پر امن ۽ جمهوري معاشري جي قيام لاءِ آمريڪا جو سنڌ پوليس سان تعاون جاري رهندو: قونصل جنرل****ڪراچي ۾ موٽرسائيڪل چوريون ڪندڙ 6 ٻارن جي گروپ سميت 8 جوابدار گرفتار، 22 گاڏيون هٿ****وفاقي حڪومت جو مخالف ڌر جي 7 ڄڻن پاران اين آر او گهرڻ جو انڪشاف****سنڌ ۾ 80 سيڪڙو گئس جي پيداوار آهي، بندش آئين جي ڀڇڪڙي آهي: پيپلز پارٽي
اسپاٽ فڪسنگ ۾ ملوث شرجيل خان پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو

لاهور(اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا حاصل ڪندڙ اوپنر پي سي بي کي خط ۾ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي. پي ايس ايل 2 جي شروعات تي سامهون ايندڙ اسڪينڊل ۾ شرجيل خان، خالد لطيف، شاهزيب حسن ۽ محمد عرفان جا نالا سامهون آيا هئا، پي سي بي اينٽي ڪرپشن ٽربيونل الزام ثابت ٿيڻ تي انهن کي سزائون ٻڌايون، ڪرڪيٽرن جون اپيلون به رد ٿيون، شرجيل خان تي اڍائي سال معطلي سميت 5 سالن جي پابندي لاڳو ڪئي وئي هئي. اوپنر پي سي بي چيئرمين احسان ماني سان ملاقات ڪئي  ان ۾ به هو ڪا رعايت حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو هو، هاڻ شرجيل خان پي سي بي کي لکيل خط ۾ پنهنجي غلطي قبولي ورتي آهي، پابندي جو مدو ختم ٿيڻ تي ڪرڪيٽ ۾ واپسي لاءِ کيس پي سي بي جي اهتمام هيٺ بحالي پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻي پوندي.