پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
ساڄي ڌر جو نظريو به ناڪام!
ڊاڪٽر منظور اعجاز

مجيب الرحمان شامي کي ياد هُجي يا نه، پر مون کي ياد آهي ته جڏهن هڪ ڊگهي عرصي کان پوءِ ساڻس الطاف حسن قريشيءَ سان گڏ اسلام آباد هوٽل ۾ هڪ ٻئي جي مُنهن مقابل ٿيا هئاسين ته نهايت محبت ۽ پاٻوهه سان مون طرف تيزيءَ سان ايندي چيو هو، اچو هاڻ ته کاٻي ڌر جو نظريو به ختم ٿي ويو، تنهن ڪري هاڻي جهڳڙو ڪهڙي ڳالهه جو؟ مان به ساڻس اُن ساڳي جوش جذبي سان ڀاڪر پائي مليو هوس ۽ چيو هو، ها اسان کاٻي ڌُر جو نظريو ختم ڪيو، اوهان اسلامي نظريو آڻڻ ۾ ناڪام ٿيا ته پوءِ جهيڙو ته واقعي ڪو به نه رهيو. شامي صاحب نهايت ئي مروت وارو انسان آهي ۽ مان جڏهن به لاهور ۾ هوندو آهيان ته هو مون کي وڏي محبت سان دعوت ڏئي گهرائيندو آهي. پر تنهن وقت شايد شامي صاحب سان جيڪي ڊائيلاگ ٿيا هئا، اُن ۾ ديرينه نظرياتي بحث غالب هو، پر هاڻي مان سنجيدگيءَ سان سمجهان ٿو ته پاڪستان ۾ صرف کاٻي ڌر جو نظريو ئي ناڪام نه ٿيو، بلڪه ساڄي ڌر جو، خاص ڪري مذهبي نظريو به ڪامياب نه ٿي سگهيو. گذريل ٽن چئن ڏهاڪن کان جهڙي نموني جي مذهبي انتهاپسنديءَ جو طوفان اُٿيل هو، اُن جو مذهبي نظريه سازن جي بنيادي نظرياتي ڍانچي سان ڪو تعلق ناهي. مذهبي انتهاپسندي ته هندوئن ۽ ٻُڌن ۾ به تمام گهڻي آهي، اُن لاءِ سنجيده حلقا مذهبي روايتن کي اُڀارڻ جو ڪريڊٽ نٿا کڻي سگهن. پاڪستان ۾ ساڄي ڌر جي ماهيت مغربي مُلڪن جي قدامت پرستيءَ کان بنيادي طور تي مختلف آهي. اولهندن مُلڪن ۾ ساڄي ڌر جي عام طور ايجنڊا پُراڻي طرز جي سرمائيداريءَ جي بحالي ۽ فلاحي رياستن جو خاتمو آهي. رونالڊ ريگن جهڙا قدامت پرست به مذهبي طور سيڪيولر هُئا، جڏهن ته پاڪستان ۾ ساڄي ڌر جا رهنما مذهبي نظريي ساز رهيا آهن، جن جو مقصد پراڻي معاشي نظام کي قائم رکڻ سان گڏوگڏ شريعه ۽ فقه جي نظام جو نفاذ هو. مذهب جي نظرياتي اڪابرن جو مقصد جديد دور جي تقاضائن سان گڏ اسلامي نظريات کي هم آهنگ ڪرڻ هو، جنهن ۾ اُهي ڪامياب نه ٿي سگهيا. جيڪي ڪجهه اسلامي نظام جي نالي تي ٿيو آهي، اُهو عوامي سطح تي روايت پرستي آهي ۽ اُهو ايئن آهي جيئن هندستان ۽ برما ۾ به نظر اچي ٿو.

