حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
سنڌ جي بورڊ آف روينيو جي ڪارڪردگي ايف بي آر کان به شاندار رهي آهي: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ سنڌ اهو واحد صوبو آهي جتي روينيو جي وصولي جي صورتحال سڀني کان سٺي آهي، سنڌ جي بورڊ آف روينيو انتهائي شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي، جنهن جي ڪارڪردگي ايف بي آر کان به سٺي رهي آهي. هن اهڙو اظهار ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ ناڻي کاتي بابت سوالن جي وقفي دوران مختلف ميمبرن جي لکت ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. وڏو وزير جنهن وٽ سنڌ جي خزاني جو قلمدان پڻ آهي ٻڌايو ته گذريل سال سنڌ 38.8 بلين روينيو وصول ڪيو هو جڏهن ته هلندڙ سال 44.3 ارب رپين جي وصولي ٿي ان جي مقابلي ۾ پنجاب ۾ گذريل سال روينيو جي وصولي 48 ارب رپيا هئي جيڪا گهٽجي 44 ارب رهجي وئي. ڪي پي ڪي ۾ گذريل سال روينيو جي وصولي 5 ارب هئي جيڪا گهٽجي 4.4 ارب رپيا ٿي وئي اهڙي طرح بلوچستان ۾ گذريل سال 3.2 ارب رپين جي روينيو واري وصولي ٿي جيڪا گهٽجي 2.8 ارب رپيا رهجي وئي. هن چيو ته سنڌ حڪومت گذريل ٽن سالن کان ڪو به اوور ڊرافٽ ناهي ورتو. صوبائي حڪومت مالي مشڪلات باوجود 2016ع کان 2018ع تائين اسٽيٽ بئنڪ کان ڪو قرض ناهي ورتو. سيد مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ بئنڪ ۽ سيمينٽ بئنڪ جي انضمام جو عمل جاري آهي جي کي في الوقت پوئتي ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ ٻنهي بئنڪن جي انضمام جو نوٽيس ورتو هو ان حوالي سان ضروري قانوني تقاضائون مڪمل ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ اسان کي پاڻ چيو آهي ته سنڌ بئنڪ جو انضمام جلد مڪمل ڪيو، ان موقعي تي ايوان ۾ موجود پي ٽي آءِ جي پارلياماني اڳواڻ حليم عادل شيخ چيو ته سيمينٽ بئنڪ ۽ سنڌ بئنڪ جي انضمام جي حوالي سان ڪيتريون ئي ڪهاڻيون سامهون اچي رهيون آهن جنهن تي اسپيڪر آغا سراج دراني هن کي ٽوڪيو ۽ چيو ته هو ٻڌل ٻڌايل ڳالهين ۽ ميڊيا تي هلندڙ خبرن کي هتي نه ورجهائي پر ان معاملي بابت ڪو سوال آهي ته هو دريافت ڪري، جي ڊي اي جي عورت ميمبر نصرت سحر عباسي جي هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير ٻڌايو ته سنڌ روينيو بورڊ ۾ ڊيپوٽيشن تي هڪ آفيسر کي پنجاب مان هتي گهرايو ويو آهي جيڪو ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم جي عهدي تي ڪم ڪري رهيو هو سندس نالو محمد مسعود صابر آهي، قانون اسان کي اجازت ڏئي ٿو ته ڊيپوٽيشن تي ڪنهن به آفيسر کي ڪنهن به صوبي مان پاڻ وٽ گهرايو جنهن تي نصرت سحر عباسي چيو ته ڇا سنڌ ۾ ڪو اهل آفيسر ناهي جو پنجاب مان هڪ آفيسر کي گهرائڻو پيو. وڏي وزير چيو ته پنجاب به پاڪستان جو حصو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ روينيو بورڊ باقي صوبن جي ڀيٽ ۾ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، هن هلندڙ سال محصولات جي وصولي جو هدف ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي پر اسان وٽ هدف کان وڌيڪ وصولي ٿي. ميمبرن جي سوالن جا جواب ڏيندي مراد علي شاه چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جيڪو پيپلز پارٽي جي وفاقي حڪومت پنهنجي دور ۾ شروع ڪيو هو ان کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويندو آهي، ان پروگرام تحت سنڌ ۾ جن غريب ماڻهن جي مالي مدد ڪئي ويندي آهي جنهن جي فهرست تمام دير سان سنڌ کي مهيا ڪئي وئي آهي، پهريان رمضان المبارڪ ۾ مقرر ڪيل امداد سان گڏ ٻه هزار رپين جو اضافي راشن الائونس به ڏنو ويندو رهيو آهي ۽ ان پروگرام سان 18 لک کان وڌيڪ فائدو پهچي رهيو آهي. جي ڊي اي جي ڊاڪٽر حسنين مرزا دريافت ڪيو ته ڇا هن پروگرام جي 420 ڪروڙ رپين جي رقم جي ڪا آڊٽ به ٿيندي تنهن تي وڏي وزير وراڻيو ته ان جي آڊٽ آڊيٽر جنرل آف پاڪستان پاران ڪئي ويندي آهي، اسان وٽ وفاقي حڪومت کان جيڪا مستحقن جي فهرست ايندي آهي اسان سهولت ۽ غير مشروط طريقي سان ماڻهن کي رقم فراهم ڪندا آهيون ۽ اهو به فرق ناهي رکيو ويندو ته ڪنهن اسان کي ووٽ ڏنو ۽ ڪير اسان جو مخالف آهي.