پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
پئسو هَٿَ جو ميرُ!
مٺل جسڪاڻي

آئون ته پنهنجي ڪرت ۾ مصروف هئس، اوچتو ميراعظم موبائيل فون وسيلي رابطو ڪيو. خريد ڪري آيل ڪيلي جو احوال ڏنو ۽ ان جي تصوير ڏياري موڪلي! اتان ذهن ڊوڙون پائڻ لڳو. ڪا هڪ نه، ڪيتريون ئي ٻُڌل ۽ پڙهيل ڳالهيون ياد آيون! ميراعظم جي ڳالهين ۽ موڪليل تصوير تي ويچاريندي، منهنجي ذهن ۾ آيو ته:

پيسو آهي ته سڀ ڪجهه آهي به درست ته پيسو ناهي ته ڪجهه به نه آهي به غلط ڪونهي. گهڻن جو ته ايمان ئي پيسو آهي. اهي به گهڻا، جن کي پيسي جي حوالي سان ڪا ڳڻتي ئي نه آهي، آهي ته به خير، نه آهي ته به خير. اهي به ڪي ٿورا نه آهن، جيڪي پيسي پٺيان آهن. پيسن مان ٿا پيسا ڪمائين. اهڙا به آهن، جيڪي پيسي کي هٿ جو مير چون!

هٿ جي مير سڏجندڙ پيسي تي ويهي ويچاربو ته گهڻن ئي ڏاهن جون ڏاهپ ڀريون ڳالهيون، سگهڙن جا ڏور ۽ بيت، شاعرن جي شاعري، فيلسوفن جو فلسفو، بحث کي ڪنهن خاص نتيجي تي شايد نه پهچائي ۽ ڳالهه نفسياتي علم، حلم ۽ بيمارين تائين پهچي وڃي، ان ڪري پيسي تي ٻيو ڪو وڌيڪ بحث نه ڪبو. ايتري ڳالهه ضرور ڪبي، ته پيسو وڌائڻ لاءِ ماڻهو وسان نه گهٽائيندا آهن. ڄاڻائي يا اڻڄاڻائيءَ ۾ اهو ڪجهه ڪري گذرندا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ نه صرف حيراني ۽ پريشاني ٿيندي آهي، ڪن کي ڪجهه به نه ٿيندو آهي، ته ڪي پشيمان ٿيندا آهن.

هٿ جي مير پيسي پٺيان پيل ڪڏهن پنهنجي ذات کي، ڪڏهن ڪنهن ٻئي جي ذات کي، ته ڪڏهن قبيلي ئي نه قوم کي، ڪنهن مخصوص ماڳ مڪان کي ئي نه، ملڪ کي به نقصان پهچائيندا آهن. اهڙن عملن جو ڇيد ڪرڻ لاءِ باقاعدي تحقيق ڪبي ته لوٽو ٻگهڻي کان ڳرو ٿي ويندو. ان ڪري پاڻ گهڻي بحث ۾ ڪونه پونداسين، ڇو ته بحث ايڏو وڏو به ٿي سگهي ٿو، جيڪو ڪنهن نتيجي تي پهچي سگهجي، گهڻو ڏکيو ٿي پوندو.

پاڻ، پنهنجي ملڪ جو دارومدار گهڻي ڀاڱي زراعت تي آهي. زرعي حوالي سان به ڳالهيون ڳچ، ڪهڙيون ڪري ڪهڙيون ڪجن؟ گهڻيون ڪونه ڪبيون، پر ايتريون ضرور ڪبيون، ته پيسا ڪمائڻ جي هٻڇ ۾ پيل ڪيترائي ڪاروباري زراعت کي هٿ وٺي تباهه ۽ برباد ڪري رهيا آهن. اهي احوال به ڪي ٿورا نه آهن، پر هتي ڳالهه صرف انهن جي ڪبي، جيڪي چار ڏوڪڙ ڪمائڻ جي حرس ۾، مختلف ملڪن مان نوان ٻج، نيون جنسون گهرائي پوکين ٿا يا وڪڻي ڪاروبار ڪن ٿا.

فصلن جا نوان ٻج، نيون جنسون پنهنجي ملڪ ۾ دريافت ڪرڻ وڌيڪ فائديمند آهي. ٻين ملڪن مان گهرائي، تحقيقي ادارن ۾ تحقيق ڪري، پوءِ عام ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو فيصلو به فائديمند آهي، پر جيڪي اکيون پوري ٻج آڻين ٿا، وڌائين ٿا ۽ ملڪ ۾ ڦهلائين ٿا، اهي نت نوان مسئلا به پيدا ڪن ٿا.

ڪيلي ۾ ڪيلي جي ڇڳي نما چوٽي واري وائرس بيماري ملڪ ۾ نه هئي، پر ٻُڌڻ ۾ آيو آهي ته اها بيماري ڪيلي جي نئين جنس جي لالچ ۾ ڪنهن ٻاهرئين ملڪ مان لاشعوري طور پنهنجي ملڪ ۾ پهتي ۽ پوءِ جيڪو ٿيو، اهو تاريخ جو حصو ۽ سدائين جو مسئلو ٿي پيو!

ڪيلي جون پاڻ وٽ ڪي چند جنسون هيون، پر هاڻي درجن کي ويجهيون، بلڪه ممڪن آهي ته درجن کان وڌيڪ به هجن. اهي جنسون ڪنهن آنديون؟ ڪٿان آنديون؟ ملڪي قانون مطابق پلانٽ ڪئارنٽائين جي معرفت آيون يا چور دروازي مان پهتيون؟ ڪنهن کي ڪا خبر آهي، ته هوندي.

نوان ٻج ۽ نيون جنسون صرف ڪيلي ۾ ئي نه، ڀاڄي، تيلي ٻج، ساريون ۽ الئه ته ڪهڙن ڪهڙن فصلن جون هاڻي ديسي جنسون يا ملڪ ۾ دريافت ٿيل جنسون اڻ لڀ ٿي ويون آهن. اهڙن فصلن جي پوک لاءِ، هر موسم ۾، جيستائين ٻاهران ٻج نه پهچي، پوک ڪرڻ ممڪن ئي نه رهي آهي!

ٻين ملڪن مان ايندڙ ٻج، في ايڪڙ پيداوار ڪيتري به ڏين، پر جيڪڏهن انهن جي معرفت ڪي نوان نقصانڪار جيت، بيماريون ڦهلائيندڙ جراثيم، خطرناڪ گند گاهه جا ٻج به ملي، ملاوت ٿي، ملڪ ۾ پهتا ته ڇا ٿيندو؟

سچ اهو آهي ته ڇا ٿيندو کان ڳالهه گهڻي اڳتي وڌي وئي آهي. ڪيترن ئي فصلن ۾ ڪي اهڙا مسئلا جيئن پوءِ تيئن تيزيءَ سان وڌي رهيا آهن، جيڪي اڳي نه هئا.

ٿورو سوچيو، ويچاريو، هٿ جي مير يعني پيسي جي حاصلات ۽ گهڻائيءَ جي ڪري، ڇا ڇا ٿيو آهي ۽ اڃا ڇا ڇا ٿيڻ جا امڪان آهن؟