حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
سولر انرجي اسڪيم جي منصفاڻي تقسيم جو سوال ..!
نسيم بخاري 

خبر آئي آهي ته عالمي بئنڪ جي سهڪار سان سنڌ ۾ سولر انرجي منصوبي جي شروعات ٿيڻ واري آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان گورنمينٽ ۽ ورلڊ بئنڪ وچ ۾ هڪ معاهدو به ٿي ويو آهي، جنهن تحت ورلڊ بئنڪ سنڌ سولر انرجي منصوبي لاءِ 10 ڪروڙ ڊالر جو قرض فراهم ڪندي. پاڪستان طرفان اقتصادي معاملن واري سيڪريٽري نور احمد ۽ سنڌ حڪومت طرفان انرجي شعبي جي سيڪريٽري مصدق احمد خان، جڏهن ته عالمي بئنڪ طرفان ڪنٽري ڊائريڪٽر صحيحون ڪيون، انهي منصوبي سان سنڌ ۾ شمسي توانائي جي استعمال کي هٿي ملندي. جڏهن ته منصوبي ذريعي بجلي کان محروم لڳ ڀڳ 2 لک گهرن کي بجلي فراهم ڪئي ويندي، وڌيڪ معلوم ٿيو آهي ته معاهدي مطابق سنڌ سولر انرجي منصوبي لاءِ سنڌ سرڪار 50 لک ڊالر فراهم ڪندي، هن منصوبي سان ابتدائي طور تي 50 ميگاواٽ بجلي پيدا ٿيندي.

ٿيڻ ته ائين گهرجي ها ته اها خبر سنڌ سرڪار جي طرفان ڪنهن پريس ڪانفرنس ۾ وڌيڪ معلوماتي حوالن سان منظر عام تي آندي وڃي ها، پر خبر ناهي ته اها ڪهڙي مصلحت آهي جنھن جي ڪري سنڌ سرڪار ان معاملي تي ڳالهائڻ مناسب نه سمجهيو آهي. مٿي خبر ۾ جن 2 لک گهرن کي سولر انرجي فراهم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وئي آهي، انهن گهرن جي تعين جي حوالي سان به ڪيترائي سوال ذهن ۾ گونجي رهيا آهن. اها خبر به نه آهي ته سرڪاري سطح تي سولر انرجي واري سهولت حاصل ڪندڙ گهرن جي ڪنهن غير جانبدار اداري کان سروي ڪرائي ويندي يا بنگلن تان منظور نظر ماڻهن جا نالا وٺي لسٽ ٺاهي ويندي؟ سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ ڪنهن جي حصي ۾ ڪيتري ڪوٽا ايندي سا به خبر نه آهي. ان پراجيڪٽ جي ابتدا ڪهڙن جذبن ۽ خيالن تي مشتمل آهي سو به پتو نه آهي، اهو به معلوم نه آهي ته ان ڏس ۾ عالمي بئنڪ سان ڪڏهن ۽ ڪيئن رابطو ڪيو ويو هو ۽ هاڻ جڏهن عالمي بئنڪ 10 ڪروڙ قرض ڏيڻ لاءِ آماده ٿي وئي آهي ته ان جا شرط شروط ڪهڙا آهن، سنڌ جي ڪجھ علائقن ۾ سولر انرجي ذريعي اسٽريٽ لائيٽس جي ڪارڪردگي کي آڏو رکندي ايندڙ ڏينھن ۾ گهرن کي ملندڙ سولر انرجي سهولت تي جڏهن سوچ ويچار ڪجي ٿي ته خوشي بدران ابهام ۽ مايوسي واري ڪيفيت جنم وٺي ٿي.

هڪ اهڙي دور ۾ جڏهن مني لانڊرنگ ۽ ڪرپشن ڪيسن ۾ سنڌ سرڪار ورتل ڏسجي ٿي، تڏھن هڪ نئين منصوبي جي تڪميل ۽ ان جو انصاف ڀريو ڪردار جن خدشن کي جنمي ويو آهي، ان اڻ تڻ جو ازالو ضروري ٿي پيو آهي. ان ڪري سنڌ سرڪار کي عالمي بئنڪ جي سهڪار سان شروع ٿيندڙ سنڌ انرجي منصوبي بابت ڀرپور بريفنگ ڏيڻ گهرجي ته جيئن عام ماڻهوءَ کي اها خبر پئجي سگهي ته سرڪار ان لاءِ ڪيتري فڪرمند آهي ۽ ان لاءِ ڪهڙيون ۽ ڪيتريون آسانيون پيدا ڪرڻ جي تمنا رکي ٿي.

