پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
چيف جسٽس پاناما ليڪس جو فيصلو ڪري نئين پاڪستان جو بنياد رکيو هو: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني هڪٻئي جي لاءِ لازم ۽ ملزوم آهن، چيف جسٽس پاناما ليڪس جو فيصلو ڪري نئين پاڪستان جو بنياد رکيو هو، اڄ ادارا آزاد آهن منهنجي خلاف به رپورٽون ڏئي رهيا آهن، هتي ته بنگلاديش جي ٽٽڻ تي به خوشيون ملهايون ويون پر اهو ملڪ اڄ اڳتي وڌي رهيو آهي، آبادي جي حوالي سان سمپوزيم کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته ماضي جون جمهوري حڪومتون صرف پنجن سالن جو سوچينديون هيون ۽ صرف اهو سوچينديون هيون ته ايندڙ چونڊون ڪيئن کٽڻيون آهن، انهن جي دور ۾ سڀئي حڪومتي ادارا مفلوج هئا، انهن جي ننڍڙي سوچ جي ڪري اسان پاڻي جهڙي سنگين مسئلي ۾ ڦاسي وياسين، هتي چونڊون هونديون هيون پر قانون جي عملدرآمد نه ٿيندو هو ڪنهن اهو ڪڏهن به ناهي سوچيو ته ڪو وزيراعظم به قانون جي ماتحت هوندو، منهنجي ڪنن اهو به ٻڌو ته سٺو ٿيو بنگلاديش جدا ٿي ويو، اڄ اهو ئي بنگلاديش اڳيان وڌي رهيو آهي، عمران خان چيو ته هاڻي پاڪستان ۾ ادارا خودمختيار ٿي رهيا آهن، اسان وڏن وڏن قبضا گروپن تي هٿ وجهي رهيا آهيون، قانونسازي جي لاءِ به قدم کڻي رهيا آهيون، 6 نوان قانون اسيمبلي ۾ آڻي رهيا آهيون، دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي ڏيکاري آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ قرضن مان نڪري وينداسين، هن چيو ته جمهوريت جو مقصد حڪمرانن کي قانون جي هيٺ آڻڻ هوندو آهي، سي ڊي اي منهنجي ماتحت آهي پر پوءِ به هو ٻڌائي ٿو ته عمران خان هتي غلطي ڪئي آهي ۽ اهو ادارو اڄ عدالت کي بني گالا جي صورتحال ٻڌائي رهيو آهي پر ان کان اڳ ۾ ائين نه ٿيندو هو جن بوتل مان نڪري چڪو آهي هاڻي ڪير به اهو نه سوچي ته هو قانون کان مٿانهون آهي، ڪنهن به ملڪ جي ترقي لاءِ جمهوريت ۽ قانون جي حڪمراني لازم ۽ ملزوم هوندا آهن ۽ چيف جسٽس پاناما ليڪس جو فيصلو ڪري نئين پاڪستان جو بنياد رکي ڇڏيو هو، هن چيو ته دنيا ۾ اهو ئي معاشرو ترقي ڪري ٿو جنهن وٽ قانون جي پاسداري هجي.