مذهب جي جديد تقاضائن مطابق جوڙيل نئون ٻيڙو سر سيد احمد خان سنڀاليو ۽ اُن کان پوءِ علامه محمد اقبال گهرائيءَ سان گڏ اُن نظرياتي ڍانچي جي تعمير جي لاءِ فڪري بنياد فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. علامه اقبال جي شاعرانه ڪلام ۾ ته مختلف النوع نظريي دانن کي ساراهيو ويو، جنهن ۾ ڪارل مارڪس به شامل آهي (نيست پيغمبر وليڪن در بغل دارد ڪتاب) پر هُن مذهبي نظريي سازي پنهنجي ستن خطبن ۾ پيش ڪئي، جيڪا هُن جي ڪتاب ”تشڪيل جديد اليهات“ Reconstruction of Religious Thought in Islam جي صورت ۾ شايع ٿيو. انهن خطبن ۾ هُن ڪيترائي نوان نظريا پيش ڪيا. بر سبيل تذڪره رادها ڪرشنن به هندو مت جي جديد فڪري نظام سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ هندو فلسفي جي تاريخ و ديباچو لکندي جيڪي چيو اُن جي علامه اقبال جي خطبن ۾ جهلڪ نظر اچي ٿي. جناب علي عباس جلالپوري علامه اقبال کي فلسفي جي طور تي تسليم نٿو ڪري ۽ اُن کي محض علم الڪلام يا ماهر (جيڪو مذهبي مفروضن کي صحيح مڃي هلندو آهي) سمجهي ٿو. اسان جي خيال ۾ ان ٽيڪنيڪي بحث سان فڪر جي تاريخي اهميت جو اندازو نٿو ٿئي، پر اها حقيقت عيان آهي ته علامه اقبال تي هزارين ماڻهن ڊاڪٽريٽ جون ڊگريون حاصل ڪرڻ جي باوجود هُن جي بنيادي فڪري ڍانچي ۾ ڪو اضافو ناهي ڪيو. ڪنهن به اُن جي هن سوچ کي عملي شڪل ڏيڻ طرف قدم ناهي کنيو. مولانا مودودي ان سلسلي ۾ گهڻو ڪجهه لکيو ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي متاثر به ڪيو، پر اڄ جيڪا مذهبي قدامت پرستي ڦهليل نظر اچي ٿي، اُن جو هُن جي نظريي سان ڪو خاص تعلق ناهي.

مولانا مودودي عام فهم ۽ روان نثر ۾ قرآن جو تفسير ”تفهيم القرآن“ کان علاوه زندگيءَ جي هر پهلو تي عقليت پسندانه انداز اختيار ڪندي پنهنجا نظريا پيش ڪيا. ٻين مذهبي رهنمائن جي ابتڙ هُن اسلام جو مڪمل ضابطه حيات جوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. تهمتن ۽ پير پرستيءَ جو متبادل ڳولڻ واري درمياني طبقي جي نستبن پڙهيل لکيل ماڻهن (خاص ڪري ويجهڙائيءَ وارن ڳوٺن سان تعلق رکڻ وارا) کانئس متاثر ٿيا ۽ جماعت اسلامي هڪ باقاعده مذهبي سياسي پارٽي طور سامهون آئي. پر عملي طور نه ته مولانا مودوديءَ جي فڪري نظام کي اڳيان وڌائڻ جي لاءِ ڪا مدبرانه ڪوشش ٿي ۽ نه ئي سياسي سطح تي عوام ۾ اُن جو اثر ۽ رسوخ وڌيو. اُن جي اُبتڙ جماعت اسلامي رياست جي طاقتور ترين ادارن سان گڏجي اتحاد قائم ڪري غير جمهوري روش تي هلندي مذهبي قانون مڙهڻ تائين محدود ٿي وئي. پنهنجي اثر هيٺ هلندڙ تعليمي ادارن ۾ به اُها ڏنڊي جي زور تي پنهنجو وجود ثابت ڪندي رهي. اهڙي نموني حڪمت عملي جي نتيجي ۾ جماعت اسلامي جو نظرياتي ۽ سياسي اثر گهٽ ٿيندي ٿيندي محدود ٿيندو پيو وڃي. مطلب ته جهڙي نموني کاٻي ڌر جا تصور زوال پذير ٿيا، اهوئي حال مذهبي نظرين جو به ڏيکاري ڏي پيو.

مذهب جي نالي تي جيڪي ڪجهه ٿي رهيو آهي، اُن جو تعلق مذهبي نظرين جي تبليغ کان وڌيڪ تيزيءَ سان بدلجندڙ معاشي ڍانچي سان آهي. پاڪستان کان وٺي برما تائين، مسلمان، هندو ۽ ٻُڌ هڪ ئي قسم جي مذهبي جنونيت جو شڪار نظر اچن ٿا. اُن نُڪتي تي تمام گهڻي تفصيل سان لکڻ جي ضرورت آهي، پر هن ڪالم ۾ اُن جي گنائش نه ڏسندي اسان صرف اشاري طور چئي سگهون ٿا ته نئين زورآور سرمائيداري ۽ اُڀرندڙ صنعتي نظام، قديم معاشرن جي نظرين ۽ قدرن کي تهس نهس ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان هڪ تمام وڏو نظرياتي خال پيدا ٿيو آهي، جنهن کي خاص طرز جي عوامي مذهبي روايت پسنديءَ ڀريو آهي. اها مذهب پسندي تشدد واري روين جو مظهر آهي. هندوستان ۽ برما ۾ جيڪي ڪجهه هندوئن ۽ ٻُڌ مت جي نالي تي ٿي رهيو آهي، اُهو پاڪستان ۾ نظر ايندڙ فضا کان ڪنهن به نموني مختلف ناهي. اُن کان علاوه مذهبي مفڪر ويسر جي مرض ۾ وٺجي ويا آهن، جيئن کاٻي ڌر جا نظريا. مون کي يقين آهي ته علامه اقبال ۽ راڌا ڪرشنن ساڳي نموني حيران ۽ پريشان هوندا.