ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
پرويز مشرف سومر تائين عدالت ۾ پيش ٿي وڃي کيس گرفتار نه ڪيو ويندو: چيف جسٽس

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته پرويز مشرف سومر تائين عدالت ۾ پيش ٿي وڃي کيس گرفتار نه ڪيو ويندو، پرويز مشرف عدالتي حڪم تي نه پر اڳئين حڪومت کيس ٻاهر موڪليو هو، چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ اين آر او ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ٻڌڻي دوران پرويز مشرف جي وڪيل اختر شاهه مشرف جي ميڊيڪل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته اها رپورٽ عوام آڏو نه آندي وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهڙا ڪيترائي مريض ته پاڪستان ۾ به هوندا جنهن تي پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته عدالتي حڪم تي پرويز مشرف اچڻ لاءِ تيار آهي پر صرف 2 گذارشون آهن ته پرويز مشرف جي ڊاڪٽرن کي ملڪ واپسي تي باقاعده ملڻ جي اجازت ڏني وڃي ۽ ان جو نالو اي سي ايل ۾ نه وڌو وڃي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف واپس اچي ۽ پنهنجو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست ڏي جنهن تي پرويز مشرف جي وڪيل چيو ته پرويز مشرف جو نالو اي سي ايل ۾ عدالتي حڪم تي وڌو ويو آهي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف عدالتي جي حڪمن تي سان ٻاهر ناهي ويو پر پرويز مشرف کي ٻاهرين ملڪ ان وقت جي حۡڪومت موڪليو، چيف جسٽس چيو ته پرويز مشرف ملڪ واپس اچي وڃي ۽ سومر تي عدالت ۾ پيش ٿئي کيس گرفتار نه ڪيو ويندو هو هتي اچي 342 جو بيان رڪارڊ ڪرائي اسان مڪمل سيڪيورٽي ۽ علاج جي سهولت ڏينداسين. جنهن تي چيف جسٽس چيو ته سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ 200 صفحا لکي چڪي آهي ان فيصلي کانپوءِ هاڻي هن ڪيس ۾ اسان ٻيو ڪهڙو حڪم ڏئي سگهون ٿا، سپريم ڪورٽ اين آر او ڪيس ۾ سمورا فائدا ختم ڪري چڪي آهي،