پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
شروعاتي سؤ ڏهاڙا، ڇا وڃايو ڇا حاصل ڪيو؟
ڊاڪٽر رميش ڪمار وانڪواڻي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي قومي چونڊن ۾ شاندار ڪاميابي کانپوءِ موجوده حڪومت جڏهن قومي هدفن جو تعين ڪندي ابتدائي سئو ڏينهن جي رٿا عوام جي سامهون رکي ته هر طرف کان بي پناهه تنقيد کي منهن ڏيڻو پيو، ان ڳالهه جو اعتراف پاڻ وزيراعظم جو مشير ارباب شهزاد ابتدائي سئو ڏهاڙن جي مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي ٿيل تقريب کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. هن چيو ته جڏهن اسان پهريون ڀيرو سئو ڏهاڙن جو پلان ڏنو ته اسان جي دوستن چتاءُ ڏنو ته اوهان پنهنجي لاءِ پاڻ مشڪلاتون پيدا ڪري رهيا آهيو، ارباب شهزاد چواڻي ته اسان کي پاڻ ان جو اندازو هو پر اسان لاءِ ترقي جو بنياد رکڻ ۽ پنهنجي لاءِ درست رستي جي چونڊ ڪرڻ سياسي نمبر ٺاهڻ کان وڌيڪ اهم آهي، ڇوته درست رستي ڏانهن وڃڻ لاءِ درست بنياد پاڻ کي مشڪل ۾ وجهڻ کانسواءِ نٿو رکي سگهجي. آئون به ان تقريب ۾ موجود هئس، جڏهن وزيراعظم عمران خان يقين ڏياريو ته حڪومت درست رستي تي هلي رهي آهي ۽ اسان عوام سان ڪيل واعدن کي ضرور پورو ڪنداسين.

اها حقيقت آهي ته هر سمجهدار ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي حصول لاءِ پنهنجي هدفن جو تعين ڪندو آهي، اسان جي قومي تاريخ ۾ اڳوڻين حڪومتن وڏيون دعوائون ضرور ڪيون پر عملدرآمد لاءِ واضح هدف مقرر نه ڪيا. مون کي خوشي آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت نه رڳو پنهنجي شروعاتي سئو ڏينهن جي رٿا ڏني بلڪه سئو ڏهاڙا گذرڻ کانپوءِ به عوام جي سامهون پنهنجي ڪارڪردگي پيش ڪئي. آئون سمجهان ٿو ته اسان سڀني کي پاڪستان جي وسيع تر مفاد ۾ حقيقت پسند رويو اختيار ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، جتي هڪ طرف مخالف ڌر کي حڪومت جي نيڪ نيتي کي ساراهڻ گهرجي، اتي بطور وزيراعظم عمران خان کي جائزو وٺڻ گهرجي ته سئو ڏينهن جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ کيس ڪهڙين رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پيو، ڪهڙيون شيون غلط ٿيون ۽ ڪهڙيون درست، انهن جو پتو لڳائڻ تمام ضروري آهي ته جيئن ايندڙ سئو ڏهاڙن ۾ انهن غلطين کي ختم ڪري ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بنائي سگهجي. آئون مختلف ٽي وي چئنلن تي ٽاڪ شوز ۾ به واضح طور چوندو آيو آهيان ته وقت گذرڻ ۾ دير ناهي لڳندي، اڃا هي سئو ڏينهن گذريا آهن، جلد ايندڙ ٻيا سئو ڏينهن ۽ پنج سال به گذري ويندا ۽ اسان هڪ ڀيرو ٻيهر عوام وٽ هونداسين، ان موقعي تي صرف ۽ صرف اسان جي ڪارڪردگي ئي اسان جي ڪم ايندي، ان ڪري اهو تمام ضروري آهي ته اسان بنا ڪنهن تعصب ۽ وابستگي جي آزاد نموني انفرادي ۽ حڪومتي سطح تي پنهنجو تنقيدي جائزو وٺون. اسان کي ان حقيقت کان انڪار نه ڪرڻ گهرجي ته تعميري ۽ سڌارن لاءِ ٿيندڙ تنقيد ڪارڪردگي ۾ بهتري جو ڪارڻ بڻجندي آهي. آئون سمجهان ٿو ته اڄ ميڊيا عوام کي ايترو سياسي شعور ڏنو آهي ته هو اپوزيشن جي سياسي چال ۾ اچڻ لاءِ تيار ناهي پر اسان کي به نيڪ نيتي سان انهن سمورن ڪارڻن جو پتو لڳائڻ جي ضرورت آهي، جن جي ڪري اسان ترقي جي سفر ۾ پنهنجي رفتار برقرار نه رکي سگهياسين. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ ناهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جي ترجيحن ۾ معيشت جي بحالي، قانون جي بالادستي ۽ ڪرپشن تي ڪنٽرول ڪرڻ اولين ترجيح آهي. معيشت جي استحڪام لاءِ موجوده حڪومت لاءِ سڀ کان سولو آپشن هو ته آءِ ايم ايف سان رجوع ڪندي پاڪستان کي وڌيڪ قرضن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏي ها پر موجوده حڪومت ائين نه ڪيو. چين، سعوي عرب، يو اي اي ۽ ملائيشا جهڙن پراڻن دوست ملڪن سان ويجهن لاڳاپن مان لاڀ حاصل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ اهو حڪومت جي ڪامياب پرڏيهي پاليسي جو اثر آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي بي بنياد الزامن جو موثر جواب ڏنو ويو آهي. ڪرتارپور راهداري جو قيام پاڙيسري ملڪ ڀارت ۾ رهندڙ بابا گرونانڪ جي عقيدتمندن لاءِ ستر سالن کان جيڪو خواب هو، ان کي موجوده حڪومت سانڀان ڪيو آهي. جڏهن ته ويهه سال اڳ اڳوڻي ڀارتي وزيراعظم اٽل بهاري واجپائي جي لاهور ۾ آمد جي موقعي تي ڪرتارپور کي بحث هيٺ آندو ويو هو پر ان تي اڳڀرائي نه ٿي سگهي هئي. اڄ موجوده حڪومت ۾ ڪرتارپور راهداري جو قيام حقيقت ۾ هڪ اهڙو ڪارنامو آهي، جنهن پاڪستان جي ساک کي بهتر بنائڻ ۽ ان کي سڄي دنيا ۾ امن دوست ملڪ پيش ڪيو آهي. ان حوالي سان عالمي ميڊيا پاڪستان جي عسڪري ۽ سياسي قيادت جي واکاڻ ڪئي آهي پر آئون سمجهان ٿو ته جيڪڏهن اسان ٿوري وڌيڪ تياري ڪريون ها ته اهو موقعو ڀارتي قيادت سان ڪوآرڊينيشن جي عيوض موثر ثابت ٿي سگهيو پئي، جنهن ۾ سفيرن جي وڏي تعداد کي به دعوت ڏئي گهرايو وڃي ها. مون کي تمام گهڻي خوشي محسوس ٿي جڏهن وزيراعظم عمران خان ڀارتي وفد سان ماضي ۾ نه رهڻ جي ڳالهه ڪندي تاريخ مان سبق حاصل جي ضرورت تي زور ڏنو. وقت اچي ويو آهي ته اسان ماضي جي دقيانوسي پاليسين کي خيرآباد چئي اهڙيون ٺوس ۽ جامع حڪمت عمليون ٺاهيون جن سان نه رڳو ٻين ملڪن جا شهري پاڪستان جو رخ ڪري سگهن بلڪه پاڪستانين لاءِ به ٻاهرين دنيا جا بند دروازا کُلي وڃن.

