حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
تحريڪ انصاف زرداري جي نااهلي خلاف داخل درخواست واپس وٺي ڇڏي، سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي نااهلي لاءِ اليڪشن ڪميشن ۾ داخل ڪيل درخوست واپس وٺندي سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪيو آهي. تحريڪ انصاف جي سنڌ اسيمبلي ميمبر خرم شير زمان آصف زرداري خلاف 20 ڊسمبر تي اليڪشن ڪميشن ۾ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ اپيل ڪئي وئي هئي ته نيويارڪ ۾ اپارٽمينٽ لڪائڻ تي کيس نااهل ڪيو وڃي. خرم شير زمان اليڪشن ڪميشن ۾ داخل پنهنجي درخواست واپس وٺي ڇڏي آهي درخواست واپس وٺڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان آصف زرداري خلاف سپريم ڪوٽ ۾ وڃڻ چاهيان ٿو، اتي سندس خلاف پٽيشن داخل ڪئي ويندي. هن چيو ته آصف زرداري هاڻي بچي نه سگهندو،  اسان وٽ اهڙيون شاهديون مليون آهن جيڪي رڳو اعليٰ فورم تي پيش ڪيون وينديون. سندس چوڻ هو ته آصف زرداري خلاف ڪيس کي انجام تائين پهچايو ويندو.