پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
پيپلز پارٽي ڪراچي کي سنڌ جو حصو نٿي سمجهي: خرم شير زمان

ڪراچي (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ اڳواڻ ايم پي اي خرم شير زمان چيو آهي ته ڪراچي ۾ ماضيءَ واريون حالتون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، وزير اعظم ڪراچي ۾ حد دخلين بابت اٽارني جنرل کي نظرثاني  واري درخواست داخل ڪرائڻ  جي هدايت ڪئي آهي. ڪراچي ۾ انصاف هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي خرم شير زمان جو چوڻ هو ته ماضي ۾ ڪراچي اندر چائنا ڪٽنگ ڪئي وئي، ميئر ڪراچي بابر غوري  جا ڪيل قبضا هٽائي ڏيکاري. خرم شير زمان چيو ته پيپلزپارٽي ڪراچي کي سنڌ جو حصو نٿي سمجهي، جيڪڏهن کين لڳو ته آپريشن جي آڙ ۾ ڪجهه غلط ٿي رهيو آهي ته سنڌ حڪومت کي نوٽيس وٺڻ گهرجي ها. خرم شير زمان جو چوڻ هو ته ڪراچي ۾ پهرين ڦر لٽ ۽ٽارگيٽ ڪلنگ جو راڄ هو، هاڻي ادارن جي ڪوشش کانپوءِ امن بحال ٿيو آهي. خرم شير زمان چيوته ڪراچي ۾ ڪجهه ڌريون ساڳئي صورتحال پيدا ڪرڻ چاهين ٿيون، عدالتي حڪم جي آڙ ۾ غريب ماڻهن کي چيڀاٽڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي.