ڊيمن لاءِ ترت قدمن، پاڻي جو اگهه مقرر ڪرڻ ۽ انڊس بيس اٿارٽي جي قيام جون سفارشون****صحافي جي قتل ۾ ٽين قوت ملوث ٿي سگهي ٿي: صدر ٽرمپ****پاڪستان امن امان لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪري رهيو آهي: جنرل باجوه****نهال هاشمي تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ درخواست داخل، پيمرا جا نيوز چئنلن کي نوٽيس
سپريم جڊيشل ڪائونسل جي سفارش تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شوڪت عزيز صديقي برطرف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم جڊيشل ڪائونسل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينئر جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش ڪري ڇڏي، جنهن بعد صدر ڊاڪٽر عارف علوي سفارش تي هڪدم عمل ڪندي جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان برطرف ڪري ڇڏيو، واضح رهي ته ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي ۽ تقريب کي خطاب ڪندي اسٽيبلشمينٽ ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف ڳالهائڻ تي ريفرنس داخل ٿيڻ بعد ٻڌڻي ڪرڻ کانپوءِ سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي عهدي تان هٽائڻ جي سفارش صدر کي موڪلي هئي، جسٽس شوڪت عزيز صديقي جي خلاف اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ حساس اداري جي خلاف تقرير تي سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ ريفرنس داخل ڪيا ويا هئا، جنهن تي سپريم جڊيشل ڪائونسل جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي هٽائڻ جي سفارش ڪئي، اهڙو خط ملڻ کانپوءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 209 (6)، آرٽيڪل 48(1) تحت رولز آف بزنس جي سيريل نمبر 32 شيڊيول وي بي تحت جسٽس شوڪت عزيز صديقي کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مان فارغ ڪرڻ جو حڪم ڏنو. اهڙو نوٽيفڪيشن قانون واري وزارت جي سيڪريٽري جسٽس (ر) عبدالشڪور پراچا جي صحيح سان جاري ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف سپريم جوڊيشل ڪونسل جي سفارش تي برطرف ٿيل اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس شوڪت عزيز صديقي جو رد عمل سامهون آهي. جسٽس شوڪت صديقي جو چوڻ آهي ته سپريم جوڊيشل ڪونسل جو منهنجي برطرفي جي سفارش جو فيصلو غير متوقع ناهي هن چيو ته لڳ ڀڳ ٽي سال پهرين سرڪاري گهر جي مبينا آرائش جي نالي تي بي بنياد ريفرنس بڻايو ويو، سرڪاري گهر جي آرائش بابت ريفرنس مان ڪجهه به نه مليو ته خطاب کي جواز بڻايو ويو. جسٽس شوڪت عزيز صديقي وڌيڪ چيو ته منهنجي مطالبي ۽ سپريم ڪورٽ جي واضح فيصلي جي باوجود اهو ريفرنس کليل عدالت ۾ ناهي ٻڌو ويو. نه ئي منهنجي تقرير ۾ بيان ڪيل حقيقتن کي جانچڻ لاءِ ڪميشن بڻائي وئي. هن چيو ته پنهنجو تفصيلي موقف جلد ئي عوام جي سامهون رکنداسين.