حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“
ڊاڪٽر محمد يعقوب مغل

مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ حضرت غوث الحق مخدوم نوح رحمة الله عليه جا 17 سجاده نشين هئا.

درگاهه سروري، سنڌ جي برگزيده هستين جي آماجگاهه رهي آهي. هن درگاهه جي سجاده نشين هن ڌرتيءَ جي ديني توڙي دنيوي جيڪا خدمت ڪئي آهي، اها قابلِ تعريف آهي.

حضرت غوث الحق مخدوم نوح ﷥ سنڌ جي مسلمانن جي مذهبي ۽ معاشرتي حالت سڌارڻ لاءِ جيڪا جدوجهد ڪئي، اها سنهري لفظن ۾ لکڻ جوڳي آهي. انهن ڪارنامن جو تفصيل مخدوم نوح ﷥ جي قديم تصنيفن مثلاً: ”حديقة الاولياءَ“، ”ارشاد الطالبين“، ”دليل الذاڪرين“، ”رساله فتوحاتِ سنڌي“ عرف ”رساله فتحى“ ۾ ملي ٿو.

طالب المولى جي اوائلي زندگي:

سندس جنم جي تاريخ 9 محرم 1338 هجريءَ بمطابق 4 آڪٽوبر 1919ع آهي. هن کان اڳ سڀني سوانح نگارن غلط عيسوي تاريخ لکي آهي. ڄمڻ کان پوءِ سندن نالو محمد زمان رکيو ويو. واضح هجي ته کانئن 3 سال اڳ پهريون فرزند ڄائو هو، جنهن جو نالو به محمد زمان هو ۽ ڄمڻ جي ساڳئي ڏينهن وفات ڪري ويو هو.

پهريائين قرآن شريف درگاهه جي مجاور حافظ ولي محمد وٽ پڙهيا. پوءِ سنڌي حاجي عبدالغفور وڪيلاڻي ۽ آخوند عبدالرحمان ”انجم“ وٽ پڙهيا. ان بعد سندس چاچي مولوي ميان غلام حيدر صاحب جي تربيت هيٺ رهيا. سندن تربيت تي سندن والد ميان غلام محمد صاحب خاص توجه ڏني.

سندن والد ميان غلام محمد صاحب 30 ذوالحج 1363 هجري مطابق 16 ڊسمبر 1944ع تي وفات ڪئي. ان وقت مخدوم محمد زمان جي عمر 25 سال هئي. پيءُ جي وفات بعد پاڻ  1945ع جي شروعات ۾ سجاده نشين ٿيا.

مخدومن جو خاندان صدين کان علم ۽ ادب ۽ شعر و شاعري سان وابسته رهيو آهي. مخدوم نوح رحمة الله عليہ جا لکيل ڪتاب هڪ علمي خزاني جي حيثيت رکن ٿا. هن خاندان جو هڪ ٻيو بزرگ فتح محمد صاحب جو لکيل رسالو ”فتحي“ به وڏي شهرت حاصل ڪئي. فتح محمد صاحب شاعر ته ڪونه هو، پر بلند پايه اديب ۽ مصنف ضرور هو. اهڙي طرح غلام رسول صديقي صاحب به وڏو اديب ٿي گذريو آهي. ”طالب المولى“ جو پڙ ڏاڏو ۽ سندس ننڍو ڀاءُ به شاعر هئا. سندن ڏاڏو شاعر ڪونه هو، ليڪن سندن والد محترم شاعر هو، چاچو مخدوم غلام حيدر صاحب بلند پايه اديب ۽ مصنف هو، ”سفينہ النوح“ سندس مشهور ڪتابن مان هڪ آهي. پاڻ ديوبند جو فارغ التحصيل هو. اهو خانداني اثر آهي جو مخدوم طالب المولى کان وٺي مخدوم جميل زمان تائين علم و ادب ۽ شعر ۽ شاعريءَ جو سلسلو هلندو اچي.

