ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر آهي، نفري جي کوٽ آهي، جلد ڀرتيون ڪنداسين: آءِ جي ڪليم امام

سکر(بيورو رپورٽ)سنڌ اندر امن امان جي صورتحال پهريان کان بهتر آهي، ڪراچي مان ٻارڙن جي گم ٿيڻ جو سبب ڪجهه گهريلو پريشانيون، رستو وسري وڃڻ ۽ خانداني دشمنيون آهن، جن جي ڳولها هلي پئي، سنڌ اندر بهترين پوليسنگ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ هڪ پلاننگ تحت ڪم ڪري رهيا آهيون، ڏوهارين خلاف ڌرتي تنگ ڪئي ويندي، پوليس صحافين سان بهترين تعلقات چاهي ٿي، چاهيون ٿا ته سنڌ جي رينجن ۾ آر پي اوز مقرر ڪجن ته جيئن سکر جو پوليس اهلڪار پنهنجن مسئلن لاءِ ڪراچي تائين سفر نه ڪري، سنڌ پوليس امن امان لاءِ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن سنڌ اندر مختلف پوليس مقابلن دوران 2000هزار جوان شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن جن کي جرئت کي سلام پيش ڪريون ٿا اهڙن خيالن جو اظهار آءِ جي سنڌ ڪليم امام ڊي آءِ جي آفيس سکر ۾ اعليٰ سطحي اجلاس بعد صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو هن چيو ته هر بيگناهه کي گهر جي دروازي تائين انصاف جي رسائي کي يقيني بڻايو ويندو، 2012ع ۽ 2013ع جي ڀيٽ ۾ امن امان جي صورتحال هاڻي وڌيڪ بهتر ٿي وئي آهي هن ٻڌايو ته اسان چاهيون ٿا ته سنڌ اندر پوليس ۾ ڀرتي لاءِ سڄي سال جو انتظار ڪرڻ بجاءِ ڀرتي سينٽرن ۾ گنجائش مطابق سڄو سال ڀرتيون ڪيون وڃن هن چيو ته ٽرينگ سينٽرن اندر آرمي وانگر ڪائونٽر قائم ڪيا ويندا، جتي نوجوان ڀرتين لاءِ ڪاغذ جمع ڪرائي سگهندا، هن ٻڌايو ته سنڌ ۾ ڀونگ عيوض اغوا سميت ٻين ڏوهي وارداتن ۾ گهٽتائي آئي آهي، هن چيو ته سکر جو ڊي آءِ جي ايماندار آفيسر آهي جنهن جي سربراهي ۾ سکر ڊويزن ۾ امن امان جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي وئي آهي، هن چيو ته نفري جي کوٽ هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڀرتيون ڪيون وينديون ۽ ڀرتي ٿيندڙ نوجوان کان سندس مرضي پڇا ڪري پوليس جي ان شعبي سان کيس ڳنڍيو ويندو هن چيو ته ماڊرن پوليس جاچ لاءِ فارينزڪ ليب جي رپورٽون لازمي هونديون آهن هڪ ليب هاڻي ڪراچي ۾ ڪم ڪري پئي باقي وڌيڪ ليبس قائم ڪيون وينديون هن چيو ته اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس ڪندڙ نوجوانن کي جيڪي به مسئلا پيش اچن ٿا انهن جي مڪمل نگراني ڪري تحقيق ڪئي ويندي ۽ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، هن چيو ته ٽريفڪ جو مسئلو سنڌ ۽ پاڪستان نه پر پوري دنيا جو مسئلو آهي گهڻي ڀاڱي فوتگيون دهشتگردي نه پر ٽريفڪ حادثن جي ڪري ٿينديون آهن، جنهن کي روڪڻ لاءِ ٽريفڪ پوليس ۽ نظام کي بهتر بڻايو ويندو هن چيو ته ٽريفڪ جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي جاڳرتا، انجنيئرنگ ۽ پوليس قانون تي عمل ڪرڻ آهي، جيڪڏهن سموريون شيون بهتر ٿي ويون ته ٽريفڪ جو مسئلو به حل ٿي ويندو، ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر اقبال دارا، ايس ايس پي سکر اسد رضا شاهه، ايس ايس پي خيرپور عمرطفيل، ايس ايس پي گهوٽڪي اعجاز ملهي سميت سکر ڊويزن جا ٻيا پوليس عملدار ۽ جوان پڻ موجود هئا.