سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
آسيه جو نالو جرم ثابت تائين اي سي ايل ۾ نه وجهبو:شهريار آفريدي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته حڪومت سپريم ڪورت جي  فيصلي تي عمل ڪندي ۽ جيستائين آسيا بي بي کي ڏوهي قرار نه ٿو ڏنو وڃي ان وقت تائي نالو اي سي ايل ۾ نه ٿا وجهي سگهون. پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو جي دوران گهرو معاملن بابت مملڪتي وزير شهريار آفريدي ملڪ ۾ هاڻوڪي احتجاج تي ڳالهائيندي چيو ته ان ۾ هڪ اهي ماڻهو هئا جيڪي پنهنجي ذاتي مفاد ۽ ايجنڊا وسيلي بغض پورو ڪرڻ جي لاءِ ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا هئا. هن چيو ته معاهدي ۾ شامل تحريڪ لبيڪ جي ميمبرن کي جڏهن ان جو ٻڌايو ويو ۽ فوٽيجز ڏيکاريون ويون ته هنن ان کي پنهنجي پارٽي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. مملڪتي وزير جو چوڻ هو ته قانون تي جڏهن ڪو سوديبازي ڪندو ته پوءِ اهو بنانا رياست هوندي، جيڪي به گرفتاريون ٿيون انهن کي قانوني طريقي سان ٽريٽ ڪيو ويندو، باور ڪريان ٿو ته قانون جي حڪمراني تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي، جيڪو قانون ٽوڙيندو يا ان کي چيلينج ڪندو وزيراعظم ۽ ٻين اختيارين جو واضح موقف آهي ان تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي. آسيا بي بي جو نالو ايگزٽ ڪنٽرول لسٽ ۾ وجهڻ بابت شهريار آفريدي چيو ته سپريم ڪورٽ جيڪو فيصلو ڏيندي حڪومت ان تي عمل ڪندي، جيستائين ڪو ڏوهي نه هوندو ڪيئن اي سي ايل ۾ نالو وجهون؟ سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.