سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
سپريم ڪورٽ کي قانونن ۽ رياستي ادارن جي فيصلن تي جائزي جو اختيار آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ کي قانونن ۽ رياستي ادارن جي فيصلن تي جائزو وٺڻ جو اختيار حاصل آهي، سپريم ڪورٽ ۾ نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس جي وفد چيف جسٽس سان ملاقات ڪئي، ان موقعي تي چيف جسٽي چيو ته رياست جي ٽن ٿنڀبن جو ڪردار انتهائي اهم آهي، وقت سر ۽ سستي انصاف جي فراهيم لاءِ قانونن ۾ جدت آڻڻ ضروري آهي، پراڻن قانونن کي جديد گهرجن موجب شامل ڪرڻ جي ضرورت آهي.