سچ پچ به جيڪڏهن سنڌ سرڪار عوام کي ميرٽ تي شمسي توانائي ذريعي حاصل ٿيندڙ بجلي فراهم ڪرڻ جي ايمانداراڻي جستجو جاري رکي ٿي ته ان جي هاڪ ۽ ساک سامهون اچي سگهندي ۽ اهو ان ساک ۽ هاڪ جو ئي عمل دخل هوندو جيڪو پ پ ۾ نئون روح ڦوڪيندو ۽ اها زبردست حد تائين عوامي مڃتائن وارو ميدان مارڻ ۽ ملهائڻ واري حيثيت ۾ اچي ويندي. اهو به نقطو غور طلب آهي ته شمسي توانائي وسيلي سولر انرجي جي وڌندڙ استعمال وارو رجحان فضا توڙي سماج تي ڪهڙا ۽ ڪيترا اثر ڇڏي ٿو ۽ جيڪڏهن ان جا ڪي خوفناڪ رخ آهن ته انهن مان ڪيئن ڇوٽڪارو ممڪن آهي؟

اسان جنھن فضائي آلودگيءَ واري ماحول ۾ رهون ٿا اتي الميو رڳو اهو نه آهي ته عوام گٽرن وارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي پر هڪڙو الميو اهو به آهي ته جنھن هوا ذريعي اسان ساھ کڻون ٿا، اها اسان لاءِ پنهنجو پاڻ سان گڏ ڪيترا ئي خطرا به سانڍي ٿي. اهي خطرا جيڪي خود اسان جا پنهنجا پيدا ڪيل آهن ۽ جن جي تدارڪ لاءِ ڪنهن به ڪک ڀڃي ٻيڻي ڪرڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي آهي. ڪارخانن ۽ گاڏين جو دونهون سماج لاءِ ايترو ئي نقصانڪار آهي جيترو زهريلو پاڻي يا خود زهر. گاڏين ۽ ڪارخانن جي ان خوفناڪ دونهي کي گهٽ کان گهٽ خطري وارو دونهون بڻائي سگهجي ٿو پر ان ڏس ۾ گاڏين ۽ ڪارخانن جي مالڪن پاران مسلسل لاپرواهيون ٿينديون آيون آهن پر سنڌ سرڪار جي ڪَنَ تي اڃا تائين جونءَ به نه چري آهي. سماج جي صحت جي ڳڻتي ڪنهن به سرڪار جي پھرين ترجيح هوندي آهي، پر اسان وٽ اسان جي حڪمرانن جون ترجيحون ڪجھ ٻيون ئي ڏٺيون ٿيون وڃن. ان ڪري جتي ماضيءَ جي ٻين منصوبن ۽ پراجيڪٽس جي حوالي سان اڀيون ٿيل آڱريون اڃان تائين ڪيترائي سوال اٿاري رهيون آهن، اتي هڪ سوال سنڌ ۾ شمسي توانائي ذريعي عام ماڻهن جي گهرن تائين پهچندڙ سولر انرجي واري سهولت جو به آهي. اها سهولت جنھن جي فراهمي جو اڃان تائين ڪو انتظام ڏسڻ ۾ نٿو اچي پر ان ڏس ۾ ميڊيا تي آيل خبرن هڪ آس کي ضرور جنم ڏنو آهي ۽ اها آس ايندڙ ڏينھن ۾ اهڙن اهڃاڻن جا اشارا ڪري رهي آهي، جيڪي غريب ۽ مسڪين ماڻهن کي سولر انرجي واري عياشي فراهم ڪندا.

 اسان مٿي جيڪا اخباري خبر بيان ڪري آيا آهيون، ان ۾ ڪٿي به ڪا اها وضاحت نه ٿيل آهي ته اها سولر انرجي واري سهولت مفت فراهم ٿيندي يا ان جا ڪي شرط شروط هوندا. اها وضاحت سرڪار جي ذميواري آهي جيڪا ان کان اڃان تائين ادا نه ٿي سگهي آهي. خبر نه آهي ته ان سستيءَ پويان ڪهڙي حقيقت آهي پر جيڪا سچائي گذريل يارنهن سالن کان پ پ سرڪار جي ڪارڪردگي سامھون آڻي چڪي آهي، تنهن جي آڌار تي اها ڳالھ وڏي ويساھ سان ڪري سگهجي ٿي ته مفت سولر انرجي وارو خواب هڪ سراب ئي آهي، جنهن جي ساڀيان جيڪڏهن ناممڪن نه تڏهن به ڏکي ضرور آهي. اها ڳالھ ان ڪري ٿي ڪجي، ڇو ته ماضيءَ جا تلخ تجربا ٻڌائي رهيا آهن ته گذريل وقت ۾ عوامي ڀلائي لاءِ عالمي ادارن کان قرض کڻي شروع ٿيل پراجيڪٽس يا ته ڪاغذن ۾ ئي مڪمل ٿيندي ڏٺا ويا آهن يا وري انهن جي شروعات رڳو ڏيکاءَ لاءِ منظر عام تي آئي آهي. سرڪار جون ترجيحون سماجي ڀلائي جي حوالي سان جيتريون آڏو اچڻ کپنديون هيون، ڪم انهن جي ابتڙ ئي ٿيندو آيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته عوام جي محبوب پارٽي پ پ جي جوڙيل سنڌ سرڪار ۽ عام ماڻهو هڪ پيج تي بيٺل نٿا ڏسجن. عوام ۽ سرڪار ۾ وڏي وڇوٽي آهي ۽ ٻنهي وچ ۾ وڏو تضاد ٿو ڏسڻ ۾ اچي. اها دوري دور ڪرڻ نه ته حڪمران جماعت جي ايجنڊا ٿي ڏسڻ ۾ اچي، نه ئي وري اهڙي جذبي جي اظهار جي قيادت کي ڪا توفيق به ٿي آهي. اهو ئي سبب آهي ته اها پنهنجي وضاحتن ۾ رڳو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي بچاءَ کي ٿي نروار ڪري. ان کان عوام جا ڏک درد نروار ٿين ئي نه پيا. اها پنهنجي ۾ پوري آهي ۽ رڳو پنهنجي ڀلائي ۽ بهتريءَ جي ئي تمنائو آهي. اها خواهش ۽ ان ارادي جو عمل دخل ئي آهي جو رئيس وڏو پارٽي جو سربراھ ڪجھ اهڙي طريقي سان ٿي ويو آهي جو پارٽي عهديدار ۽ ڪارڪن بس مريد ۽ عقيدتمند ٿي ويا آهن. پارٽي اندر اختلاف جي گنجائش نه آهي، سڀني کي رئيس وڏي جي صاحبي ۾ ان سان گڏجي هلڻ جي هدايت ڪيل آهي ۽ شايد اهڙين هدايتن تي اکيون ٻوٽي عمل ڪرڻ وارو رجحان ئي آهي جنهن جي ڪري پارٽي ڏينهون ڏينهن عوام جي دل کان پري پئي ٿيندي وڃي.

