پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
اصولن تي سوديبازي ناهي ڪئي، ڦاهيءَ جو ڦندو چُميو پر يوٽرن نه ورتو: بلاول ڀٽو

اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان اصولي سياست ڪئي ۽ ڦاهيءَ جو ڦندو چُميو پر يوٽرن نه ورتو ۽ نه ئي اصولن تي سوديبازي ڪئي. اسلام آباد جي زيبسٽ يونيورسٽي ۾ سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ جي حوالي سان ملهايل تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پيپلز پارٽي ڪڏهن به پنهنجي فيصلن تان پوئتي ناهي هٽي، سمورن ماڻهن لاءِ آئين ۽ قانون جو هڪجهڙو عمل چاهيون ٿا. سندس چوڻ هو ته فخر آهي اسان اصولن تي بيٺل آهيون، جيئي ڀٽو جو نعرو هڻي اسان ٽن آمرن کي گهر موڪليو. هن واضح ڪيو ته اسان پنهنجي هر ثقافت، ٻولي ۽ روايتن جا امين آهيون، سنڌ جي هڪ تاريخي حصي موهن جي دڙي مان خبر پئي ٿي ته اها دنيا جي قديم ترين تهذيب آهي، سنڌ اهو خطو آهي، جنهن کي باب الاسلام جي نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي، هتي لاقانونيت جي لاءِ ڪا جاءِ ناهي. پ پ چيئرمين دعويٰ ڪئي ته اسان دهشتگردن جي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهايو. ان موقعي تي بلاول ”مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون“ جو نعرو پڻ هنيو. تقريب ۾ نيئر حسين بخاري، فرحت الله بابر، راجا پرويز اشرف ۽ شيري رحمان پڻ شرڪت ڪئي، جڏهن ته يونيورسٽي سربراهه خسرو پرويز سمورن مهمانن کي سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايو.