پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
ياسر شاهه تيز ترين 200 وڪيٽون وٺڻ جو 82 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو

ابو ظهبي (اسپورٽس نيوز) ياسر شاهه تيز ترين 200 وڪيٽون وٺڻ جو 82 سال پراڻو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ ۾ ياسر شاهه پنهنجي ٻي وڪيٽ حاصل ڪئي ته سندس 200 وڪيٽون مڪمل ٿيون. اهڙي نموني هن آسٽريلوي ليگ اسپنر ڪليري گرمٽ جو 1936 ۾ 36 ٽيسٽ ميچن ۾ ٺاهيل 200 وڪيٽون حاصل ڪرڻ جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. ياسر شاهه 33 ميچن ۾ 200 وڪيٽون حاصل ڪيون ۽ اهڙي نموني پهريون بالر بڻجي ويو آهي جنهن تيز ترين 200 وڪيٽون مڪمل ڪيون آهن. ليگ اسپنر ياسر شاهه نيوزيلينڊ خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ ۾ 14 وڪيٽون حاصل ڪيون هيون ۽ جيڪا سندس ڪيريئر جي بهترين بالنگ آهي.