پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
آءِ جي اسلام آباد بدلي ڪيس: اعظم سواتي جي معافي رد

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ آءِ جي اسلام آباد جي بدلي واري ڪيس ۾ اعظم سواتي جو معافي نامو رد ڪري ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس پاڪستان جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ آءِ جي اسلام آباد بدلي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اعظم سواتي جو جواب پڙهي ورتو آهي، آرٽيڪل 62 ون ايف تحت عدالت پاڻ ٽرائل ڪندي، اعظم سواتي وقت جو حاڪم آهي، ڇا وقت جو حاڪم پنهنجي راڄ سان اهڙو سلوڪ ڪندو آهي، ڇو نه اعظم سواتي کي ملڪ لاءِ مثال بڻايون، مينهن سبب ڇا حاڪم عورتن کي گرفتار ڪرائيندو آهي. چيف جسٽس آءِ جي اسلام آباد کان پڇاڻو ڪيو ته آءِ جي هن وقت تائين ڪو به ڪم ناهي ڪيو، معاملو حڪومت جو آهي تنهنڪري آءِ جي فرض انجام ناهي ڏئي رهيو، ڇا اها آءِ جي اسلام آباد جي ڪارڪردگي آهي، جنهن تي آءِ جي اسلام آباد چيو ته معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، تنهنڪري ايڪشن ناهي ورتو. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته آءِ جي کي اعظم سواتي جو فون نه کڻڻ تي بدلي ڪيو ويو جنهن تي اعظم سواتي جي وڪيل چيو ته آءِ جي جي تبديلي وارو عمل پهريان کان جاري هو، چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته اعظم سواتي خلاف آرٽيڪل 62 ون ايف جي ڪارروائي لاءِ تيار آهيون، شاهديون رڪارڊ ڪرائڻو پيون ته اسان پاڻ ڪرائي وٺنداسين. اعظم سواتي جي وڪيل امان الله ڪنراني چيو ته اعليٰ عدالت آرٽيڪل 62 ون ايف جو ٽرائل ڪري سگهي ٿي پر سپريم ڪورٽ ٽرائل ڪيو ته ڪاوڙ جو تاثر ملندو، چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته سڌ سماءَ واري وزير کي عدالتي ايڪشن تي ڪافي مسئلو هو، حڪومت کي ٻڌايو ته ريويو ڇا هوندو آهي، هڪ فون ڪال تي وزيراعظم آءِ جي جي بدلي ڪري ڇڏي، ڇو نه وزيراعظم کي گهرائي وضاحت ورتي وڃي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف ڏانهن وڃڻو ئي پوندو، آرٽيڪل 62 ايف ون تي عملدرآمد لاءِ عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيون ٿا، عدالت خالد جاويد ۽ فيصل صديقي کي آرٽيڪل 62 ون ايف جي اطلاق لاءِ عدالتي مددگار مقرر ڪري ڇڏيو.