سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
سنڌ کي 91ع ٺاهه تحت پاڻي ڏنو وڃي، وڌيڪ کوٽ ٿي ته اسان پاڻ منهن ڏينداسين: سيد مراد علي شاهه

سکر(بيورو رپورٽ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آهي ته سنڌ کي 1991ع پاڻي ٺاھ موجب حصو ڏنو وڃي، پوءِ کوٽ ٿي ته پاڻ منهن ڏبو. سنڌ ۾ ڪا سياسي بي چيني نه آهي، ڪجھ بي چين ماڻهن جون ننڊون حرام آهن. سکر بئراج جي چيف انجنيئر آفيس ۾ پاڻيءَ صورتحال جي  بريفنگ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي سيد مراد علي شاھ چيو ته ارسا مطابق سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ 38 سڪڙو ۽ سکر بئراج وٽ 22 سيڪڙو  آهي. ڪوشش آهي ته واهن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي کوٽ مطابق ڪئي وڃي. تونسا کان وٺي گڊو بئراج تائين لائين لاسز معمول کان وڌيڪ آهن. ڪامورن کي چيو آهي ته ان بابت ارسا سان لکپڙھ ڪن، جاچ جي به هدايت ڪئي آهي. سکر بئراج جي ساڄي پاسي جي واهن جي ليول وڌائڻ ۾ مسئلو آهي، جيڪا پانڊ ليول گھٽ هجڻ ڪري مسئلو ڪري ٿي، ارسا کي ايترو پاڻي ڏيڻ گھرجي جئين بئراج جي پانڊ ليول بهتر ٿئي ۽ کيرٿر، دادو ڪئنال سميت بلوچستان کي پاڻيءَ ڏيڻ ۾ ڏکيائي نه ٿئي. جيڪڏهن برساتون نه يا گھٽ ٿيون پون ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڏکيايون وڌنديون. پاڻي جي کوٽ واري مسئلي کي سي سي آءِ ۾ آندو هو، ان اجلاس ۾ اٽارني جنرل جي اڳواڻيءَ ۾ ڪاميٽي به ٺهي هئي، ڪميٽي ڪيترو ڪم ڪيو آهي 19 نومبر تي سي سي آءِ جي اجلاس ۾ خبر پوندي. خدشو آهي ته پلان پورو نه ٿيندو پاڻي جي کوٽ وڌيڪ آهي ڪوشش ڪندا سين ته ڪاميابي ملي. واھ يا ڪئنال ڪهڙو به هجي پر لفٽ مشينون هڻي پاڻي چورائيندڙن خلاف ڪاروائي  ڪئي ويندي. سيد مرادعلي شاھ جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڪابه سياسي بي چيني نه آهي، ڪجھ بي چين ماڻهن جون ننڊون حرام آهن. وڌيڪ ووٽ کنيا آهن. آصف علي زرداري پيپلزپارٽي پارليامينٽرين جو صدر آهي. سندس ماڻهن سان رابطا رهندا آهن. هن عدالتن کي منهن ڏئي پاڻ کي آجو ڪرايو آهي. هاڻي به چوي ٿو ته هو ڪوڙن الزامن کان نه ٿوڊڄي. پهريان به مٿس ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا هئا.  هن چيو ته وفاقي وزير فيصل واوڊا بيچين ماڻهو آهي، هن پهريان به سنڌ سرڪار کي ڌمڪي ڏني هئي، ڄاڻ وٺڻ چاهي ٿو  ته هليو اچي کيس ڀليڪار ڪبي. سيد مراد علي ساھ جو چوڻ هو ته هو سکر جي صحافين کي منٿ ٿو ڪري ته اهي ٿر وڃي پاڻ صورتحال ڏسن ، ٿر ۾ صورتحال بهتر ٿي آهي سڀني شهرن جا ماڻهو مٺي جي اسپتال ۾ اچن ٿا. ٿر ملڪ جو آئيندو آهي ،اتان ڪوئلو مليو آهي جن تي ڊسمبر جي آخر ۾ 2 کان 3 هزار ميگاواٽس جا پلانٽ لڳايا ويندا. هن چيو ته ساڍا 8 هزار اسڪولن ۾ 80 سيڪڙو داخلا آهي تعليم وارو وزير ۽ حڪومت ان کاتي ۾ محنت ڪري رهيا آهن. 4 هزار 560 اسڪولن جي مرمت ڪرائي اتي سڀ سهوليتون ڏنيون وينديون اهو ڪم جون 2019ع تائين پورو ٿيندو. هن چيو ته سکر جي واهن تي ويٺلن کي متبادل اجھو ڏنو ويندو، جتوئي برادري ۽ رائوشاڪر مسئلي بابت ڄاڻ ناهي. ان موقعي تي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه، سيد اويس قادر شاهه، سيد فرخ شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.