پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
مونجهارن ۾ ڦاٿل مُلڪ ۽ سنگيني طرف وڌندڙ سياسي صورتحال!
خميس 06 ڊسمبر 2018ع

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ٽنڊي الهيار ۾ ڏنل آجياڻي دوران مبهم انداز ۾ ڪيتريون ئي اهم ڳالهيون ڪيون آهن. سندس چوڻ آهي ته موجوده حڪومت کان ملڪ نه هلي رهيو آهي، مهانگائي سبب عوام پريشان آهي. سندس چوڻ هو ته 18هين ترميم ۾ ردوبدل ڪري مُلڪ ۾ ون يونٽ مڙهڻ جهڙيون حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هُن موجوده سرڪار تي تنقيد ڪندي چيو ته اسين هن ڪٺ پتلي حڪومت کي موقعو ڏيڻ چاهيون ٿا، متان کيس آڻيندڙ ڪو جواز ڄاڻائي اهو نه چون ته اسين جمهوري ماڻهو جمهوريت جي خلاف آهيون. تنهن ڪري اسان جمهوريت کي مضبوط ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته سرڪار انتقامي ڪارروايون ڪري رهي آهي. هُن موجوده حڪمرانن لاءِ تنبيهي انداز ۾ اهو به چيو ته اُهي ايترو ڪن جو سُڀاڻي برداشت به ڪري سگهن. اڳوڻي صدر، ميان صاحب جي احتساب جي ياد ڏياريندي چيو ته منهنجي خلاف نواز شريف احتساب ڪورٽون ٺاهيون، جنهن ۾ اڄ پاڻ لوڙي رهيو آهي. احتساب بيورو به نواز شريف آندي هُئي، اڄ احتساب بيورو کي منهن به اهي پيا ڏين.

ملڪي سياست ۾ آصف علي زرداريءَ کي وڏي اهميت حاصل آهي. خاص ڪري محترمه جي شهادت کان پوءِ اُٿيل عوامي ڪروڌ ۽ ڪاوڙ کي جنهن ڏاهپ سان هُن ماٺو ڪيو هو، تنهن کي مُلڪ جا گهڻ گهرا اڄ به ساراهين ٿا، جيڪڏهن هُن ’پاڪستان کپي‘ جو نعرو نه هنيو هُجي ها ته هوند صورتحال ڪجهه مختلف هُجي ها، پر حالتن کي پرکيندي هُن نه رُڳو اِهو نعرو هنيو پر چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو پڻ اعلان ڪيو ۽ اِئين چونڊن ۾ پيپلز پارٽي اڪثريت ماڻي حڪومت جوڙي؛ جنهن مُلڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجو مُدو پورو ڪيو. محترمه جي شهادت عيوض حاصل ڪيل سرڪار کي جيڪا مقبوليت ملڻ گهربي هُئي، سا پيپلز پارٽي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. جيتوڻيڪ اُن سرڪار دوران ڪيترائي چڱا عمل پڻ ٿيا، جنهن ۾ ارڙهين ترميم به شامل آهي، پر توانائيءَ جي بحران کي اشو بڻائي سرڪار خلاف جيڪا نفرت اُڀاري وئي، تنهن پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ تائين محدود ڪري ڇڏيو. ايترو ئي نه پر پيپلز پارٽيءَ جي قيادت خاص ڪري اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ تي ڪيسن جي حوالي سان سدائين آڱريون به کڄنديون رهيون. اِهوئي سبب آهي جو گذريل ڳچ ڏينهن کان آصف علي زرداري پنهنجي هر تقرير توڙي انٽرويوءَ ۾ جيل وڃڻ لاءِ تيار هُجڻ جو اشارو ڏيندو رهي ٿو. صورتحال واقعي به اهڙي آهي يا سرڪار کي دٻاءَ ۾ آڻڻ خاطر اِن قسم جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون؟ اُن بابت يقين سان ڪجهه چئي نه ٿو سگهجي، پر گذريل ڪجهه هفتن کان پيپلز پارٽي جنهن تحرڪ جو مظاهرو ڪيو آهي، تنهن مان گهڻو ڪجهه واضح ٿي رهيو آهي، جڏهن ته پرنٽ توڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا تي پڻ آصف علي زرداريءَ جون ڳالهيون بحث هيٺ آهن.

جيستائين موجوده سرڪار جي ڪارڪردگيءَ جو سوال آهي ته اُها ڪو سُٺو تاثر قائم ڪرڻ ۾ هيستائين ناڪام ثابت ٿي آهي، جڏهن ته ٻه ڏهاڙا اڳ وزيراعظم پاران وقت کان اڳ چونڊن جو جهڙيءَ ريت اشارو ڏنو ويو آهي، تنهن مان پڻ اندازو ٿئي ٿو ته لاشعوري طور هُو پنهنجي ناڪامين جو اعتراف ڪري رهيا آهن. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن مخالف ڌر جون پارٽيون ڪو گڏيل لائحه عمل جوڙين ٿيون ته اِها ڳالهه سرڪار لاءِ يقينن ڏچي جو سبب بڻجندي ۽ جيڪڏهن سرڪار پاران انتقامي ڪارروائين واري ڳالهه ۾ ڪا صداقت آهي ته اِها پڻ سندن حق ۾ چڱي نه چئبي. جيتوڻيڪ مستقبل بابت صورتحال اڃا واضح ناهي ۽ ڪير به نٿو ڄاڻي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيڻ وارو آهي، پر حالتون جنهن ڳنڀيرتا جي چغلي هڻي رهيون آهن، تنهن خلق کي مونجهارن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هڪ طرف مهانگائيءَ جو راڪاس چوڏس ڦيرا پائي رهيو آهيو، ماڻهن مان قوتِ خريد ڇڏائيندي پئي وڃي، اُهي نراسائيءَ جي پاتال ۾ لهندا پيا وڃن. اهڙي صورت ۾ جيڪڏهن سرڪار ۽ مخالف ڌرين وچ ۾ ٽڪراءَ جي صورتحال پيدا ٿئي ٿي ته اُها مُلڪ توڙي عوام لاءِ نهايت ئي هاڃيڪار ثابت ٿيندي. تنهن ڪري جن مونجهارن مان هيءُ مُلڪ گذري رهيو آهي، اُن ۾ سرڪار توڙي مخالف ڌر جي پارٽين کي سنڀالي وکون کڻڻ جي ضرورت آهي، ڪٿي به جيڪڏهن ڪو ٿيڙ آيو ته اُن جا اثر جهڙي تهڙي جمهوريت تي پوندا، جا ڳالهه ڪنهن به ريت اسان سڀني جي حق ۾ بهتر نه هوندي. اُن لاءِ مخالف ڌر جون پارٽيون پنهنجي جاءِ تي پر سڀ کان وڌيڪ ذميواري سرڪار تي عائد ٿئي ٿي ته اُها انتقامي ڪارروائين واري تاثر کان پنهنجا پانڌ بچائيندي اهڙو لائحه عمل جوڙي جنهن سان ڪنهن کي به مٿن آڱريون کڻڻ جو موقعو نه ملي.