پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
ماڊل ٽائون ڪيس جي جاچ لاءِ حڪومت کي نئين جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ماڊل ٽائون ڪيس جي حوالي سان حڪومت کي نئين جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو حڪم ڏيندي پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو آهي، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ پنج رڪني لارجر بينچ ماڊل ٽائون سانحي واري ڪيس جي پاڻمرادو نوٽيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته قانون موجب اسان نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ چاهيون ٿا ۽ حڪومت ان حوالي سان نئين جي آءِ ٽي جوڙي ان جي آءِ ٽي سان عدالت جو ڪو به تعلق نه هوندو اسان ڌرين جا دليل ٻڌا آهن ۽ پنجاب حڪومت واضح ڪيو آهي ته هن ماڊل ٽائون سانحي ڪيس تي نئين جي آءِ ٽي جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ حڪومت اهڙي خاطري به ڪرائي آهي، پنجاب حڪومت جي خاطري کانپوءِ عدالت پاڻمرادو نوٽيس اڪلائي ڇڏيو. جڏهن ته صحافين سان ڳالهائيندي پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر القادري چيو ته سپريم ڪورٽ انصاف جو مان مٿانهون ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرين کي خوشيون واپس ڪيون آهن ۽ اسان جي لاءِ انصاف جي اميد جو ڏيئو ٻاريو آهي هن چيو ته يتيمن ۽ بيواهن جي مدد ڪرڻ تي آئون الله تعاليٰ جو شڪر گذار آهيان سپريم ڪورٽ انصاف جو ڳاٽ اونچو ڪيو آهي، پنج رڪني لارجر بينچ ماڊل ٽائون سانحي جي متاثرين جون خوشيون واپس ڪيون آهن سپريم ڪورٽ اسان جي لاءِ انصاف جي اميد جو چراغ روشن ڪيو آهي، عوامي تحريڪ جي سربراهه چيو ته اعليٰ عدليه واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ملڪ ۾ انصاف جي فراهمي جا چراغ اڃان ناهن وساميا، ججن اطمينان سان منهنجي ڳالهه ٻڌي سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، حڪومت جاچ جي لاءِ اسان کي خاطري ڪرائي هئي اسان حڪومت جا ٿورائتا آهيون جن هنن جي آءِ ٽي ٺاهڻ جي مخالفت نه ڪئي.