حب ويجهو مسافر بس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر، ٻنهي گاڏين کي باهه، 25 ماڻهو سڙي فوت****وزيراعظم ٻن ڏينهن  جي سرڪاري دوري تي قطر پهچي ويو، هم منصب سان ملاقات****سينيٽ ڪميٽي پاران ساهيوال واقعي جي مذمت، جڊيشل ڪميشن جي گهر****پ پ حڪومت سوا سئو سال پراڻي قانون سنڌ جيل ايڪٽ ۾ ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي
حڪومت بلاول ڀٽو ۽ مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي ڪابينا پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جا نالا اي سي ايل مان ڪڍڻ وارو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو تمام ڊگهو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ 26 نقاطي ايجنڊا غور هيٺ آيا، ان موقعي تي اي سي ايل ۾ شامل 172 ڄڻن جي نالن جو جائزو وٺندڙ خاص ڪميٽي پنهنجي تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. ذريعن مطابق وفاقي ڪابينا جي ميمبرن راءِ ڏني ته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جا نالا في الحال اي سي ايل مان نه ڪڍيا وڃن ۽ ان معاملي تي سپريم ڪورٽ جي لکت واري فيصلي جو انتظار ڪيو وڃي.  ذريعن مطابق ڪابينا اجلاس دوران فيصلو ڪيو ويوته بلاول ڀٽو زرداري ۽ مراد علي شاهه جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ واور معاملو ايندڙ اجلاس ۾ ٻيهر غور هيٺ ايندو. ذريعن مطابق ڪابينا اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي هر فيصلي تي عمل درآمد يقيني بڻايو ويندو ۽ اي سي ايل ۾ شامل ٻين نالن کي ڪڍڻ وارو معاملو به ملتوي ڪيو ويو آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته وفاقي ڪابينا 20 ماڻهن جا نالا ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ مان ڪڍڻ بابت گھرو وزير جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪابينا اجلاس کان پوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي فواد چوڌري چيو ته جي آءِ ٽي جي سفارشن تي 172 ماڻهن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويا هئا، قانون واري وزارت ٻڌايو آهي ته جعلي اڪائونٽس ڪيس بابت سپريم ڪورٽ طرفان تفصيلي فيصلو ناهي مليو، اسان کي جيئن ئي فيصلو مليو ته ان موجب معاملا ڏسنداسين. هن ٻڌايو ته هڪ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا اي سي ايل ۾ شامل نالن جو جائزو وٺندي، ڪميٽي مملڪتي وزير گھرو شهريار آفريدي، قانون واري وزير فروغ نسيم، وزيراعظم جي احتساب بابت صلاحڪار شهزاد اڪبر ۽ گھرو سيڪريٽري تي ٻڌل هوندي، جيڪا پنهنجون سفارشون ڪابينا کي موڪليندي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ ڪابينا فيصلو ڪندي ته ان حوالي سان سپريم ڪورٽ ۾ وڃڻ گھرجي يا نه وڃڻ گھرجي، حڪومت طرفان جيڪي پاليسيون لاڳو ڪيون ويون هيون، انهن جا فائدا ملڻ شروع ٿي ويا آهن، جنهن تي ڪابينا اطمينان جو اظهار ڪيو. فواد چوڌري چيو ته ايڪسپورٽ ۾ واڌ  شروعات کان ئي حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل رهي آهي ۽ ڊسمبر جي مهيني ۾ ايڪسپورٽ ۾ 4.5 سيڪڙو واڌ ٿي، جڏهن ته امپورٽ ۾ 8.5 سيڪڙو گھٽتائي به ٿي آهي، ملڪ جي واپاري خساري ۾ هڪ مهيني دوران 54 ڪروڙ اندازن 19 سيڪڙو گھٽتائي ٿي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته عمران خان قانون واري وزارت کي هدايت جاري ڪئي آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين بابت اهڙين ملازمتن بابت آگاهه ڪيو وڃي، جيڪي بنا ڪنهن قانوني رنڊڪ جي ڪري سگھجن ٿيون ته جيئن کين پاڪستان ۾ پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيو وڃي. هن چيو ته عمران خان هن وقت وزيراعظم هائوس ۾ نٿو رهي، پوءِ به ان جي بجلي جو بل ايترو ئي اچي رهيو آهي، جيڪو نواز شريف جي حڪومتي دور ۾ ايندو هو، جنهن سبب وزيراعظم ان معاملي تي انٽرنل آڊٽ جو حڪم ڏنو آهي. سندس چوڻ هو ته ن ليگ جي وزيرن جنهن جنهن شئي ۾ هٿ وڌو، اهي نقصان ۾ ئي آهن، جڏهن ته پاڻ کي گئس جو آئنسٽائن سمجهندڙ شاهد خاقان عباسي گيس سيڪٽر کي اربين رپين جو قرضي ڇڏيو آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس دوران وزيراعظم پيٽروليم واري وزارت کي گئس جي گڏيل پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي، ڇو جو ملڪ جي گھڻي آبادي گئس کا محروم آهي. ان موقعي تي منصوبابندي واري وفاقي وزير خسرو بختار چيو ته اپوزيشن مهانگائي جي حوالي سان واويلا ڪري رهي آهي، جيڪا بي بنياد آهي. هن پنهنجي ڳالهه جي وضاحت پيش ڪندي چيو ته گذريل ٽن حڪومتي دورن جي شروعاتي 5 مهينن ۾ موجوده حڪومت کان وڌيڪ مهانگائي ڪئي وئي هئي، عوام کي سڪون فراهم ڪرڻ ئي تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي.