پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
ٿر ۾ 70 ارب جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي، جنوري ۾ بجلي پيداوار جي شروعات ڪئي ويندي: وڏو وزير

مٺي/اسلام ڪوٽ(ڊ ر/ن ع)  سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر ڪول مان ايندڙ سال جنوري جي آخري هفتي تائين بجلي جي پيداوار جي شروعات ٿي ويندي ۽ ان پروجيڪٽ سميت ٿر ۾ 70 ارب رپين جي سيڙپڪاري ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه خميس ڏينهن ٿر ۾ ٿيندڙ ترقياتي ڪمن جو جائزو وٺڻ جي موقعي تي ڪئي. وڏي وزير سان گڏ توانائي وارو صوبائي وزير امتياز شيخ، وڏي وزير جو صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پڻ گڏ هئا. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اسلام ڪوٽ جي بختاور ايئرپورٽ تي پهتو جتي سندس آجيان سينٽر، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ڪئي. بختاور ايئرپروٽ اسلام ڪوٽ کي سنڌ حڪومت ٿر ۾ سيڙپڪارن جي سهولت لاءِ تعمير ڪرايو آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪول مائنگ، ٿرڪول پاور پلانٽ، صحت جي سهولتن جو معائنو ڪيو. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته ٿر پاڪستان جو مستقبل آهي، انشاءَ الله جنوري 2019ع ۾ ٿر پاور پلانٽ مان بجلي پيدا ڪئي ويندي. مراد علي شاهه چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت سنڌ جي عوام بلڪه سڄي پاڪستان جي ترقيءَ ۽ بجلي جي بحران جي خاتمي لاءِ اپاءَ وٺي رهي آهي. هن ٿر ڪول بلاڪ ٽو پهچي ڪول مائننگ جو جائزو ورتو. ڪول مائننگ جو 96 سيڪڙو ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي، پاور پلانٽ وارو ڪم به 96 سيڪڙو مڪمل ڪيو ويو آهي. مراد علي شاهه چيو ته پارو پلانٽ مان بجليءَ جي شيڊول پيداوار جون 2019ع ۾ ٿيڻي هئي جيڪا هاڻ جنوري 2019ع جي آخري هفتي يا فيبروري جي پهرين هفتي ۾ بجلي جي پيدا شروع ٿي  ويندي.ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد مرزد علي شاه چيو آهي ته ٿر تيزي سان ترقي ڪري رهيو آهي ۽ ٿر جا ماڻهو به خوشحال ٿي رهيا آهن. اهڙو اظهار هن اڃ سول اسپتال مٺي ۾ ٻارن جي وارڊ جو تفصيلي دورو ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته مٺي جي اسپتال ۾ ٻين ضلعن جا مريض ۽ ٻار اچي علاج ڪرائين ٿا ان جو مطلب ته مٺي سول اسپتال ۾ صحت جون سهولتون ٻين ضلعن جي اسپتالن کان بهتر آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ٿر ڪول منصوبي کي وقت سر مڪمل ڪرڻ واري ڳاله تي قائم آهي ۽ سنڌ حڪومت ۽ اينگرو ڪمپني جي معائدي تحت ئي پروجيڪٽ کي وقت سر مڪمل ڪيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪنهن به ماڻهو اعتبار نه پئي ڪيو ته ڪو ٿر ۾ ڪوئلو آهي ۽ اهو پڻ چيو ويو ته سنڌ حڪومت اهو پروجيڪٽ پورو نه ڪري سگهندي پر اڄ سنڌ حڪومت ۽ پي پي پي جي اعلي قيادت جي ڪوششن سان ٿر جو ڪوئلو نڪرندي نظر اچي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف چائلڊ هيلٿ ڪيئر ڪراچي جي ڊاڪٽرن جي اچڻ سان ٻارن جي وارڊ ۾ بهتري آئي آهي ۽ هاڻي ٻارن کي صحت بابت بهتر سهولتن جي فراهمي ۾ وڌيڪ مدد ملي سگهندي انهي کان علاوه هاڻي سنڌ حڪومت ڳورهاري عورتن ۾ غذا جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاء عملي اپاوُ وٺندي راشن بيگ ۽ غذائيت جا پروگرام شروع ڪيا آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ٿرڪول جي رائلٽي ٿرجي عوام جي بهتري  تي ئي خرچ ڪئي ويندي ڇاڪاڻ ته ٿر ڪول منصوبي تي سڀ کان وڌيڪ حق ٿر جي ماڻهن جو آهي . ٿر ۾ ڏڪار صورتحال ۽ مال ۾ چارو ورهائڻ واري سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت پاران  ٿر فاوُنڊيشن کي 5 ڪروڙ روپيا فراهم ڪيا ويا آهن جنهن سان  20 هزار مالوندن ۾ مال جو چارو مفت ورهائڻ جو پروگرام مرحلي ۾ آهي.سنڌ جي وڏي وزير چيو ته اسان کي پنهجا ادارا مظبوط ڪرڻا آهن ۽ ادارن کي مضبوط بڻائڻ ۾ وقت لڳندوآهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه وزيرن ۽ ٿرپارڪر جي چونڊيل نمائندن سان گڏ گذريل ڏينهن اوچتو اسلام ڪوٽ جي اسپتال پهتو، وڏي وزير جي پهچڻ وقت اسپتال جي بجلي بند هجڻ تي وڏي وزير اسپتال انتظاميه تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو. وڏي وزير اسپتال ۾ داخل مريضن جي عيادت ڪئي.