سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت 14 سو 6 رپيا مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان****نوازليگ وزيراعظم عمران خان سميت حڪومتي ٽيم جي احتساب جو مطالبو ڪري ڇڏيو****آسيا کي پناهه ڏيڻ بابت پاڪستان سان رابطي ۾ آهيون: ڪئنيڊين وزيراعظم****حمزا ۽ سلمان شهباز جي اڪائونٽن مان مبينا ٽرانزيڪشن جو انڪشاف
مسٽر پرفيڪٽ عامر خان، ڪترينا ڪيف کي ”ايلين“ قرار ڏئي ڇڏيو

ممبئي(ڪلچرل نيوز)بالي ووڊ جي مسٽر پرفيڪٽ عامر خان ڪترينا ڪيف کي ايلين قرار ڏيندي چيو آهي ته هو ان سياري جي نٿي لڳي. مسٽر پرفيڪٽ عامر خان جي تعريف هر ڪوئي ڪندو آهي  پر هو به ٻين جي تعريف ڪرڻ ۾ ڪنهن کان گهٽ ناهي.عامر خان ”ثريا جان“ گاني ۾ ڪترينا جي رقص جي تعريف ڪندي چيو ته مونکي سمجهه نٿي اچي ته آخر ڪترينا ڪيف ايتري سٺي ڊانس ڪيئن ٿي ڪري، هن چيو ته مونکي ته هو هن سياري جي نٿي لڳي هو ايلين آهي، جڏهن مان ”ثريا جان“ گاني جي ڊانس اسٽيپس ڏٺي ته مونکي لڳو ڪترينا ڪيف هي نه ڪري سگهندي پر هن بهترين انداز ۾ رقص ڪيو ۽ هو گهڻي محنتي آهي. هو ان کان پهريان به اهڙن ڪيترن ئي موقعن تي ان جي تعريف ڪري چڪو آهي.