سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
شعيب ملڪ ون ڊي ڪيريئر ۾ 19 سال مڪمل ڪرڻ وارو چوٿون ڪرڪيٽر بڻجي ويو

لاهور(اسپورٽس نيوز) شعيب ملڪ ون ڊي ڪيريئر کي 19 سال مڪمل ڪرڻ وارو دنيا جو چوٿو ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي. شعيب ملڪ ون ڊي ڪيريئر ۾ 19 سال مڪمل ڪري ورتا آهن. هو دنيا جو چوٿو ڪرڪيٽر بڻجي ويو آهي. ان کان پهريان سچن ٽنڊولڪر 23، جي سوريا 21، جاويد ميانداد 20 سالن تائين انٽرنيشنل ميچن ۾ ميدانن تي راج ڪندو رهيو. پاڪستان آل رائونڊر چوٿي ڊگهي ڪيريئر جو رڪارڊ پنهنجي نالي ڪرايو آهي. هڪ ڏينهن جي مقابلي ۾ ڊيبيو آڪٽوبر 1999۾ ويسٽ انڊيز خلاف شارجه ۾ ڪيو هو. نيوزي لينڊ خلاف گذريل ڏينهن کيڏي ويندڙ ميچ شعيب جي ڪيريئر جو 272 هون مقابلو هو.