حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
شهباز شريف جي راهداري رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ، ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) احتساب عدالت آشيانا هائوسنگ اسڪينڊل ۾ شهباز شريف جي راهداري رمانڊ ۾ 14 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شهباز شريف کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. لاهور جي احتساب عدالت ۾ جج نجم الحسن بخاري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. سينٽرل جيل سپرنٽينڊنٽ شهباز شريف جي ميڊيڪل بورڊ ۽ عدم پيشي بابت جواب جمع ڪرايو. جيل اختيارين ٻڌايو ته شهباز شريف کي ميڊيڪل بورڊ سامهون پيش ڪرڻو آهي، عدالت ۽ ميڊيڪل بورڊ جي تاريخ هڪ هجڻ سبب شهباز شريف کي عدالت ۾ پيش نه ڪري سگهياسين، فواد حسن فواد ۽ احد چيما سميت شريڪ جوابدارن کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. شهباز شريف جي وڪيل امجد پرويز چيو ته ميڊيڪل بورڊ اجازت ڏني ته شهباز شريف کي پيش ڪرڻ تي ڪو اعتراض ناهي. نيب پراسيڪيوٽر وارث جنجوعا چيو ته گذريل ٻن پيشين کان اها ئي ڳالهه جاري آهي، معاملي کي ڄاڻي واڻي لڙڪايو پيو وڃي. ٻڌڻي دوران عدالت ٽن مفرور جوابدارن ڪامران ڪياني، نديم ضياءَ ۽ خالد کي اشتهاري قرار ڏيڻ جي ڪارروائي شروع ڪئي، گڏوگڏ عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي شهباز شريف کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت 11 فيبروري تائين ٽنهي مفرور جوابدارن خلاف اشتهار شايع ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته نيب کان ريفرنس جون صاف ڪاپيون به طلب ڪيون. آشيانا اقبال ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 24 جنوري تي ڪئي ويندي.