هڪڙو دور هو جڏهن پ پ سان عوام نظرياتي طور تي گڏ هو ۽ پارٽي سان نظرياتي عشق ڪندو هو. اڄ اهو دور آهي جو عوام ته ٺهيو پر پارٽيءَ جي پريس ترجمانن يا خود موجوده قيادت کان شهيدن جو ذڪر ئي وسري ٿو وڃي. اهڙي دور ۾ عوام جي لاءِ اڻ تڻ وارو احساس سچ پچ ته هڪ سپنو ٿو لڳي. اهو سپنو جنهن کي حقيقت جي ڌرتي شايد ڪڏهن به نصيب نه ٿيڻي آهي ۽ جيڪڏهن ان ڏس ۾ اڳڀرائي واقعي به ڪا نت نواڻ ٿي آڻي ته اها ڳالھ ڪنهن وڏي معجزي کان گهٽ نه هوندي. پ پ جو منشور عوام کي اٽي، لٽي ۽ اجهي ڏيڻ جو ضامن آهي پر حقيقت اها آهي ته عوام کان اهي ٽئي انساني بنيادي ضرورتن واريون سهولتون ڦريون ويون آهن. پ پ 4 ڀيرا وفاقي حڪومت ڪئي آهي ۽ ان کان وڌيڪ ڀيرا هوءَ سنڌ ۾ صوبائي سرڪار جي مالڪ رهي آهي. هاڻ به اقتدار جون واڳون سندس ئي هٿ وس آھن، پر پوءِ به جيترو عوام ان کي مينڊئٽ ڏنو آهي اها عوام کان عملي طور تي اوترو ئي پري بيٺل ڏٺي وئي آهي. خبر نه آهي ته ان جو اهو رجحان ڪيستائين برقرار رهڻو آهي ۽ شايد اهو ان رجحان جو عمل دخل ئي هجي جو پ پ به مستقبل ۾ ماضيءَ جي ق ليگ يا موجوده ن ليگ جيان ياد ڪئي وڃي. پ پ جي قيادت کي پنهنجي ذاتي مفادن جي بقا جي جيتري ڳڻتي آهي اوترو ئي فڪر ان کي پارٽي جي وجود جي بقا ۽ تيز رفتاري سان ڪرندڙ ساک پت جو به هئڻ گهرجي. ڇو ته اها وقت جي ضرورت آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته جيڪو وقت جو قدر نه ڪندو آهي، وقت به ان جو قدر نه ڪندو آهي.

پ پ جيئن به آهي ۽ جهڙي به آهي، اها ملڪي ۽ عالمي سطح تي سنڌ جي وڏي مينڊٽ جي مهندار آهي، ان مٿان پنهنجن افعالن سبب جيڪڏهن ڪو ڏمر ٽُٽي ٿو ۽ اها وقت جي واءُ ۾ ڪک پن ٿي وڃي ٿي ته پوءِ سنڌين جي گڏيل پليٽ فارم پيدا ٿيڻ ۾ وڏو وقت لڳي ويندو. ان ڪري اها پ پ جي ذميواري آهي ته پنهنجين ڪمزورين ۽ اوڻاين کي سڌاري مستقبل جي ڪا ڀرپور حڪمت عملي آڏو آڻي ته جيئن قيادت تي وقت جي وڄ ڪري به ته پارٽي پنهنجو وجود برقرار رکي سگهي. پ پ سرڪار پنهنجي اصلاح جي ابتدا عالمي بئنڪ جي قرض سان سنڌ ۾ سولر انرجي واري سهولت جي غريب گهراڻن ۾ منصفاڻي ورڇ سان ڪري سگهي ٿي.