ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
شهباز شريف جي گرفتاري خلاف ن ليگ ميمبرن جو پارليامينٽ هائوس آڏو ڌرڻو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽرن مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف جي گرفتاري خلاف حتجاج ڪندي پارليامنيٽ هائوس جي مرڪزي دروازي  تي ڌرڻو هنيو ۽ شهباز شريف جي گرفتاري جي مذمت ڪئي، قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر سردار اياز صادق شاهراه دستور تي 60 کان وڌيڪ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽ جي ميمبرن تي ٻڌل احتجاجي جلسي جي اڳواڻي ڪئي، ان موقعي تي سينيٽر مشاهد الله خان قومي اسيمبلي جي ميمبر رانا تنوير حسين، مريم اورنگزيب، ميان جاويد لطيف، عبدالرحمان ڪانجو، سينيٽر ليفٽننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، مشاهد حسين سيد سميت ٻين قومي اسيمبلي جي ميمبرن ۽ سينيٽ جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ رانا تنوير حسين چيو ته ميان شهباز شريف جي گرفتاري غير قانوني آهي اسان ان جي شديد مذمت ڪريون ٿا، پارليامينٽ جي ٻين ميمبرن به شهباز شريف جي گرفتاري تي شديد خدشن جو اظهار ڪندي حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ ان معاملي کي سياسي انتقام قرار ڏنو.