پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
وڌندڙ آبادي تي ضابطو آڻڻو پوندو، وزيراعظم سان سندس خواب جي ساڀيان لاءِ گڏ آهيون: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ وزيراعظم جي مديني واري رياست قائم ڪرڻ جي خواب کي تعبير ڪرڻ لاءِ ساڻس گڏ بيٺل آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پارليامنيٽ جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ ڇڏيو وڃي، گذريل 60 سالن ۾ وڌندڙ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو ايئن ئي سلسلو جاري رهيو ته ملڪ جي آبادي 45 ڪروڙ ٿي ويندي، گذريل 40 سالن ۾ ڪو به ڊيم ناهي ٺاهيو ويو ايندڙ سالن ۾ پاڻي جي کوٽ سان وڏي تباهي ايندي، وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جي مدد تمام ضروري آهي، ملڪ جو هر ٻار ڄمڻ سان لکين روپين جو قرضي هوندو آهي ملڪ ۾ وڌندڙ آبادي جي موضوع تي منعقد ڪيل سمپوزيم کي خطاب ڪندي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته وسيلا گهٽ ۽ ضرورتون وڌيڪ آهن، گذريل 60 سالن ۾ وڌندڙ آبادي تي ڪو به ڌيان ناهي ڏنو ويو، جنهن جي ڪري اسان جا وسيلا دٻاءُ جو شڪار ٿي ويا آهن، چيف جسٽس چيو ته جيڪڏهن آبادي ائين ئي وڌندي رهي ته 30 سالن ۾ پاڪستان جي ڪل آبادي 45 ڪروڙ کان ٽپي ويندي، اسان کي جيڪو ڪم ڪرڻو هو اهو ڪيوسين هاڻي عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، اسان کي هر صورت ۾ آبادي تي ضابطو آڻڻو آهي، چيف جسٽس چيو ته پاڻي زندگي آهي ۽ هر سال 7 ارب گيلن پاڻي زمين مان ڪڍيو وڃي ٿو، چار ليٽر پاڻي ۾ هڪ ليٽر پاڻي استعمال جوڳو هوندو آهي ۽ باقي ٽي حصا ضايع ڪيو وڃي ٿو، هن چيو ته گذريل 40 سالن ۾ ملڪ ۾ هڪ به ڊيم نه ٺاهيو ويو ان جي لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ پاڻي جي کوٽ جا تباهه ڪندڙ اثر سامهون ايندا، چيف جسٽس چيو ته وزيراعظم ۽ پارليامينٽ جي مدد جي گهڻي ضرورت آهي، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پارليامنيٽ جي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪرڻ ڇڏيو وڃي اڄ به ملڪ ۾ هڪ ٻار لک روپين کان وڌيڪ جو قرضي ٿي ڄمندو آهي. اسان کي ايندڙ نسلن کي ڪجهه ڏئي وڃڻو آهي، وزيراعظم جڏهن مديني جي رياست قائم ڪرڻ جي ڳالهه ڪري ٿو ته ان خواب ۽ تصور کي حقيقي جامو پارائڻ لاءِ عدالت گڏ بيٺل آهي ۽ اسان نيڪ نيتي سان وزيراعظم جي ان خواب کي تعبير ڪرڻ ۾ ڪوششون ڪنداسين، عدليه کي اهي شيون ڏنيون وڃن جيڪي اڄ جي گهرجن کي پورو ڪري سگهن، عدليه هاڻي ان بار کي کڻڻ جي سٽ برداشت نٿي ڪري سگهي، سهولتون نه هجڻ جي ڪري ڪيس ڪيترائي سال هلندو رهي ٿو.