سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
شام ۽ يمن پراڪسي وار سبب متاثر آهن، پاڪستان به ان جي ور چڙهي پيو: پرڏيهي وزير

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته يمن جي مسئلي تي وزيراعظم ٽياڪڙي ڪرڻ ٿو چاهي، شام ۽ يمن پراڪسي وار سبب متاثر آهن، پاڪستان به ان جي ور چڙهي رهيو آهي، سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ وڇوٽيون هيون، جيڪي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته چين جو دورو به ڪامياب رهيو. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ميمبرن سعودي عرب ۽ چين جي دوري جو ذڪر ڪيو، اطمينان رکو، انهن دورن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ٿي، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچڻ جو انديشو هجي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ ڪجهه غلط فهمين جنم ورتو هو، جيڪي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين، سعودي عرب جيڪو پيڪيج جو واعدو ڪيو آهي ان سان معيشت بيهي رهي، رياض حڪومت وڏي رعايت ڏني آهي. چين جي دوري تي ڳالهائيندي هن چيو ته دورو ڏاڍو فائديمند هو، بيجنگ حڪومت کان وڌيڪ گهرائي پيدا ڪئي وئي آهي، ڏسڻو هو ته اسٽريٽجڪ لاڳاپا برقرار ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڪيئن ڏيڻي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جو اوڀر ۽ اولهه ۾ ڀارت ڏانهن پيغام وڃڻ لازمي هو، اسان ٻه فيصلا ڪيا، ڊسمبر ۾ ڪابل ۾ ٽي ملڪي ڳالهيون ٿينديون، ڪابل ڳالهين ۾ چين، پاڪستان ۽ افغانستان هوندا. سندس چوڻ هو ته اڄ جيڪا ڇڪتاڻ ايران ۽ سعودي عرب وچ ۾ آهي ان جو مثال نٿو ملي، يمن ۽ شام تڪرار سڄي خطي ۽ پاڪستان کي ڪيئن متاثر ڪري سگهي ٿو، اها توهان کي به خبر آهي، رياض سمٽ جي ايجنڊي سان ايران مخالف پهلو اجاڳر ٿيندو آهي، روس به پنهنجي پاڻ کي ٻيهر آڻي رهيو آهي ۽ شام ۾ ان جي موجودگي ڳجهي ناهي. هن چيو ته آمريڪا ايران سان معاهدي تان هٿ کنيو، جنهن جو ايران جي استحڪام تي اثر پوندو ۽ ايران پاڪستان گئس پائپ لائن تي اسان مٿان ڪرڙي نظر رکي ويندي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته يمن جي صورتحال ۾ پاڪستان جو ڇا ڪردار هجڻ گهرجي؟ يمن تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙي ڏانهن اشارو ڏنو ويو، يمن جي صورتحال تي پاڪستان جو ڪردار هجڻ گهرجي يا نه؟ پرڏيهي پاليسي ۾ جيستائين ممڪن ٿي سگهي قومي اتفاق راءِ هجڻ گهرجي، عمران خان چيو مان چاهيان ٿو ته يمن ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيان، نواز شريف به ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪئي هئي پر کيس ڪاميابي نه ملي.