سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
وزير بلديات جو سانگهڙ شهر جو دورو، گندگي تي ميونسپل آفيسرن جي ڪن مهٽ

سانگهڙ رپورٽ امير بخش بڙدي سانگهڙ ميونسپل ڪميٽي جو اچانڪ صوبائي وزير بلديات سعيد غني جو دورو، شهرين پاران ميونسپل ڪميٽي جي خلاف شڪايتن جا انبار،شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي ميونسپل ڪميٽي عملو ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، شهرين جون دانهون، صوبائي وزير پاران عوامي شڪايتن تي ميونسپل ڪميٽي جي آفيسرن کي ڇنڊ، صوبائي وزير سانگهڙ ۾ پاڻي جي تلائن جو پڻ معائنو ڪيو، عملي کي صفائي رکڻ جي هدايت، صوبائي وزير جي سانگهڙ پهچڻ جي خبر تي ميونسپل ڪميٽي پاران هنگامي بنيادن تي صفائي ڪرڻ لڳا، شهري حيران ٿي ويا ته بلديا ڪيئن سجاڳ ٿي، سانگهڙ ۽ سنجهورو جي ميونسپل ڪميٽي جي عملي پاران صوبائي وزير آڏو احتجاج اسان کي ڏياري جي پگهار نه ملي ڏياري نه ملهائي سگهياسين، صوبائي وزير چيو ته توهان جي احتجاج جو ازالو ڪيو ويندو، صوبائي وزير سعيد غني پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رئيس معشوق علي چانڊيو وٽ چانڊيو هائوس تي پڻ پهتو، جتي شهرين جي وفد ۽ پيپلزپارٽي جي اڳواڻن سان پڻ ملاقات ڪئي، صوبائي وزير بلديات ڳوٺ الطاف لانڍي پهچي مرحوم الطاف حسين رند جي وفات تي ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين رئيس خادم حسين رند سان تعزيت ڪئي، خبر موجب صوبائي وزير بلديات سعيد غني اچانڪ سانگهڙ جي دوري تي پهتو، ۽ ميونسپل ڪميٽي پهچڻ تي شهرين ميونسپل ڪميٽي عملي خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا ته شهر گندگي جو ڍير بڻيل آهي صفائي عملو ڪٿي به نظر نه ٿو اچي، جنهن تي صوبائي وزير شهر ۾ گندگي جي شڪايتن تي ميونسپل آفيسرن کي ڇنڊ پٽي جڏهن ته صوبائي وزير بلديات سانگهڙ شهر جي پاڻي تلائن جو پڻ دورو ڪيو ۽ عملي کي پاڻي جي تلائن جي صفائي جو خيال رکڻ جو حڪم ڪيو جڏهن ته ان کان اڳ صوبائي وزير بلديات سعيد غني پيپلزپارٽي جي اڳواڻ رئيس معشوق علي چانڊيو جي رهائش گاهه چانڊيو هائوس پهتو جتي هن پيپلزپارٽي جي اڳواڻن ۽ شهرين جي وفد سان ڳالهيون ڪيون ان بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه عوام جي خدمت ڪئي آهي مان آصف علي زرداري جي حڪم تي سانگهڙ ضلعي جي دوري تي پهتو آهيان سانگهڙ ۾ پاڻي جي کوٽ جي حوالي سان مسئلا آهن پر اهي جلد حل ڪيا ويندا، شهر جي مسئلن کي ڏسڻ لاءِ پهتو آهيان سانگهڙ شهر کي مٺڙائو ڪينال مان نڪتل پائيپ لائين جو ڪم جيڪو بند آهي ان حوالي سان سنڌ جي وڏي وزير سان ڳالهائيندس، بجيٽ منظور ڪرائي جلد اهو ڪم مڪمل ڪيو ويندو هن چيو ته جلد ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ آفيسر مقرر ڪيو ويندو، هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه ملڪ جي عوام جي خدمت ڪئي آهي هن چيو ته وفاق سنڌ جي پاڻي جي حوالي سان انصاف ڪري، هن چيو ته پيپلزپارٽي هميشه جهموريت جي سياست ڪئي آهي اسين جهموريت جا علمبردار آهيون ماڻهن جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ شهر وڃون ٿا، جڏهن ته صوبائي وزير بلديات جي اچڻ جي خبر ٻڌي ميونسپل ڪميٽي سانگهڙ ۽ سنجهورو ميونسپل ڪميٽي جي ملازمن ڏياري تي پگهار نه ملڻ تي احتجاج ڪيو جنهن تي هن چيو ته اوهان جي مسئلي کي حل ڪيو ويندو، جڏهن ته صوبائي وزير بلديات جي اچڻ تي ميونسپل ڪميٽي هنگامي بنيادن شهر جي صفائي ڪرائڻ لڳا جنهن تي شهري پريشان ٿيا اچانڪ ميونسپل ڪميٽي ڪيئن جاڳي آهي جڏهن ته صوبائي وزير سعيد غني پيپلزپارٽي جي اڳواڻ مرحوم رئيس الطاف رند جي وڇوڙي تي ڳوٺ لانڍي ۾ پهچي ضلعي چيئرمين سانگهڙ رئيس خادم حسين رند سان والد جي تعزيت ڪئي، صوبائي وزير بلديات جي دوري دوران ساڻس گڏ ضلعي چيئرمين سانگهڙ رئيس خادم حسين رند، ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ نثار ميمڻ، ايس ايس پي سانگهڙ ذيشان صديقي، پ پ اڳواڻ رئيس معشوق علي چانڊيو، پ پ سانگهڙ جو ضلعي جرنل سيڪريٽري جهانگير جوڻيجو، پ پ سنجهورو تعلقي جو صدر شير خان رند، کپرو تعلقي جو صدر امان الله مري، ڏاڏا شير محمد ڏيرو،  ضلعي ڪائونسل جو ميمبر حاجي ايوب وساڻ، احسان مگسي، محمد خان چانڊيو، يوٿ ضلعي سانگهڙ جو جرنل سيڪريٽري اويس چانڊيو، امير چانڊيو، سانگهڙ سٽي صدر غلام حيدر پنهور، عثمان غني، حاجي اسلام قريشي ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.