سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
ڪراچي جي صدر ۾ قبضن ۽ حددخلين خلاف 3 ڏينهن به آپريشن، عملي تي حملو ، هزارين دڪان پٽ

ڪراچي (بيورو رپورٽ)  صدر ۽ ان جي آس پاس جي علائقن ۾ قبضن ۽ حد دخلين خلاف 3 ڏينهن به آپريشن جاري رهيو، قبضا خورن پاران قبضا هٽائيندڙ عملي تي حملو، رپورٽ مطابق سپريم ڪورٽ پاران ڏنل حڪم مطابق صدر ۽ ايمپريس مارڪيٽ جي چوڌاري حد دخلين خلاف آپريشن 3 ڏينهن به جاري آهي . جنهن ۾ ڪي ايم سي حد دخليون ختم ڪرڻ واري سيل سميت ٻيا محڪما به حصو وٺي رهيا آهن. جڏهن ته ان موقعي تي امن امان جي صورتحال کي قابو ۾ رکڻ لاء پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري موجود آهي.عهديدارن موجب ايمپريس مارڪيٽ ۽ گڏ لڳيل علائقن مان حد دخلين کي ڌايو پيو وڃي. عهديدارن موجب ايمپريس مارڪيٽ ۽ صدر ۾ حد دخلين کي ختم ڪيو ويندو . صدر ۾ هڪ هزار کان وڌيڪ دڪان حد دخلين جي زمري ۾ اچن ٿيون.ٻي پاسي ٽريفڪ پوليس کي به هدايت جاري ڪئي وئي آهي ته ڪيپري سينيما تان صدر ڏي ايندڙ  رستي کي هيوي ٽريفڪ لاء بند ڪيو وڃي. هيوي ٽريفڪ کي ايم اي جناح روڊ تبت سينٽر ۽ ٽاور واري پاسي اماڻيو پيو وڃي.ٽريفڪ پوليس موجب پي پي چورنگي کان ڪوريڊور ٿري ۽ صدر صدر ايندڙ روڊ به ٽريفڪ لاء بند ڪئي وئي آهي . پي پي چورنگي تان ٽريفڪ کي ايم اي جناح روڊ تي امانيو پيو وڃي. جڏهن ته ريگل تا صدر ويندڙ رستو به ٽريفڪ لاء بند ڪيو ويو آهي.۽ اتان جي ٽريفڪ کي تبت سينٽر موڪليو پيو وڃي ٻئي طرف ڪي ايم سي اينڪروچمينٽ جي ورڪرن پاران سوشل ميڊيا تي بيان ۾ ميونسپل ڪمشنر ۽ سينيئر ڊائريڪٽر بشير صديقي تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي ۽ اختيارين کي اپيل ڪئي آهي ته اسٽاف کي سخت سيڪيورٽي ڏني وڃي.