سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
منهنجي ڪاميابي سان نالو ڪمائڻ جي خواشمند عورتن جو عزم جوان ٿيو آهي: ثنا مير

لاهور(اسپورٽس نيوز) ويمن ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ثنا مير چيو آهي ته منهنجي ڪاميابي سان راندين جي ميدان ۾ نالو ڪمائڻ جي خواشمند عورتن جو عزم جو وڌيڪ جوان ٿيو آهي. عالمي ون ڊي رينڪنگ ۾ پهرين نمبر جي پوزيشن تي قبضو ڄمائڻ واري بالر ثنا مير آئي سي سي کي ڏنل انٽرويو ۾ چيو آهي ته منهنجي هن ڪاميابيءِ سان راندين جي ميدانن ۾ نالو ڪمائڻ جي خواشمند عورتون  جي عزم وڌيڪ جوان ٿيو آهي، ان ۾ هڪ اميد جاڳي اٿي آهي ته جيڪڏهن محنت ڪئي وڃي ته ڪنهن به راند ۾ عروج حاصل ڪري سگهجي ٿو. منهنجي عالمي پوزيشن مان اهو ثابت ٿي ويو آهي محنت ۽ ڪوشش سان پاڪستان ويمن اسپورٽس ۾ به مقام حاصل ڪري سگهي ٿو.