پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
ملڪ کي هڪ هڪ سر لڳائي ٻيهر ٺاهي رهيا آهيون آئين موجب حڪمراني چاهيون ٿا: آرمي چيف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ملڪ کي هڪ هڪ سر لڳائي ٻيهر ٺاهي رهيا هيون پاڪستان ۾ آئين موجب قانون جي حڪمراني چاهيون ٿا اسان اهڙو ملڪ ٺاهينداسين جتي ڪو به شخص يا ادارو ملڪ کان مٿانهون نه هجي، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور بريفنگ ڏيندي آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جو پيغام پڙهي ٻڌايو، آرمي چيف پنهنجي پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ملڪ کي هڪ هڪ سر لڳائي ٻيهر ٺاهي رهيا آهيون، ۽ اهڙو ملڪ بڻائينداسين جتي ڪو به شخص يا ادارو ملڪ کان مٿانهون نه هوندو.