سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
وزيراعظم پاران ٻن مهينن تائين ايوان ۾ نه اچڻ جو فيصلو، ڌرڻو ختم نه ٿئي ها ته حڪومت ختم ٿي وڃي ها: عمران خان

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ٻن مهينن تائين ايوان ۾ نه اچڻ جو فيصلو ڪندي تحريڪ لبيڪ جو ڌرڻو ختم نه ٿيڻ تي حڪومت جي خاتمي جو انڪشاف ڪيو آهي، پارٽي جي ميمبرن جي اسرار باوجود چين کان مليل امداد بابت اهو چئي ٻڌائڻ کان انڪار ڪري چيو ته مونکي چين نقد امداد بابت ڪنهن کي به ٻڌائڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، تحريڪ انصاف جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کان پارٽي جي ميمبرن پڇيو ته چين ڪيتري امداد ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي اسان کي ٻڌايو وڃي ته جيئن اسان ٽي وي ٽاڪ شوز ۾ مخالف ڌر جي الزامن جا جواب ڏيون جنهن تي وزيراعظم پارٽي ميمبرن کي چين پاران ڪيل مدد ۽ امداد جا انگ اکر ٻڌائڻ کان اهو چئي معذرت ڪئي ته مونکي چين وارن روڪي ڇڏيو آهي ته آئون نقد امداد جو اعلان نه ڪريان باقي ايترو ٻڌائي ڇڏيان ته چين پاڪستان جي تاريخي مدد ڪئي آهي ۽ اهو به ظاهر نٿا ڪري سگهوُن ته چين ڪيتري مدد ڪئي ڇو ته ايئن ڪرڻ سان چين جا ٻيا پارٽنر خدشا ظاهر ڪري سگهن ٿا،  عمران خان چيو ته حڪومت ۾ اچي حيران ڪندڙ ڪرپشن جا انڪشاف ٿيا آهن ۽ ميڊيا جي رپورٽن ۾ ڪرپشن ته صفا گهٽ ڏيکاري پئي وڃي، ڪرپشن ته تمام گهڻي ٿيل آهي، هن چيو ته ڪرپشن جي خلاف ته اٽي ۾ لوُڻ برابر ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ٿي رهي آهي، وڏين مڇين ۾ ته هاڻي هٿ پوندو، وزيراعظم چيو ته مذهبي پارٽين جي ڌرڻي کي مصلحت وسيلي حل ڪرايو جي ايئن نه ٿئي ها ته وڏي رتوڇاڻ ٿئي ها ۽ ماڻهن کي پئسن وسيلي احتجاج لاءِ آندو ويو هو ۽ جيڪڏهن اهو ڌرڻو ختم نه ٿئي ها ته حڪومت ختم ٿي پئي سگهي، وزيراعظم عمران خان ميمبرن کي چيو ته اهي ايوان ۾ منظم نموني سان هلن ۽ مخالف ڌر جي هر ڳالهه جو جواب ڏيڻ به ضروري نه آهي ۽ وزيراعظم پارٽي جي ميمبرن کي دفاع واري وزير پرويز خٽڪ جي اجازت کانسواءِ ايوان ۾ ڪا به ڳالهه ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو وزيراعظم ٻن مهينن تائين ايوان ۾ نه اچڻ جو فيصلو ٻڌائيندي چيو ته ملڪ کي گهڻا مسئلا آهن ٻن ميهنن تائين اسيمبلي ۾ نه ايندس ان کانپوءِ ڌڙاڌڙ ايندس.