مخدوم صاحب کي ننڍپڻ کان ئي شاعري ۽ راڳ جو شوق هو. پاڻ پهريائين ”بيوس“ جو تخلص استعمال ڪندا هئا. پوءِ ”فراقي“ ان بعد وري ”زمان شاد“ ۽ آخر ۾ سنه 1949ع کان ”طالب المولى“ جو تخلص اختيار ڪيائون جيڪو پوءِ نالي جو حصو بنجي ويو.

مخدوم صاحب جو شاعريءَ ۾ وڏو مقام آهي. ۽ پنهنجي فياضي ۽ علم پروري ڪري عوام توڙي خواص ۾ قابلِ احترام ۽ هر دلعزيز هئا.

پاڻ 1936ع ۾ هالن جي شهر ۾ ”انجمن علم و ادب“ جو پايو وڌائين. هن انجمن طرفان ڪيتريون ئي ادبي ڪانفرنسون سڏايون ويون. 1937ع ۾ سنڌي خان گويي جي اثر ڪري پاڻ راڳ ۾ دلچسپي وٺڻ لڳا. پاڻ هالن ۾ هڪ پريس ”الزمان“ نالي سان کولارايائين. ڪجھ عرصي لاءِ هفتيوار اخبارون ”پاسبان“ ۽  ”الزام“ نڪرنديون رهيون. 1950ع ۾ هالن مان هڪ ماهوار رسالو ”فردوس“ سندن سرپرستيءَ ۾ نڪتو. 1952ع ۾ ماستر جمع خان ”غريب“ سيستان شهر مان ماهوار رسالو ”طالب المولى“ ڪڍيو، جنهن جي سرپرستي مخدوم صاحب جن ڪئي. اهڙيءَ سرپرستيءَ ۾ حيدرآباد مان ”شاعر“ رسالو نڪرڻ لڳو.

1946ع ۾ سنڌي شاعرن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻڻ لاءِ ”جميعت الشعرا“ قائم ڪئي وئي. 1952ع ۾ جميعت الشعرا جو اجلاس جيڪب آباد ۾ ڪوٺايو ويو. هن اجلاس ۾ مخدوم صاحب کي سرپرست چونڊيو ويو. 1957ع ۾ گهوٽڪي ڪانفرنس ۾ کين جميعت الشعرا جي سرپرست سان گڏ صدر به چونڊيو ويو.

سائين ”طالب المولى“ جو راڳ سان شغف هو. 1954ع ۾ هالا ۾ ”روح ادب سنڌ“ جي اداري جو بنياد وڌائون. هن اداري تحت 1955ع ۾ راڳ ڪانفرنس سڏايائين. ۽ گڏوگڏ ماهوار رسالو ”روح ادب“ جاري ڪرايائين. نومبر 1955ع ۾ حيدرآباد ۾ ”بزم طالب المولى“ جو پايو وڌائين. ۽ جنهن جا پاڻ سرپرست ٿيا. هن بزم جون سڄي سنڌ ۾ شاخون قائم ڪيون ويون. هن بزم تحت 1956ع ۾ خواجه محمد عيسى ”مست“ جي اهتمام سان سندن صدارت هيٺ ”لاڙ جي ادبي ڪانفرنس“ ميرپور بٺوري ۾ سڏائي وئي. الغرض سائين طالب المولى ادب شعر و شاعري ۽ راڳ جي محفلن جو اڪثر اهتمام ڪندا هئا. انهيءَ سان گڏگڏ صوفيانه ڪلام جون محفلون به منعقد ٿينديون هيون، جن ۾ وڏي چاهه سان سائين طالب المولى جا پرستار شرڪت ڪندا هئا.

مخدوم صاحب ”طالب المولى“ وٽ سچائي ۽ صاف گوئي مثالي هئي. سندس چاهيندڙ به عشق جي حد تائين عقيدت رکندا هئا. سندن شخصيت سنڌي ڪلچر جو هڪ مثالي نمونو هئي. انهيءَ چوڻ ۾ قطعاً وڌاءُ ڪونه ٿيندو ته مخدوم ”طالب المولى“ جو سنڌ جي ڌرتيءَ ۽ عوام سان والهانه پيار عشق هو.

