پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
افغانستان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ اسان جي موقف جي توثيق آهي، آمريڪا”ڊو مور“ بدران سهڪار گهري رهيو آهي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا پاران افغانستان ۾ سياسي ڳالهين جي عمل جي ذريعي امن جي قيام جي حوالي سان پاڪستان جي موقف جي توثيق ٿي آهي، افغانستان ۾ امن جي قيام لاءِ اسان سدائين ڳالهين ۽ پرامن حل تي زور ڏنو، اڄ ”ڊو مور“ جي مطالبي بدران پاڪستان جو پرامن حل ڳولڻ ۾ اسان جو تعاون گهري رهيا آهن، هاڻي ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ بدران پاڪستان ثالثي جي ذريعي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، يمن ۾ امن جي حوالي سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين، سڀني مذهبن جي ماڻهن کي انهن جي عبادتگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ پاڪستان جي ذميداري آهي، سک برادري ڪرتار پور لنگهه کي تمام گهڻوساراهيو آهي اميد آهي ته ڀارت به مثبت جواب ڏيندو، جيڪڏهن اقتصادي صورتحال واقعي خراب هجي ها ته ملڪ ۾ ڪا غير ملڪي سيڙپڪاري نه اچي رهي هجي ها، مشڪل حالتن جي باوجود اسان جي معاشي ٽيم ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، هن اها ڳالهه وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وزيراعظم چيو ته آمريڪا اها ڳالهه پهريون ڀيرو تسليم ڪئي آهي جيڪا پاڪستان تحريڪ انصاف سدائين چوندي رهي آهي ته افغانستان جي مسئلي جو ڪو فوجي حل نه آهي، وزيراعظم ياد ڏياريو ته افغانستان ۾ امن امان جي حوالي سان افغان مصالحت جي لاءِ آمريڪي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد سان سندس ملاقات ٿي ۽ کيس خوشي ٿي ته تحريڪ انصاف جي موقف کي تسليم ڪيو ويو آهي، هن چيو ته آمريڪا سياسي حل جي ذريعي افغانستان ۾ امن ۽ مصالحت حاصل ڪرڻ ۾ پاڪستان جي ڊگهي مفاد جو اعتراف ڪيو آهي، اسان 15 سالن کان چئي رهيا آهيون ته افغانستان مسئلي جو فوجي حل نه آهي، مون کي خوشي آهي ته آمريڪا ان ڳالهه کي تسليم ڪيو آهي پاڪستان افغانستان ۾ امن لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي آئون سدائين سمجهندو هئس ته اسان جو ڪردار افغانستان ۾ ڳالهين جي ذريعي امن جي قيام جي حوالي سان آهي ۽ اسان جو اهو موقف رهيو آهي ته افغانستان ۾ ڳالهين جي ذريعي مسئلي جو سياسي حل ڳوليو وڃي، الله جو شڪر آهي جو اڄ ڊو مور جي بدران افغانستان جو پرامن حل ڳولڻ ۾ اسان جو تعاون گهري رهيا آهن، وزيراعظم چيو ته اسان سدائين افغانستان جي مذاڪراتي ۽ پرامن حل تي زور ڏنو ۽ هاڻي ڪنهن ٻي جي جنگ وڙهڻ بدران پاڪستان ثالثي جي ذريعي حل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو، يمن جي صورتحال جي باري ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجي حڪومت يمن جي بحران جو ثالثي جي ذريعي حل ڳولڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي خواهشمند آهي، يمن ۾ امن جي حوالي سان به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي پوري ڪوشش ڪنداسين، ڪرتار پور لنگهه کولڻ بابت وزيراعظم عمران خان چيو ته بدقسمتي سان ڀارت خير سگالي جي اسان جي ان جذبي کي سياسي فائدو حاصل ڪرڻ جو رنگ ڏنو، وزيراعظم چيو ته سڀني مذهبن جي ماڻهن کي انهن جي عبادتگاهن تائين پهچ فراهم ڪرڻ پاڪستان جي ذميداري آهي، پوءِ ڀلي هو سک هجن، ٻڌمت سان يا ٻين مذهبن سان تعلق رکندا هجن، اقليتن جي مقدس ماڳن جي حوالي سان آسانيون پيدا ڪرڻ تحريڪ انصاف جي منشور جو حصو آهي، سک برادري ان قدم کي تمام گهڻو ساراهيو آهي اميد آهي ته ڀارت به مثبت جواب ڏيندو، معاشي صورتحال جو ذڪر ڪندي وزيراعظم پنهنجي اقتصادي ٽيم جو ڀرپور دفاع ڪيو ۽ چيو ته مشڪل حالتن جي باوجود معاشي ٽيم ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو آهي ان ڏس ۾ هن ناڻي ، واپار ۽ منصوبابندي واري وزارت جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته سڀني پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، اسان مشڪل حالتن مان نڪرنداسين، هن چيو ته اسان جي مخالفن خراب حالتون ٻڌايون آهن پر ٻي پاسي وڏي پئماني تي سيڙپڪاري اچي رهي آهي جيڪڏهن اقتصادي صورتحال واقعي خراب هجي ها ته ملڪ ۾ ڪا غير ملڪي سيڙپڪاري نه اچي ها، هن ان ڏس ۾ سوزوڪي پاران 450 ملين ڊالر، ڪوڪو ڪالا پاران 200 ملين ڊالر، پيپسي پاران 400 ملين ڊالر، ايگزن موبائل ڪمپني پاران فوري طور تي 200 ملين ڊالر ۽ جي ڊبليو فور لينڊ پاران 900 ملين ڊالر جي سيڙپڪاري جي امڪانن جو ذڪر ڪيو، هن چيو ته فور لينڊ ڪمپني پاڪستان ۾ گاڏين جي مڪمل مينيوفيڪچرنگ جو پلانٽ لڳائيندي جيڪو پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون منصوبو آهي، هي ڪاريگرن جي تربيت لاءِ به فني ادارو قائم ڪندي جيڪو ملڪ ۾ صنعتڪاري طرف هڪ وڏو قدم آهي، وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري آڻڻ جي انهن ڪوششن جو سهرو اقتصادي ٽيم ڏانهن وڃي ٿو.