ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارين ۾ 90 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي

ڪراچي (بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت رينجرز جي اختيارين ۾ 90 ڏينهن جو واڌارو ڪندي اهڙونوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. رپورٽ مطابق سنڌ حڪومت پاران ڪراچي ۾ رينجرز جي خصوصي اختيارين ۾ ٽن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي. سنڌ جي گهرو کاتي نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، رينجرز جي خصوصي اختيارين ۾ وڌارو دهشتگردي جو انت آڻيندڙ ايڪٽ 1997 جي تحت ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت رينجرز جي خصوصي اختيارين ۾ واڌارو 18 آڪٽوبر 2018 کان 5 جنوري 2019 تائين ڪيو آهي. ياد رهي ته گهرو کاتي رينجرز جي اختيارين ۾ واڌاري جي سفارش ڪئي هئي.