سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
غريب عوام جي خدمت ڪرڻ اگر گناهه آهي ته اهو گناهه ڪندو رهندس: آصف زرداري

ڪوٽڏيجي ( رپورٽ شاھد عزيز ڳاھو) اڳوڻو صدر آصف علي زرداري،  وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ نواب وساڻ ۾ اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جي دعوت تي وساڻ ھائوس ڪوٽڏيجي پھتا سيڪورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا ان کان اڳ فيض گنج تعلقي جي ڳوٺ خوش خير محمد ھيسباڻي فقير پھچي فقير بخت علي جلالاڻي جي دعوت م شرڪت ڪئي ان موقعي تي تقريب کي مختصر  خطاب ڪندي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو تہ شھيدن جي مشن تي ھلندي عوام جي خدمت ڪري رھيا آھيون، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، شھيد بي بي بينظير ڀٽو غريب ھارين، مزدورن شاگردن ٽوپي پٽڪي وارن جي حقن خاطر وڙھندي شھادت جو جام پيتو اسين بہ سندن سياسي مريد آھيون شھيدن جي مشن کي پوري ڪرڻ لاء جان ڏيڻ کان نہ گھٻرائینداسون، پ پ پ جون ملڪ جھموريت جي بقا خاطر لازوال قربانيون ڏنل آھن پ پ پ ملڪ جي واحد سياسي جماعت آھي جنھن جي قائدین ملڪ دشمن قوتن سان ويڙھ ڪندي جانين جا نذرانا ڏنا آھن اسان شھيدن جي نقش قدم تي ھلندي انسان ذات جي خدمت ڪندا رھنداسون آصف علي زرداري چيو تہ غريب عوام جي خدمت ڪرڻ اگر گناھ آھي تہ اھو گناھ ڪندو رھندس، فيض گنج تعلقي جي ماڻھن کي سئي گئس جي سھولت ڏياري ويندي ان موقعي تي تقريب کي مختصر خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو تہ خيرپور جو عوام بھادر، دلير آھي ھتان جي ماڻھن ھميشہ آمريت سان ويڙھ ڪري پاڻ ملھايو آھي مراد علي شاھ چيو تہ خيرپور پ پ پ جو ڳڙھ آھي ھتان جي ماڻھن کي روزگار ڏيڻ سان گڏ سندن مسئلا پڻ ترجيحي بنيادن تي حل ڪيا ويندا، وڏي وزير چيو تہ رورل ھيلٿ سينٽر فيض گنج کي اپ گريڊ ڪري تعلقہ اسپتال جو درجو ڏنو ويندو، سنڌ حڪومت تعليم ء صحت جي معاملي م ڪابہ ڪوتاھي برداش نہ ڪندي تعليم، صحت جي فروغ لاء رات ڏينھن ايمرجنسي بنيادن تي جاکوڙي رھيا آھيون تقريب دوران اڳوڻو وڏو وزير سيد قائم علی شاھ، اڳوڻو ايم اين اي، وڏي وزير جو خاص معاون نواب علي وساڻ، پير فضل علي شاھ، نعيم احمد کرل، سميت پ پ پ جا اھم اڳواڻ ساڻن گڏ ھئا ھوڏانھن اڳوڻو صدر آصف علي زرداري، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاھ ء ٻيا پ پ پ اڳواڻ شيراز شوڪت علي راڄپر جي تڏي تي پھتا ساڻس ماروٽ جي وفات تي پڻ ھٿ فاتح ڪئي، بعد م گاڏين جي ڊگھي جلوس م آصف علي زرداري، سيد مراد علي شاھ جن ڪوٽڏيجي جي ڳوٺ نواب علي وساڻ پھتا جتي اڳوڻي صوبائي وزير منظور حسين وساڻ جي دعوت م شرڪت ڪري رات جي ماني پڻ کاڌي ان موقعي تي  منظور حسين وساڻ، نواب علي وساڻ جن سان سياسي، ملڪي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ايم پي اي منور علي وساڻ، شھريار علي وساڻ، طارق عزیز ڳاھو سميت ڪوٽڏيجي جا پ پ پ جيالا ڀٽو جا پروانہ پڻ موجود ھئا  جڏھن تہ سيڪورٽي جي انتظام پڻ انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا