پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
وزيراعظم ۽ آرمي چيف سان آمريڪي خصوصي نمائندي جون ملاقاتون، گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا: صدر ٽرمپ جو پيغام

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان سان آمريڪا جي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد ملاقات ڪري آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خاص پيغام پهچايو وزيراعظم عمران خان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي خطي ۾ امن جي مقصد لاءِ امن ۽ مصالحت جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ پاڪستان سان گڏ ڪم ڪرڻ جي باري ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي خط جي آجيان ڪئي ملاقات ۾ زلمي خليل زاد چيو ته آمريڪي قيادت افغانستان تڪرار جي سياسي حل جي ذريعي خطي ۾ قيام امن جا گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران خان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهشمند آهي، وزيراعظم عمران خان ان موقعي تي افغان مسئلي جي سياسي حل جي ذريعي امن ۽ مصالحت جي پاڪستان جي پراڻي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم خطي ۾ امن جي ڪاز لاءِ پنهنجي ذاتي پراڻي عزم جي خاطري ڪرائي ۽ امن ۽ مصالحت جي گڏيل مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي باري ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي تازي خط جي آجيان ڪئي. وزيراعظم عمران خان ٻه طرفي ڏس ۾ ترجيحي شعبن ۾ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، تعليم، صحت ۽ سماجي شعبي جي ترقي ۾ ٻه طرفي رابطن کي سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته ان کانپوءِ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ملاقات ڪري افغان امن عمل سميت اهم سيڪيورٽي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ، ملاقات ۾ ملڪ جي سلامتي ۽ فوج جي پيشيوراڻي معاملن، دهشتگردي خلاف جاري آپريشن، داخلي ۽ سرحدي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان افغان امن عمل ۾ تعاون وڌائڻ جي معاملي تي غور ويچار ڪيو ويو.