پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
پي ٽي آءِ حڪومت 100 ڏينهن ۾ ملڪ سان مذاق ڪيو، لڳي ٿو هڪ مشڪرو حڪمراني پيو ڪري: احسن اقبال

سکر/شڪارپور(نمائندن وٽان) ن ليگ جي اڳواڻ احسن اقبال سکر ايئرپورٽ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت پاران 100 ڏينهن ۾ پاڪستان سان وڏي مذاق ڪئي آهي، ائين لڳي ٿو ته هڪ مشڪرو ملڪ تي حڪمراني ڪري رهيو آهي، 100 ڏينهن ۾ 100 لطيفا ۽ 100 يوٽرن ڏسڻ ۾ مليا آهن، احسن اقبال چيو ته اسان انگريزي محاوري ۾ مصروف آهيون، پر نتيجو صرف زيرو آهي، 100 ڏينهن ۾ حڪمرانن پاڪستان کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي، غلط اقتصادي پاليسين سبب پاڪستان جي قرض ۾ 2 هزار ارب روپين جو اضافو ٿي ويو آهي، روپئي کي فٽبال جيان لڙڪايو ويو، سليڪٽيڊ وزير اعظم قرض بجائي خودڪشي ڪرڻ جو چوي ها، چين، سعودي عرب جي وڃڻ جي ڳالهه ڪندڙ وزير اعظم سڄي دنيا ۾ مدد لاءِ ڪشڪول کڻي گهمي رهيو آهي، پنڻ تي وزير اعظم قوم کان معافي نٿو وٺي پر پي ٽي وي جي ٽيم کي برطرف ڪئي وڃي ٿي. ن ليگ اڳواڻ احسن اقبال چيو ته بجلي، گئس، پيٽرول جي قيمتن ۾ اضافي سان مهانگائي ۾ اضافو ٿيو، مهانگائي سبب غريب پريشاني جو شڪار بڻجي ويا آهن جڏهن ته پنهنجن ٻچن کي 2 وقت جي ماني کرائڻ کان به ڪاسر آهن، عوام ملڪ ۾ سستائپ جي ڪري ٻلي کي ووٽ ڏنو، هاڻي اهي دانهيون ڪري رهيا آهن، هن چيو ته اسان گذريل حڪومت ۾ ڊويلپمينٽ جو ڄار وڇايو، هن بجيٽ ۾ به ڪٽوتي ڪئي وئي، غلطي پالسين سبب لکين عوام بيروزگار بڻجي ويا آهن، عمران خان کي پنهنجي وزير اعظم هجڻ جو به يقين ڪونهي، جڏهن پنهنجي ئي ملڪ جي رپئي جي قدر گهٽ جي ٿي ته کيس ٽي وي تان خبر پوي ٿي. هن چيو ته دعا ڪرڻ گهرجي ته الله ملڪ جي حفاظت ڪري. حڪمرانن کي 100 ڏينهن ۾ اها به خبر ڪا نه پئجي سگهي آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جو دائرو ڪهڙو آهي. وزير اعظم جيڪو آني ۽ مرغي جو پروگرام پيش ڪيو آهي اهو صوبائي حڪومت جو ڪم آهي، احسن اقبال چيو ته اسان اسان مريل معيشت کي بهتر ڪري 5.8 تي ڇڏي وياسين، ڇا توهان هن کي ڪرپشن ڪري 4 سيڪڙو تي ڪرڻ چاهيو ٿا. ڪو به حڪمران اهو جواب نٿو ڏئي ته گروٿ ٽارگيٽ ڇا آهي، نئين پاڪستان ۾ پهرين سال معيشت جي گروٿ جي شرح ڇا ٿيندي، اهو ٻڌائڻ کان قاصر آهن. ملڪ جو وزير اعظم چوي ٿو ته فوج پي ٽي آءِ جي جي منشور پٺيان آهي،