پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
عليما خان خلاف ڪارروائي بابت ايف بي آر کان رپورٽ طلب

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ علميه خان ڪارروائي بابت ايف بي آر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پاڪستانين جي پرڏيهي ملڪن ۾اڪائونٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي جي آغاز تي چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙ جنهن پاڪستانين خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي رهي آهي، دبئي ۾ جائيداد خريد ڪرڻ وارن 20 نالن جو جائزووٺڻ جو حڪم ڏنو هو اسپيشل ڪميٽي جي رپورٽ ڪٿي آهي؟ ايف بي آر طرفان عدالت کي ٻڌايو ته نوشاد احمد 7 جائيداديون ظاهر ڪيو، نوشاد احمد جي غير ملڪي جائيدادن جو آڊٽ ٿي رهيو آهي. 20 ماڻهن مان 14 خلاف وڌيڪ ڪارروائي جي تجويز ڏني آهي. جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪ ڏنا ته عدالتي حڪم تحت ڪميٽي کي ڪارروائي ڪرڻي هئي، عدالت فيلڊ آفيسرن ڏانهن ڪيس موڪلڻ جو ناهي چيو. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته لڳي ٿو ايف بي آر کي عدالت جو حڪم جو سمجهه ۾ ناهي آيو، عدالت توهان کي آڊٽ ڪرائڻ جو نه چيو هو،  توهان ڪيس لٽڪائڻ چاهيو ٿا، لڳي ٿو ايف بي آر پاڻ به مليل آهي، عدالت جوائنٽ ٽيم جوڙي ڏني هئي، جنهن ۾ 20 ماڻهن جي اثاثن جي تصديق ڪرڻي هئي، ايف بي آر کي پنهنجي عزت ناهي ڪرائڻي ته اسان نه ڪنداسين، ايف بي آر ، ايف آءِ اي جي محنت به سرد خاني ۾ وجهي ڇڏي. چيف جسٽس عدالت جي حڪم عدولي تي چيئرمين ۽ ميمبر ايف بي آر کي شو ڪاز نوٽي جاري ڪندي حڪم ڏنو ته 3 ڏينهن ۾ توهين عدالت جي نوٽيس جو جواب ڏي، عدالت عليمه خان خلاف ڪارروائي بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي 13 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.