غلام رباني آگرو مخدوم ”طالب المولى“ هڪ واقعي جو ذڪر ڪندي لکي ٿو ته:

”سنڌ جو هڪ برک ماڻهو هڪ دفعي مخدوم صاحب سان مليو ۽ سرڪار جي چوڻ تي کيس سنڌ کان ٻاهر هڪ صوبي جي گورنري آڇيائين. مخدوم صاحب منهنجي روبرو ٺهه پهه جواب ڏنس ته ”سنڌ کان ٻاهر گورنري قبول ڪري، مان ماڻهن جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهندس.“

دراصل مخدوم ”طالب المولى“ جو رجهان ادب، شعر و شاعري ۽ راڳ ڏانهن وڌيڪ هو، تنهن هوندي به حالتن جي تحت سياست ۾ به حصو ورتائون. 1953ع ۾ پهريون ڀيرو بنا مقابلي سنڌ اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا. مسلم ليگ وزارتي پارٽي جا ميمبر به رهيا. ون يونٽ ٺهڻ کان پوءِ مغربي پاڪستان جي اسيمبلي جي چونڊ ۾ حصو نه ورتائون. مارشل لا ختم ٿيڻ کان پوءِ آئين تحت جيڪي چونڊون ٿيون، انهن ۾ مرڪزي اسيمبلي جا ميمبر چونڊجي آيا. ٻيهر به مرڪزي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا. پاڻ پيپلز پارٽي جا سينئر وائيس پريزيڊنٽ به رهيا. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم پاڪستان ٿيڻ کان پهرئين ۽ پوءِ مخدوم صاحب جي دعوت تي هالا آيا هئا. مخدوم ”طالب المولى“ جي وفات کان پوءِ به سائين مخدوم امين فهيم ڏکئي وقت ۾ به پيپلز پارٽي جو ساٿ ڏنو ۽ وزارت عظمى جي آڇ کي ٺڪرائي پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو ۽ آخري وقت تائين شهيد بي نظير ڀٽو جا دست راست رهيا. مخدوم ”طالب المولى“ پاڻ شاعر، اديب ۽ عالم هئا. انهيءَ ڪري اهل علم جا به قدردان هئا. مونکي اهو لکندي فخر محسوس ٿئي ٿو ته آئون 1981ع کان 1996ع تائين ڊائريڪٽر پاڪستان اسٽڊي سينٽر يونيورسٽي آف سنڌ ڄامشورو هئس، ان دوران سائين مخدوم صاحب سان تعلق قائم ٿيو. ۽ سندس محفلن ۾ وڃڻ جو موقعو مليو. اهو تعلق سندس خاندان سان اڄ سوڌي قائم آهي.

