سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
ٽرمپ اعتماد وڃائي ويٺو، آمريڪي مڊٽرم چونڊن ۾ ڊيموڪريٽس ايوان نمائندگان ۾ ڪامياب، حڪمران ڌر سينيٽ ۾ سوڀاري

واشنگٽن (م ڊ) آمريڪا ۾ مڊ ٽرم اليڪشن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ سندس پارٽي کي ري پبليڪن پارٽي کي وڏو جهٽڪو لڳو آهي ڇو ته ڊيموڪريٽس کي نمايان ڪامياب حاصل ٿي آهي. آمريڪا ۾ وچ مدي وارين چونڊن جا نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا آهن، آمريڪي عوام جي اڪثريت صدر ٽرمپ جون پاليسيون رد ڪندي ڊيموڪريٽ پارٽي کي ووٽ ڏنا جنهن ايوان نمائندگان ۾ اڪثريت حاصل ڪري ورتي آهي. ڊيموڪريٽس پارٽي ايوان نمائندگان ۾ ريپبليڪنز کان 26 سيٽون کسي ورتيون آهن ۽ ري پبليڪن جو اٺن سالن جو راڄ ختم ڪري پنهنجي حڪمراني قائم ڪري ورتي آهي. آمريڪي نشرياتي اداري سي اين اين موجب ايوان نمائندگان جي 435 سيٽن مان ڊيموڪريٽس 222 ۽ ريپلڪن 199 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن، جڏهن ته ايوان ۾ سادي اڪثريت حاصل ڪرڻ لاءِ ڪنهن به پارٽي کي 218 سيٽون گھربل هونديون آهن. اهڙي طرح سان سينيٽ جي 100 سيٽن مان حڪمران پارٽي ريپبلڪن 51 جڏهن ته ڊيموڪريٽس 45 سيٽون حاصل ڪري ورتيون آهن. گورنرز جي چونڊن ۾ 50 سيٽن مان 21 ريپبلڪن ۽ 18 ڊيموڪريٽس ماڻي ورتيون. جڏهن ته آمريڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو 3 مسلمان عورتون ايوان نمائندگان بڻجي ويون،  جن ۾ صوماليا جي پناهگير ڪٽنب سان تعلق رکندڙ الهان ، فلسطين ڄائي رشيده ۽ طالبان جي قيد مان ڀڄي نڪرندڙ ڪٽنب جي صفيه شامل آهن. پهريون ڀيرو آمريڪي ايوان  نمائندگان ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ صوماليا جي پناهگير ڪٽنب سان تعلق رکندڙ الهان عمر، فلسطين ڄائي رشيده طالب ۽ 1997ع  ۾ طالبان جي قيد مان ڀڄي نڪرندڙ ڪٽنب جي صفيه وزير شامل آهن. 37 ورهين جي الهان عمر جو تعلق صوماليا جي گادي واري شهر موغاديشو سان آهي جيڪا آمريڪي رياست منيسوٽا مان ڊيموڪريٽس پارٽي جي پارليامينٽ ميمبر چونڊجي پهرين صومالين آمريڪي قانوندان عورت بڻجي وئي آهي.  الهان صوماليا ڄائي آمريڪي شهري احمد حرثي سان شادي ڪئي آهي ۽ سندس 3 ٻار آهن. هن نارٿ ڊيڪوٽا جي اسٽيٽ يونيورسٽي مان سياست ۾ گريجوئيشن جي ڊگري حاصل ڪئي ان سان گڏوگڏ عوامي معاملن جو به مطالعو ڪيو. نيو همشائير مان چونڊيل 27 ورهين جي صفيه وزير پنهنجي ڪٽنب سان گڏ 1997ع ۾ ازبڪستان ۾ پناهه ورتي هئي، جتان اهو ڪٽنب آمريڪا منتقل ٿي ويو هو. ان وقت صفيه وزير 6 ورهين جي هئي، هاڻي اها ٻن بارمن جي ماءُ آهي. جڏهن ته رشيدا جو تعلق ڊريموڪريٽڪ پارٽي ۾ سوشلسٽ گروپ سان آهي ۽ هوءَ پنهنجي تڪ ۾ چڱي مقبول آهي.  هوءَ پهرئين جنوري 2009ع تي مشي گن اسيمبلي جي پرئين مسلمان عورت ميمبر چونڊي جڏهن ته آمريڪي تاريخ ۾ ڪنهن به قانونساز اداري جي ميمبر بڻجندڙ مسلمان عورت آهي. 2018ع ۾ هن مشي گن جي 13 هين ضلعي اسيمبلي ۾ ڊيموڪريٽ پارٽي جي نامزدگي حاصل ڪئي ۽ بنا مقابلي چونڊي.