سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
حڪومت مدو پورو نه ڪري سگهندي، وفاق ۾ انڊر 14 ٽيم کيڏي رهي آهي، جيڪا پاڻ اپوزيشن پئي ڪري: آصف زرداري

خيرپور/ڪنب/ڪوٽڏيجي  (نمائندن وٽان)  اڳوڻي صدر پاڪستان ۽ پيپلزپارٽي جي ڪوچيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته هن وقت وفاقي حڪومت ۾ انڊر-14 ٽيم کيڏي رهي آهي ۽ اپوزيشن وارو ڪم حڪومت پاڻ پئي ڪري، ڪمزورين باوجود جمهوريت وري به بهتر آهي. ڪوٽڏجي ويجهو ڳوٺ نواب خان وساڻ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جي رهائشگاهه تي ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته منظور وساڻ سان هن علائقي جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي ۽ هو وزيراعليٰ کي علائقي جا مسئلا حل ڪرڻ جو چوندو، جڏهن ته منظور وساڻ خواب ڏٺو آهي ته عمران خان حڪومت مدو پورو نه ڪندي. هن چيو ته هن وقت انڊر-14 ٽيم کيڏي رهي آهي ڏسئون ته ڇا ڪري ٿي ڇا نٿي ڪري، في الحال ته 80 ڏينهن گذريا  آهن 6 مهينا به نه گذريا آهن پر شروعات ۾ ئي حڪومت اپوزيشن وارو ڪم پئي ڪري مون اسيمبلي ۾ به کين چيو ته اپوزيشن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏيو اوهان حڪومت جيان ڳالهايو. هن چيو ته اسانکي ميان حڪومت تي به اعتراض هيو ۽ هن تي به، اُهي به ٺاهه تحت آيا هئا ۽ هي به ٺاهه تحت آيا آهن. آصف علي زرداري چيو ته ڀاشا ڊيم جي فزيبلٽي پ پ حڪومت ڏني هئي ۽ اسين ماڻهن کي زمينن جا معاوضا به ڏنا، پر اصل اشو پاڻي جي حفاظت جو آهي ته جيئن في ايڪڙ جي حساب سان هڪ لک 40 هزار گيلن پاڻي آبادگارن کي ضرورت مطابق پاڻي ڏئي سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته يوٽرن حڪومت پاران تيل گئس جا اگهه وڌڻ سبب هر شيءِ جي قيمت ٻيڻي ٿي وئي آهي جنهنڪري عوام سخت پريشان آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته موجوده حالتن ۾ ڪوبه بيوروڪريٽ ڪم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي. مريم نواز کي رليف ملڻ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت وارا حالتن کي ٿڌو ڪرڻ گهرن ٿا، جڏهن ته نئين ۽ پراڻي پاڪستان جو موازنو صحافين کي ڪرڻ گهرجي. اين آر او بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ آصف علي زرداري چيو ته حڪومت ڪجهه ڏينهن اڳ ملڪ خلاف ڳالهائيندڙن ۽ الزام لڳائيندڙن سان اين آر او ڪري کين ڇوٽ ڏني آهي ۽ هزارين غريبن کي پڪڙيو پيو وڃي، جن خلاف ڳالهايو ۽ الزام لڳايا انهن سان اين آر او ڪيو ويو. هن چيو ته پرڏيهي قرضن تي ڀاڙڻ بدران ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط بڻايو وڃي ته جيئن پرڏيهي ادارن ڏانهن وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوي. آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ته هميشه صوبي جي عوام کي رليف ڏيندي رهي  آهي ۽ ٿر جي عوام کي به رليف ڏنو پيو وڃي، تنهن هوندي به وفاقي حڪومت سنڌ کي قسطون ڏئي ته اُن جي مهرباني، فيڊريشن هميشه سنڌ جي بجيٽ ۾ ڪٽ لڳائيندي رهي آهي. ان موقعي تي اڳوڻو صوبائي وزير منظور حسين وساڻ،  ايم پي اي منورعلي  وساڻ،بيرسٽر  هالار خان وساڻ، وڏي وزير جو اوايس ڊي نواب وساڻ ضلعي چيئرمين شهريار وساڻ  ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.