منهنجي خيال ۾ معاشي استحڪام لاءِ ڊالر جي مقابلي ۾ پاڪستاني رپئي جي رڪارڊ ڪيل بي قدري جو مامرو فوري ڌيان ڏيڻ جي تقاضا ڪري ٿو، ڇوته ڊالر جي اوچي اڏام زندگي جي هر شعبي جي شين جي اگهن کي شديد متاثر ڪيو آهي. آئون مڃان ٿو ته جيڪڏهن ڊالر کي مصنوعي طريقي سان ڪنٽرول ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو اهو ئي منفي نتيجو نڪرندو، جيڪو اسان جي سامهون آهي، اسان کي ان جو اعتراف ڪرڻ گهرجي ته اسان ملڪي قرضن ۾ اضافي جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پنهنجي ايڪسپورٽ کي وڌائڻ ۾ اطمينان جوڳو ڪردار ادا نه ڪري سگهاسين، جيڪو ڊالر جي اگهه وڌڻ سان ڪري سگهياسين پئي. ان حوالي سان آئون پنهنجي تجويز کي ورجائڻ چاهيندس ته ايندڙ سئو ڏينهن ۾ اسان کي چين ۽ ملائيشيا جهڙين واپاري طاقتن سان اقتصادي پاليسين جو مطالبو ڪرڻ گهرجي ۽ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي جي تناظر ۾ مقامي ڪرنسي ۾ واپار جي ڪاٿي ۾ وڌ کان وڌ اضافو ڪرڻ گهرجي. موجوده حڪومت جي بچت پاليسي تحت قومي ناڻي ۾ رڪارڊ بچت به قابل تحسين قدم آهي. اسان کي اميد ڪرڻ گهرجي ته هاڻي پئسو عوام جي فلاح ۽ بهبود تي خرچ ڪيو ويندو، ابتدائي سئو ڏينهن ۾ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ٻاهرين ملڪن ۾ لڪايل 11 ارب ڊالرز جي ملڪيتن جو پتو به لڳايو ويو آهي، جڏهن ته سئٽزرلينڊ ۽ برطانيا سان به معاهدا ڪيا ويا، موجوده حڪومت ۾ مخالف ڌر، پارلياماني تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ تجربيڪار ۽ مضبوط مخالف ڌر سمجهي وڃي ٿي.

احتساب جمهوري معاشري لاءِ لازم سمجهيو ويندو آهي، موجوده حڪومت ۾ نيب سميت جاچ ادارن جي آزاد انداز ۾ ڪم سان احتسابي عمل کي هٿي ملي آهي، آئون پهرين ڏينهن کان اهو موقف اختيار ڪندو آيو آهيان ته پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ عوام جي ووٽن جي طاقت سان حڪومت ٺاهڻ ۾ وڌيڪ مشڪل مرحلو طئي ڪرڻو پيو ۽ عوام جي نظرن ۾ حڪومت جو اعتماد بحال رکڻ به آهي. عوام پنهنجي چونڊيل نمائندن کي قانونسازي لاءِ موڪليندا آهن، پر بدقسمتي سان مخافف ڌر طرفان موجوده قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني ڪميٽين جو قيام ۽ پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي سربراهي جي مقرري تي ضد پارلياماني عمل کي معطلي جو شڪار بنايو. ان حوالي سان منهنجو ٻنهي طرفن کي مخلص مشورو آهي ته عوام جي بهتري خاطر لچڪ جو مظاهرو ڪيو وڃي، قانون جي بالاستي جي ڳالهه ڪئي وڃي ته ماضي جون اهي قوتون، جيڪي احتجاج جي نالي تي مسلسل روڊ رستا بند ڪري عوام لاءِ مسئلا پيدا ڪنديون هيون، انهن کي پي ٽي آءِ حڪومت ۾ ڪاميابي سان قانون جي لوهي هٿن ۾ گهيريو وڃي، ان مثبت قدم سان معاشري ۾ پلجندڙ شدت پسندي جي اثر کي ختم ڪري برداشت، تحمل ۽ رواداري تي ٻڌل معاشري جي قيام جو رستو به هموار ڪيو، عوام جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ قيادت نئين پاڪستان ۾ مديني جي ماڊل کي اپنائڻ جي ڳالهه ضرور ڪري ٿي پر عملي طور تي اهڙو ڪجهه نظر نٿو اچي، عمران خان کي وزيراعظم طور پاڪستان جو رستو درست رکڻ لاءِ درست ٽيم تي ڀروسو ڪرڻو پوندو، جنهن جي اهليت جو معيار ايمانداري ۽ وفاداري سان گڏ قابليت ۽ اهليت به هجڻ گهرجي. مون کي اميد آهي ته وزيراعظم ايندڙ سئو ڏينهن ۾ پاڪستان کي پنهنجي پيرن تي بيهارڻ لاءِ ملڪگير سڌارا متعارف ڪرائيندو، جن جي مثبت ثمر مان پوري عوام کي فائدو پهچايو ويندو.