مخدوم صاحب سنڌي ادبي بورڊ جا چيئرمين ٻه دفعا رهيا. جنرل ايوب خان جڏهين فوجي حڪومت جو سربراهه ٿيو، ته سنڌي ادبي بورڊ جا جيڪي سياستدان صدر ۽ ميمبر هئا، اهي هٽائي ڇڏيا ۽ بورڊ جو چيئرمين حيدرآباد جي ڪمشنر نياز احمد کي مقرر ڪيو ويو. اها نامزدگي سنڌ جي اديبن ۽ عالمن کي نه وڻي ۽ انهيءَ تي سخت تنقيد ڪئي وئي. سندن خيال هو ته سنڌي ادبي بورڊ جو صدر ڪو عالم، اديب يا ناميارو شاعر ٿيڻ گهرجي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت ايوب خان جو وزير هو، جنهن جي مشوري تي جنرل محمد ايوب خان نومبر 1961ع ۾ مخدوم محمد زمان ”طالب المولى“ کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو. مخدوم صاحب بورڊ جو چيئرمين جولائي 1977ع تائين رهيو. جنرل ضياءالحق جڏهين پيپلز پارٽي جي جمهوري حڪومت ختم ڪري مارشل لا لڳايو ته ان بعد مخدوم صاحب جن چيئرمين شپ تان استعفى ڏيئي ڇڏي. وري 1989ع ۾ مخدوم صاحب کي سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو. پاڻ اپريل 1992ع تائين بورڊ جا چيئرمين رهيا. مخدوم صاحب جون بورڊ لاءِ ڪيل خدمتون وساري نٿيون سگهجن. ٻي دور ۾ بورڊ کي مالي خساري مان ڪڍڻ لاءِ هڪ ڪروڙ روپين جي خصوصي گرانٽ منظور ڪرائي ته جيئن بورڊ ۾ پيل مسوده ڪتابي صورت ۾ ڇپرائي سگهجن ۽ ملازمن کي باقائدگيءَ سان پگهار ڏئي سگهجن. مخدوم صاحب بي حد مخلص ۽ سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان والهانه محبت ڪندڙ هُئا. مخدوم ”طالب المولى“ جي ٻئي دور (1992_ 1989) ۾ مونکي نيازمندي جو وڌيڪ موقعو مليو. ان وقت آءٌ پاڪستان اسٽڊي سينٽر سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جو ڊائريڪٽر هوس. اڪثر مخدوم صاحب جڏهين بورڊ جي ميٽنگ لاءِ ايندا هئا ته وڃي ملاقات ڪندو هئس. يا وري ڪڏهين سائين مخدوم ”طالب المولى“ سان ملڻ لاءِ هالا به هليو ويندو هئس. اتي سائين مخدوم امين فهيم ۽ مخدوم جميل الزمان به موجود هوندا هئا. ۽ انهن سان به ملاقات ٿي ويندي هئي. پاڻ ڏاڍي قرب ۽ محبت سان ملندا هئا ۽ تمام گهڻي عزت ڏيندا هئا. مخدوم صاحب جي اعلى اخلاق جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي. سڀني سان محبت ۽ شفقت سان ملندا هئا. انهيءَ ڪري ماڻهن جي دلين کي موهي ڇڏيندا هئا. مخدوم صاحب جي تعليمي ڪمن ۾ ڪيل خدمتن ۾ ٻن ادارن جو ذڪر بي حد ضروري آهي. هالا ۾ سندس ٺهرايل هاسٽل ۽ دادو ۾ ”طالب المولى هاءِ اسڪول“ سندس علمي خدمتن جو ثبوت آهن.

سائين مخدوم ”طالب المولى“ دنياوي هوس کان بچيل هئا.

مخدوم صاحب جن هڪ دفعي ذڪر ڪيو ته 1971ع ۾ جڏهن پاڪستان ٽُٽو ۽ مشرقي پاڪستان بنگلاديش بڻيو ۽ باقي پاڪستان جو ذوالفقار علي ڀٽو صدر ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بڻيو، کانئس پڇيائين ته ”مخدوم صاحب، توهان کي ڇا گهرجي؟“ مخدوم صاحب جواب ڏنس ته ”ڪجھ به نه. الله سائين اسان جي خاندان جي جيڪا عزت ڪئي آهي، فقط اها برقرار رکجو.“

سائين مخدوم ”طالب الموليٰ“ 11، جنوري 1993ع تي لاڏاڻو ڪري ويا. انا لله و انا اليه راجعون.

سچ پڇو ته مخدوم صاحب هڪ ڇانو ڏيندڙ وڻ هئا ۽ هر هڪ وٽن اچي دل جي راحت ماڻي خوش ٿي موٽي هليو ويندو هو.

دراصل زندگيءَ جو نالو ئي آهي مسلسل جدوجهد آءٌ پنهنجو مقالو سائين ”طالب المولى“ جي هن فلسفانه قول تي ختم ڪندس ته:

”ٿڪجي ٿو ماڻهو جو خيال،

جسم جو ٿڪ ته ڪا ڳالهه نه آهي.“

(The author is HEC Eminent Scholar and former Director, Quaid-i-Azam Academy, Karachi)

dr.mughul@hotmail.com