ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
پاڪستان ۽ برطانوي عسڪري قيادت وچ ۾ خطي ۽ گڏيل مفادن بابت ڳالهيون

راولپنڊي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي برطانوي چيف آف ڊفينس اسٽاف سان ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا سرڪاري دوري تي برطانيا ويل آهي، جتي هو برطانيا جي سول ۽ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. برطانيا جي بچاءَ واري وزارت موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. جنرل قمر جاويد باجوا برطانوي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل نڪ ڪارٽر سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي مفادن ۽ ترجيحن تي ڳالهه ڪئي وئي. ملاقات دوران ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ استحڪام سميت افغان حڪومت ۽ طالبان وچ ۾ امن ڳالهين تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.