سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
برطانيا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي لاءِ پروٽوڪول ۽ ٽيڪس بابت پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري

اسلام آباد ( بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا برطانيا ۽ پاڪستان ۾ قيدين جي مٽاسٽا جي لاءِ پروٽوڪول، ٽيڪس بابت پاليسي جوڙڻ جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي جڏهن ته اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي گذريل مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جو پئڪيج ڏٺو وڃي، سڀني کي مڪ مڪا جي عادت ٿي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان مڪ مڪا ڪري نه کيڏندو، مخالف ڌر کي ان ڳالهه جي تڪليف آهي ته انهن جا ڪيس ختم ڪيا وڃن، (ن) ليگ جو شهباز شريف کي پي اي سي جي سربراهي ڏيڻ جو مطالبو ايترو ئي غيراخلاقي آهي جيترو انهن جون 5 سالن جون حرڪتون آهن، ڪهڙي اصول تي شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ جي پراجيڪٽ جي آڊٽ ڪندو، آسيه بي بي جي ٻاهرئين ملڪ رواني ٿيڻ جي حوالي سان غيرذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي وئي ۽ خبرون ٺاهيون ويون، اسان جائزو وٺي رهيا آهيون ان تي ڪهڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهڙي طرح جي رپورٽنگ جي نتيجي ۾ جان ۽ مال جو خطرو ٿي سگهيو پئي. پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي، ڪنهن جي چوڻ تي ڪجهه نه ڪندو، وفاقي ڪابينا احمد نواز سکيرا کي سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ، لبرٽي ايئرلائين کي چارٽرڊ اڏامن جي لاءِ لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو ته آسيه بي بي جي ٻاهرئين ملڪ رواني ٿيڻ جي حوالي سان غيرذميواراڻي رپورٽنگ ڪئي وئي ۽ خبرون ٺاهيون ويون، اسان جائزو وٺي رهيا آهيون ان تي ڪهڙي ڪارروائي ٿيڻ گهرجي، اهڙي طرح جي رپورٽنگ جي نتيجي ۾ جان ۽ مال جو خطرو ٿي سگهيو پئي. پاڪستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي، ڪنهن جي چوڻ تي ڪجهه نه ڪندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گذريل مخالف ڌر اڳواڻ جي لاءِ وفاقي حڪومت جو پئڪيج ڏٺو وڃي، سڀني کي مڪ مڪا جي عادت ٿي وئي آهي، وزيراعظم عمران خان مڪ مڪا ڪري نه کيڏندو، مخالف ڌر کي ان ڳالهه جي تڪليف آهي ته انهن جا ڪيس ختم ڪيا وڃن. هن چيو ته پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي صدارت جي معاملي تي ڊيڊ لاڪ برقرار آهي، (ن) ليگ جو شهباز شريف کي پي اي سي جي سربراهي ڏيڻ جو مطالبو ايترو ئي غيراخلاقي آهي جيترو انهن جون 5 سالن جون حرڪتون آهن، ڪهڙي اصول تي شهباز شريف پنهنجي ڀاءُ جي پراجيڪٽ جي آڊٽ ڪندو، اسان چئي رهيا آهيون ته پنهنجي آڊٽ اسان کي ڪرڻ ڏيو ۽ اسان جي توهان ڪري وٺو. هڪ سوال جي جواب ۾ فواد چوڌري چيو ته اعظم سواتي کي عهدي تان نه پيو هٽايو وڃي. هن چيو ته اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي اربين رپين جي ملڪيت آهي ان لاءِ اويڪيو ٽرسٽ بورڊ جي نئين سر تنظيم سازي جو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته وفاقي ڪابينا فيصلو ڪيو آهي ته احمد نواز سکيرا سيڙپڪاري بورڊ جو سيڪريٽري هوندو، لبرٽي ايئرلائين کي لائيسنس جاري ڪرڻ ۽ ايس اي سي پي جو نئون بورڊ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا جي فيصلن تي عملدرآمد جي لاءِ حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي، ڪابينا 120 فيصلا ڪيا جن مان 72 تي مڪمل عملدرآمد ٿيو ۽ رڳو 4 فيصلا اهڙا آهن جن تي 72 ڏينهن گذري وڃڻ جي باوجود عمل ناهي ٿيو، ڪابينا لاڳاپيل وزارتن کي انهن تي فوري عملدرآمد جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته وزيراعظم جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، چين جي ان دوري جو مثال پاڪستان جي تاريخ ۾ نه ٿو ملي، ان دوري جا مڪمل تفصيل سامهون رکنداسين، چين جي دوري سان ادائيگين جي توازن جي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ملي آهي.