پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
پاڪ فوج ڪنهن هڪ پارٽي يا صوبي نه پر ملڪ جي آهي هر حڪومت سان گڏ بيٺل هوندا آهيون: ڊي جي آءِ ايس پي آر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج چيو آهي ته پاڪستان نازڪ دور مان گذري اهم موڙ تي اچي ويو آهي، اسان جنگون وڙهي وڙهي اڌ ملڪ وڃائي ڇڏيو آهي ۽ ايٽمي قوت به ٿي وياسين، ملڪ ۾ جيترا نازڪ دور آيا آهن انهن جو ذميدار ڪير آهي، اسان جي ناڪامين جي سببن ۾ معيشت، ڪمزور گورننس، عدالتي ۽ تعليمي نظام، مذهب ۽ فرقيواراڻي اشتعال انگيزي شامل آهن اسان پاڻ ان ۾ پياسين ۽ دشمن ان مان فائدو کنيو، اڄ جي فوج گذريل ڏينهن واري فوج نه آهي، جيڪڏهن اسان 70 سال پوين وارن معاملن ۾ جڪڙيل رهياسين ته پوءِ اڳتي وڌي نه سگهنداسين، ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي معيشت پاڻ سنڀاليو آهي جيڪڏهن ڪم بهتر ٿي رهيا آهن ته پوءِ انهن کي پوئتي ڌڪيو ڇو پيو وڃي، پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته لائين آف ڪنٽرول تي مسلسل جنگ بندي جي معاهدي جون خلاف ورزيون ٿي رهيون آهن ۽ انهن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، سرحدن تي فوج نه پر شهري آبادين کي نشانو بڻايو پيو وڃي، 2017 ۽ 2018ع ۾ سيز فائر معاهدي جون گهڻيون خلاف ورزيون ٿيون، 2018ع ۾ 2593 ڀيرا خلاف ورزيون ٿيون جنهن ۾ 55 شهري شهيد ۽ 300 کان وڌيڪ زخمي ٿيا، حڪومت ڀارت سان امن جي لاءِ معاملن تي اڳڀرائي ڪري رهي آهي پر ڀارت رضامندي جو مظاهرو نه پيو ڪري، هن چيو ته ڀارت ڪارتار پور کي منفي انداز ۾ پيش ڪري رهيو آهي، ڪرتار پور لنگهه وسيلي پاڪستان مان ڪو به شخص ڀارت وڃي نه سگهندو، اهو رستو صرف سک برادري لاءِ ۽ روزانو 4 هزار سک ياتري اچي وڃي سگهندا، رستي تي خاردار تارون لڳايون وينديون، هن ڀارتي آرمي چيف جي بيان جي جواب ۾ چيو ته اسان سک مذهب جي احترام ۾ ڪرتار پورسرحد کولي آهي پر ڀارت بابري مسجد ۾ ڇا ڪيو، گجرات ۾ ڇا ڪيو ويو، ڀارت ۾ مسلمانن جي ڪهڙي حالت آهي اها سڀني کي خبر آهي، ڀارت پهرين پاڻ سيڪيولر ٿئي پوءِ ٻين کي سبق پڙهائي، اسان جهڙا به آهيون اسان کي برداشت ڪري،پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته وزيراعظم جي ڳالهه غور سان ٻڌو ته هن ڪهڙي نموني ڳالهه ڪئي آهي ڪا به حڪومت هوندي آهي اها پنهنجي اسٽيبلشمينٽ کان رايو وٺندي آهي، جهڙي طرح هن پينٽاگون جو مثال ڏنو، وزيراعظم چيو ته منهنجو جيڪو فيصلو هوندو آهي ان جي پويان فوج بيٺل هوندي آهي فوج پوري پاڪستان جي آهي ۽ اسان هڪ ادارو آهيون، پاڪ فوج ڪنهن هڪ پارٽي يا صوبي نه پر ملڪ جي فوج آهي، جنهن جي به حڪومت آئي آهي فوج ان سان گڏ بيٺل رهي آهي، سٺي ڳالهه آهي ته اسان سڀ گڏجي اڳتي وڌون، هن چيو ته اسان تي جنگ مڙهي وئي هئي اسان ٽي ٽي پي جي خلاف جنگ وڙهي ۽ هاڻي جڏهن اسان پنهنجي طرف کان جنگ کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي سرحدن کي محفوظ بڻائي رهيا آهيون هاڻي اسان افغانستان جي جنگ پاڪستان ۾ نه وڙهنداسين، هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا خطي مان دوست بڻجي نڪرندو ته ان سان خطي جو فائدو ٿيندو. هن چيو ته سدائين چيو وڃي ٿو ته پاڪستان نازڪ دور مان گذري رهيو آهي پر اسان نازڪ دور مان گذري اهم موڙ تي اچي ويا آهيون هاڻي اڳتي نازڪ وقت ناهي يا نازڪ کان به وڌيڪ خراب وقت ايندو، اسان جنگون وڙهي وڙهي اڌ ملڪ وڃائي ڇڏيو آهي ۽ ايٽمي قوت به ٿي وياسين ڀارت سان ڪيتريون ئي جنگيون ڪرڻ باوجود ڪشمير مسئلو حل ناهي ٿيو، ملڪ ۾ جيترا نازڪ دور آيا آهن انهن جو ذميدار ڪير آهي، هن چيو ته اسان جي ناڪامين جي سببن ۾ معيشت، ڪمزور گورننس، عدالتي ۽ تعليمي نظام، مذهب ۽ فرقيواراڻي اشتعال انگيزي شامل آهن اسان پاڻ ان ۾ پياسين ۽ دشمن ان مان فائدو کنيو، اڄ جي فوج گذريل ڏينهن واري فوج نه آهي، جيڪڏهن اسان 70 سال پوين وارن معاملن ۾ جڪڙيل رهياسين ته پوءِ اڳتي وڌي نه سگهنداسين، هن چيو ته ملڪ ۾ ترقي ٿي رهي آهي معيشت سڀنلجي وئي آهي جيڪڏهن ڪم بهتر ٿي رهيا آهن ته پوءِ انهن کي پوئتي ڌڪيو ڇو پيو وڃي، اسان کي حالتن کي بهتر ڪرڻو پوندو، هن چيو ته ميڊيا ملڪ جون سٺيون شيون ڏيکاري ۽ عوام ۾ شعور اجاگر ڪري، هن چيو ته بلوچستان ۾ سيڪيورٽي اپريشن جي لاءِ حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي، گذريل ٽن سالن ۾ 22 سئو فراري قومي ڌارا ۾ داخل ٿيا ۽ هٿيار اڇلي ڇڏيا. هن چيو ته ڪا به جنگ صرف آپريشن سان ختم نٿي ٿئي پر ان جي لاءِ تمام گهڻيون شيون ڪرڻيون پونديون آهن. هن چيو ته تحريڪ لبيڪ وارن رياست جي خلاف ڳالهايو ته هاڻي اهي جيل ۾ آهن، جيڪو به رياست کي للڪاريندو ته ان سان نرمي نه ڪئي ويندي