سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
وفاقي حڪومت جو سنڌ سان ناانصافي ۽ حصي جو پورو پاڻي نه ملڻ جو اعتراف، نوازليگ چور ۽ ذميوار قرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا سنڌ سان نا انصافي ٿيڻ ۽ حصي جو پورو پاڻي نه ملڻ جو اعتراف ڪندي سنڌ جي حصي جي پاڻي چوري جو الزام مسلم ليگ ن تي هڻندي چيو آهي سنڌ کي رڳو ڪاغذن ۾ 1991ع جي معاهدي تحت اڻي ملي پيو پر حقيقت ۾ ائين نه آهي، سنڌ حڪومت سان گڏجي ان جي لاءِ قدم کڻنداسين، ٽيلي ميٽري سسٽم فعال ڪنداسين، پاڻي ماپڻ وارا اوزار به خراب آهن،  قومي اسيمبلي ۾ نواب يوسف ٽالپر ۽ ٻين جي 1991ع جي ٺاهه موجب سنڌ صوبي کي پاڻي جو جائز حصو فراهم نه ڪرڻ بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته پاڻي ماپڻ جي لاءِ عام اوزار آهن، ٽيلي ميٽر غيرفعال آهن. هن چيو ته سنڌ حڪومت سان گڏجي ٽيلي ميٽر هڻڻ ۽ انهن جي فعاليت لاءِ ڪم ڪنداسين. هن چيو ته ان معاملي کي جنگي بنيادن تي صوبائي حڪومت ۽ وڏي وزير سان گڏجي حل ڪنداسين. هن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي 58 سيڪڙو چوري ٿي رهيو آهي، 40 سيڪڙو ان ۾ چوري ۽ 18 سيڪڙو پئڪيج آهي، ڪراچي شهه رڳ آهي ۽ سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿي رهيو آهي، ان جا ذميوار ڪراچي جا اڳوڻا ٺيڪيدار به آهن. هن چيو ته ماضي ۾ سنڌ سان ظلم ۽ زيادتي ٿي، سنڌ حڪومت سان گڏجي معاملا حل ڪنداسين. وفاقي حڪومت هر ممڪن مدد ڪندي ۽ پاڻي جي معاهدي موجب پاڻي ورڇ ٿيندي، صوبائي حڪومت جو تعاون تمام شاندار آهي، اڳوڻي حڪومت 34 ڪروڙ رپيا ڏهاڙي خسارو ڏ.ئي وئي آهي ان جي ٿرڊ پارٽي آڊٽ ڪرائي ويندي. هن چيو ته ٽيلي ميٽرز کي ڄاڻي واڻي بند ڪيو ويو آهي ۽ پاڻي جي ورڇ معاهدي موجب نه ٿيڻ جي ڳالهه صحيح لڳي ٿي، ڪاغذن ۾ اهو لڳي ٿو ته پاڻي معاهدي تحت ملي رهيو آهي، سنڌ سان گڏوگڏ بلوچستان کي به محروم رکيو ويو آهي. فيصل واوڊا چيو ته جيڪي به تجويزون ڪنهن صوبي جي فائدي ۾ هجن انهن کي گڏ کڻي هلنداسين. ذوالفقار بچاڻي جي سوال جي جواب ۾ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير چيو ته ڪنهن به صوبي جي پاڻي جي چوري پڪڙڻ ۽ چورن جي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ان حوالي سان حڪمت عملي ٺاهي ويندي. خان محمد جمالي چيو ته آبپاشي کاتي سنڌ بلوچستان کيرٿر ڪينال مان بلوچستان جي پاڻي جي ڪوٽا گهٽ ڪري ڇڏي آهي. ارسا ان حوالي سان 1991ع جي معاهدي تي عملدرآمد نه ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن اسان جي پاڻي جو مسئلو حل نه ڪيو ويو ته اڳتي اسان جي فصلن کي نقصان ٿيندو ۽ اهو بلوچستان جي معاشي قتل جي برابر آهي. وفاقي وزير فيصل واوڊا چيو ته هو ان معاملي ۾ ذاتي دلچسپي وٺي مسئلو حل ڪرائيندو، بلوچستان جي ان مسئلي کي حل ڪيو ويندو.