سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
ايم ايم اي پاران آسيه مسيح جي آزادي وارو فيصلو رد، ناموس رسالت تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان

ڪراچي (بيورو رپورٽ) متحده مجلس عمل جي سربراهه مولانا فضل الرحمان آسيه مسيح جي آزادي واري فيصلي کي رد ڪندي ناموس رسالت تحريڪ جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته پاڪستان ۾ اسلام دشمن هر عمل جي نه رڳو مذمت ڪئي ويندي پر ان خلاف هر محاذ تي جدوجهد ٿيندي. عدالت جو فيصلو قانون ۽ آئين جي بدران عالمي دٻاءَ تي آهي. موجوده حڪمرانن کي آڻڻ جو مقصد پاڪستان جي خودمختياري ۽ آزادي کي سلب ڪرڻ آهي ۽ اسان نظرياتي آزادي جي جنگ وڙهي رهيا آهيون. اسان گرفتاري کان نه ٿا ڊڄون پر مٿي تي ڪفن ٻڌي ميدان ۾ لهي چڪا آهيون. مولانا سميع الحق کي شهيد ڪيو ويو  اسان ان جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا ۽ مطالبو ڪيون ٿا ته قاتلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. عدالتي فيصلي خلاف اڄ 9 نومبر تي سڄي ملڪ جي ضلعي هيڊڪوارٽر ۾ جمعي جي نماز بعد پرامن احتجاج ڪيو ويندو. 15 نومبر تي لاهور ۾ ملين مارچ ۽ 25 نومبر تي سکر ۾ ختم نبوت ڪانفرنس ٿيندي ۽ آئينده لاءِ عمل جو اعلان انهيءِ ڪانفرنس ۾ ڪيو ويندو متحده مجلس جو ڪافلو نظرياتي جنگ آخري حد تائين وڙهندو اهي ڳالهيون هن ڪالهه شاهراءِ قائدين تي متحده مجلس عمل ڪراچي پاران تحفظ ناموس رسالت جي ملين مارچ واري وڏي جلسي کي خطاب ڪندي ڪيون. اجتماع کي ايم ايم جي مرڪزي نائب صدر علامه ساجد مير، مولانا عبدالغفور حيدري، صاحبزاده محمد شاهه اويس نوراني، معراج الهديٰ صديقي، مولانا راشد محمود سومرو، علاما شبير محتمي، محمد حسين محنتي، علاما ناظر عباس نقوي، ايم ايم اي ڪراچي جي صدر حافظ نعيم الرحمان، ايم ايم جي ايم پي اي عبدالرشيد، قاري محمد عثمان، علاما محمد يوسف قصوري، مولانا عبدالقيوم هاليجي، اشرف قريشي، غلام غوث صابري، علامه غلام محمد ڪراري، مولانا اعجاز مصطفيٰ ۽ ٻين خطاب ڪيو. مولانا فضل الرحمان وڌيڪ چيو ته ايڏو وڏو شانائتو مظاهرو ڪري سچو امتي هجڻ جو ثبوت ڏنو ويو آهي اوهان ثابت ڪيو آهي ته توهين رسالت جي قانون کي تبديل نه ڪرڻ ڏنو ويندو پر حڪمرانن ائين ڪيو ته کين وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. هن چيو ته گذريل جمعي تي اسلام جي فرزندن سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف پاڪستان جي عوامي عدالت فيصلو ڏنو ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. اهڙو ڪو به فيصلو قبول نه آهي جيڪو ناموس رسالت خلاف هوندو. هن چيو ته پاڪستانين کي قتل ڪندڙ ريمنڊ ڊيوس کي وڏي اعزاز سان آمريڪا جي حوالي ڪيو ويو ۽ ممتاز قادري کي ڦاسي ڏني وڃي ٿي. اسان واضع ڪيون ٿا ته اهو مسئلو ڪنهن قانون تحت فيصلو ڏيڻ جو نه آهي پر اهو فيصلو پرڏيهي دٻاءِ تي ڏئي اسانجي قومي آزادي ۽ خودمختياري کي سلب ڪيو ويو ۽ اسانجي حڪمرانن پاڪستان جي سالميت تي سواليه نشان لڳائي ڇڏيو آهي. جڏهن اسان 14 آگسٽ تي جشن آزادي تي جشن ملهائيندا آهيون. ان تي به سواليه نشان لڳايو ويو آهي. پاڪستان جي نظرياتي سڃاڻپ ختم ڪئي وئي آهي. پاڪستان کي سيڪيولر اسٽيٽ بڻايو پيو وڃي. اسان هن وقت به پنهنجي وطن جي آزادي جنگ وڙهي رهيا آهيون. ڪهڙو سبب آهي جو آمريڪا ان فيصلي کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو. ڪهڙو سبب آهي جو بيلجم جو صدر ان فيصلي کي خراج تحسين پيش ڪري رهيو آهي. هن چيو ته گدڙ ڀڀڪين کان ڊڄڻ وارا نه آهيون. 15 نومبر تي لاهور ۾ ملين مارچ ٿيندو، هن چيو ته اسانکي خبر نه آهي ته شايد انکي آزاد ڪيو ويو آهي، جيڪڏهن ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون ويون ۽ ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ته ياد رکو ته ايترو ڪيو جيترو پاڻ ڀوڳي سگهو. هن چيو ته سفر ۽ ڪاروان هلي پيا آهن. اسانجو ڪنهن سان به معاهدو نه آهي. علامه ساجد مير چيو ته ملڪ جا اها ٺيڪيدار جيڪي هن وزير اعظم کي وٺي آيا آهن انهن کي ٻڌائڻ لاءِ اسان جلسو ڪيو آهي، ناموس رسالت تي هر مسلمان جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته 8 هزار توهين رسالت جا ڪيس ٿيا آهن پر ڪنهن هڪ ۾ به سزا نه ڏني وئي ڇو جو حڪمران يورپ کان ڊڄن ٿا. اسان پوءِ به مذهبي ڪارڊ استعال نه ڪري رهيا آهيون پر ناموس رسالت لاءِ گڏ ٿيا آهيون ڊاڪٽر معراج الهديٰ صديقي چيو ته سموري ملت اسلاميه هڪ آهي اگر پاڪستان ۾ توهي رسالت ٿي ته اسلام آباد ۾ ويٺل نه رهندا. علامه شبير محتمي چيو ته اڄوڪي جلسي واضع ڪري ڇڏيو آهي ته اسان ناموس رسالت تي هڪ انچ به پوئتي هٽڻ وارا نه آهيون.