سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
حڪومت پاران ايوان جو ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي آڇ، مخالف ڌر قبوُل ڪري ورتي

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) حڪومت ايوان جو ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ مخالف ڌر کي پارلياماني ڪميٽي ٺاهڻ جي آڇ ڪئي آهي جيڪا مخالف ڌر قبوُل ڪري ورتي آهي، قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ چيو ته اسيمبلي جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٽو دي پوائنٽ ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هڪ ٻئي کي هيٺ ڏيکارڻ صحيح نه آهي. اهڙي ڪميٽي ٺاهي وڃي جيڪا ايوان جي ماحول کي بهتر بنائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. اسان کي بهتر انداز ۾ هڪ ٻئي جا نقص ۽ غلطيون ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. سٺا مشورا ڏيو اسان ڪم ڪرڻ جي لاءِ تيار آهيون، مونکي پارٽي ايوان جو ماحول بهتر بڻائڻ جي ذميواري ڏني آهي، مخالف ڌر به پنهنجو نالو پيش ڪري، جنهن تي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته اسان کي جمهوري انداز ۾ عوام چونڊي پاڪستان جي مستقبل کي روشن بڻائڻ جي لاءِ هتي موڪليو آهي. حڪومتي ۽ مخالف ڌر ميمبر ٻنهي طرفن کان پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. اسان کي ايوان جي تقدس کي وڌائڻ جي لاءِ به پنهنجون توانايون استعمال ڪرڻيون پونديون. گذريل ڏينهن ايوان جي ٻنهي طرفن کان اڻوڻندڙ زبان استعمال ڪئي وئي. جيڪڏهن واقعي اسان کي ملڪ کي جمهوري طور تي مستحڪم ڪرڻو آهي ۽ ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻو آهي ته پوءِ تعميري انداز ۾ ڳالهه ڪري ئي ائين ممڪن آهي. جيڪڏهن ايوان جو ماحول اهو ئي رهيو ته عوام ۾ مايوسي پکڙجندي. جيڪڏهن بنا جواز بيان ايندا رهيا ته اها جمهوريت جي ڪا خدمت نه ٿيندي. اسان کي بي بنياد الزامن ۽ ذاتي ڳالهين کان پاسو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيڪڏهن اسان کي قوم جو وقت ضايع ناهي ڪرڻو ته اسان کي تعميري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن اسان پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هنيو ته ڪنهن ٻئي تي ان جو الزام نه ٿا هڻي سگهون. ڪميٽي ٺاهي پارلياماني ماحول کي بهتر بڻائڻ جي تجويز سان اتفاق ڪريان ٿو، پيپلزپارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف پڻ دفاع واري وزير جي ڳالهه جي تائيد ڪندي چيو ته جيڪا ڳالهه پرويز خٽڪ ڪئي آهي مخالف ڌر اڳواڻ وانگر سندس پارٽي به ان سان اتفاق ڪري ٿي. هن چيو ته ايوان کي اسان پاڻ مذاق بڻائي ڇڏيو آهي. ڪو تعميري ڪم نه ٿي رهيو آهي، ايجنڊا تي ملڪ جي اقتصادي صورتحال کي بحث هيٺ آڻڻ جو ائٽم موجود آهي. اسان هتي هڪ ٻئي کي هيٺ ڪرڻ تي لڳل آهيون. هن ايوان جي ڪارروائي ڪو به شريف ماڻهو نه ٿو ڏسي سگهي. پيپلزپارٽي جو پهرين ڏينهن کان ئي اهو عزم آهي ته اسان کي تعميري سياست ڪرڻي آهي. حڪومت پاران مثبت قدمن جو ڀرپور ساٿ ڏينداسين ۽ جيڪڏهن اهي ملڪ جي لاءِ بهتر نه ٿيا ته ان جي مخالفت ڪئي ويندي.