿام لاءِ پاڪستان کي ڪجهه اهم ذميواريون ڏنيون وڃڻيون آهن، جنهن جي بدلي ۾ پاڪستان کي آمريڪا سان گڏ واپار جا نوان ۽ بهتر موقعا ملي سگهندا. في الحال آمريڪي سربراهه دهشتگرديءَ جي خلاف پاڪستان جي ڪاميابين ۽ جاني توڙي مالي قربانين جو اعتراف ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ان کان اڳ هميشه ”ڊو مور“ جي مطالبي سان گڏ اهو به چيو ويندو هو ته پاڪستان دهشتگردي جي پوئيواري ڪري رهيو آهي ۽ (جديد ائٽمي ميزائلن ۽ جنگي جهازن کان وڌيڪ خطرناڪ ۽ تيز رفتار) حقاني نيٽ ورڪ کي محفوظ پناهه گاهون فراهم ڪري رهيو آهي. صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽوئيٽ مان ته اهو معلوم ٿئي ٿو ته آمريڪي حڪومت پاڪستانين کي پنهنجو ٻانهو سمجهي رهي آهي پر پاڪستانين جي شديد ردعمل کانپوءِ کين پنهنجي روين تي نظرثاني ڪرڻي پَئي آهي. آمريڪين جي اهڙي سوچ جو سبب اسان جي حڪمران طبقن جو خوشامداڻو رويو قرار ڏنو ويو آهي. 33 ارب ڊالرن جو طعنو ڏيڻ کان پهرين صدر ٽرمپ کي اهو سوچڻ گهربو هو ته جيڪڏهن پاڪستاني فوجي سامان جي ڊيوٽي وصول ڪري ورتي هُجي ها ته ان کان به وڌيڪ رقم پاڪستان کي بنا ڪنهن احسان جي ملي وئي هُجي ها. آمريڪي ۽ نيٽو فوج جي افغانستان اچڻ جو مقصد اساما بن لادن جي گرفتاري هو. 11/9 کان ڪجهه ڏينهن پهرين تائين آمريڪي ميڊيا راولپنڊي ۾ اسامه بن لادن جي ڊائلاسز جون خبرون ڏئي رهي هُئي ۽ هڪ بيمار شخص کي اسپتال مان گرفتار ڪرائڻ تمام آسان ڪم هو پر جيڪا ڳالهه هڪ عام آمريڪي رپورٽر کي معلوم هُئي، اُن جي باري ۾ سي آءِ اي کي معلوم نه ٿي سگهيو ۽ اتحادي فوج افغانستان موڪلي وئي.

هي سالن کان جاري ٻٽين پاليسين جو ئي نتيجو آهي ته اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي جڏهن صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي انتظاميا جي تعريف ڪئي ته اُتي موجود اقوام عالم جي اڳواڻن سندس ڳالهه کي کِل ۾ اُڏائي ڇڏيو. جيڪڏهن سوويت فوج جي نيڪالي وقت افغانستا ۾ حڪومت ۽ اقتدار ۾ حصيداري جا معاملا طئي ڪيا وڃن ها ته اُتي ايتري ڊگهي خانه جنگي نه ٿئي ها. آمريڪا افغانستان ۾ داخل ٿي پنهنجي مرضيءَ سان بدعنوان ۽ بي اثر جمهوري حڪومتون ٺهرايون. جيڪڏهن امن ڳالهين ۾ افغان طالبان آمريڪا جي ڏنل آئين ۽ جمهوري نظام کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪندي افغان عوام جي امنگن مطابق نئون آئين ۽ فعال نظام حڪومت ٺاهڻ جي ڳالهه ڪن ته سندن مطالبي کي تسليم ڪري ڇڏڻ گهرجي. اڄ جيڪڏهن آمريڪي پاڪستان کان اِهو مطالبو ڪن ٿا ته افغانستان ۾ حقاني نيٽ ورڪ جي ٽي چار هزار ماڻهن جي اچ وڃ روڪي وڃي ته پاڪستاني به سوچين ٿا ته افغانستان ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان، داعش ۽ ٻين پابندي مڙهيل تنظيمن جي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ سان گڏوگڏ کين سرمايو ۽ سرپرستي فراهم ڪندڙ عنصرن جو به خاتمو آندو وڃي. پاڪستان ۾ افغان طالبان جي محفوظ پناهگاهن جي الزام جي ازالي جو هڪ طريقو هي سمجهه ۾ اچي ٿو ته پاڪستان ۾ موجود 25 لکن کان وڌيڪ افغان مهاجرن کي جلد کان جلد واپس موڪليو وڃي. تنهن ڪري ان معاملي ۾ افغان حڪومت ۽ آمريڪي فوج کي ڪائي دلچسپي ڪانه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ان سان افغان طالبان جي حامين ۽ ماڻهن جي سگهه ۾ اضافو ٿي ويندو.

موجوده حالتن ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن جو انحصار افغانستان ۾ آمريڪي فوج جي مدد ۽ امن ڏانهن اڳڀرائي کي شرطيه سمجهيو پيو وڃي پر جيڪڏهن پاڪستاني فوج ڀارت جي پراڪسي ويڙهه ۾ مصروف ٿي وئي ته افغانستان جي امن واري عمل ۾ آمريڪين جي مدد ڪرڻ ممڪن نه رهندو. اُن سان گڏ ئي پاڪستان ۾ داعش کان پوءِ بليڪ واٽر تنظيم جي افغانستان ۾ اچڻ جي خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته هيءَ تنظيم به عالمي قانونن ۽ آمريڪي بچاءَ جي کاتي جي اختيار واري دائري کان ٻاهر آهي. جيتوڻيڪ ان جا ميمبر ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ غير قانوني طور تي داخل ٿي گهربل هدف کي تباهه ڪرڻ، ڪنهن گهربل شخص کي اغوا يا قتل ڪري سگهندا. بليڪ واٽر پاران ڪجهه مهينن ۾ افغانستان ۾ امن قائم ڪرڻ جون دعوائون ڪيون ويون آهن پر انديشو اهو آهي ته معاملو اتي نه بيهندو بلڪه روس، چين ۽ ٻين ترقي ماڻيندڙ ملڪن ۾ به ڪرائي جي فوجن تي مشتمل اهڙيون ئي تنظيمون بڻجنديون. پوءِ شايد دنيا جو ڪوئي ملڪ اهڙين تنظيمن جي ڪارروائين کان محفوظ رهي نه سگهندو.